پنجاب حڪومت پاران منظور ڪرايل بدناموسي وارو بل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

جُون 8, 2024

پنجاب حڪومت پاران منظور ڪرايل بدناموسي وارو بل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج، وقتي گورنر ملڪ احمد خان پاران صحيح ڪرڻ بعد تڪراري بل قانون بڻجي ويو، صحافي جعفر احمد يار ۽ شهري راجا رياض پاران تڪراري قانون خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بدناموسي واري آرڊيننس ۽ ايڪٽ جي موجودگي ۾ نئون قانون نه ٿو ٺهي سگهي، تڪراري قانون کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا، لاهور پريس ڪلب جي صدر ارشد انصاري بل کي قانون جو درجو ڏيڻ جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي به صحافين سان دوکو ڪيو، پيپلزپارٽي ظاهري طور صحافين سان گڏ هئي پر اندروني طور حڪومت سان مليل هئي، بل جي مخالفت ڪندڙ گورنر سردار سليم حيدر کي موڪل تي اماڻي وقتي گورنر کان بل تي صحيح ڪرائي وئي،  20 مئي تي اپوزيشن ۽ صحافتي تنظيمن جي سخت احتجاج باوجود پنجاب اسيمبلي مان بدناموسي وارو بل منظور ڪيو ويو هو، بدناموسي واري قانون تحت غلط خبر هلائيندڙ تي  30 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويندو، گورنر پنجاب سردار سليم حيدر بدناموسي واري بل کي مشاورت ۽ نظرثاني لاءِ واپس اسيمبلي ڏانهن موڪلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو، رات وقتي گورنر بل تي صحيح ڪري ڇڏي

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار