بحث، تڪرار، ذاتي حملا، الزام ۽ تنقيد جا تير: ڪملا، ٽرمپ کان صدارتي ٽاڪرو کٽي ورتو
سيپٽمبر 12, 2024
واشنگٽن(م ڊ) آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي اهم سرگرمي صدارتي اميدوارن وچ ۾ ٽي وي تي لائيو مباحثو ڪوڙ هڻندڙ، کل جوڳي، بيعزتي جي الزامن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس کٽي ورتو. ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ رڳو پنهنجو دفاع ڪندي ۽ ڪنڌ ڌوڻيندي نظر آيو. رپورٽن موجب آمريڪي صدارتي چونڊن جي پهرئين صدارتي مباحثي لاءِ اسٽيج تي اچڻ تي ٽرمپ ۽ ڪملا هٿ ملايو پر انهن ۾ گرمجوشي نه هئي. 90 منٽن جي مباحثي ۾ ڪملا هيرس ٽرمپ کي ذاتي حملا ڪري پريشان ڪري ڇڏيو جنهن سان گرماگرمي پيدا ٿي وئي. ڪملا ٽرمپ جي ماضي جي بيانن، مقرر ڪيل عهديدارن ۽ چونڊ ريلين جي سائيز تي سخت تنقيد ڪئي جواب ۾ ڪڏهن ٽرمپ ڏاڍيان ڳالهايو ته ڪڏهن ڪنڌ ڌوڻيندو رهيو. بي بي سي موجب اهو مباحثو ڪملا هيرس کٽي وئي. سي اين اين جي پول موجب ڪملا هيرس ٽرمپ کان گوءِ کڻي وئي. جڏهن ته آمريڪي سٽيبازن جي مارڪيٽ ۾ به ڪملا کي فاتح قرار ڏنو ويو. مباحثي بعد ڪملا جي چونڊ مهم جي انچارج جين اوميلي چيو ته ٽرمپ ڪاوڙيل ۽ مڇريل نظر آيو، هن ڪيترائي ڪوڙ ڳالهايا ۽ عوام جي مسئلن جي حل لاءِ ڪا حڪمت عملي نه ڏني. ٽرمپ جي چونڊ مهم جي ترجمان چيو ته ٽرمپ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري ڪاميابي ماڻي ڪملا رڳو بائيڊن جي اونداهين پاليسين کي جاري رکڻ چاهي ٿي. مباحثي ۾ ڳالهائيندي غزه جنگ بابت ڪملا هيرس چيو ته اسرائيل کي پنهنجي بچاءُ جو حق حاصل آهي پر هي جنگ طوري طور ختم ٿيڻ گهرجي. ٽرمپ چيو ته آئون صدر هجان ها ته هي تڪرار ٿئي ئي نه ها هيرس اسرائيل کان نفرت ٿي ڪري هو صدر ٿي وئي ته ٻن سالن اندر اسرائيل جو وجود ختم ٿي ويندو. هوءَ عربن کان به نفرت ڪري ٿي آئون غزه مسئلي کي تيزي سان منهن ڏيندس. ٻيهر چونڊيس ته روس يوڪرين جنگ به ختم ٿي ويندي. هيرس چيو ته توهان صدر هجو ها ته روس يوڪرين کي فتح ڪري ڪيف ۾ ويٺل هجي ها روسي صدر پيوٽن آمر آهي ۽ هو ٽرمپ کي مانجهاندي ۾ کائي ويندو. ٽرمپ چيو ته ناڪام ترين نائب صدر طور هيرس روس يوڪرين جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ڳالهين وسيلي روڪڻ ۾ ناڪام وئي. ٽرمپ چيو ته نائين مهيني ۾ ٻار ڪيرائڻ جي اجازت ڏيڻ چاهيان ٿو. هيرس چيو ته ٽرمپ سپريم ڪورٽ ۾ اهڙا 3 جج مقرر ڪيا جن ٻار ڪيرائڻ جو حق ڏيڻ وارو قانون ختم ڪري ڇڏيو. هي ارب پتي ماڻهن ۽ ڪمپنين کي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ چاهي ٿو. ٽرمپ چيو ته اسان ٻين ملڪن تي ٽيرف (ٽيڪس) مڙهينداسين چين کان به اهو اوڳاڙي رهيا آهيون، پرڏيهي ماڻهو آمريڪين جا پالتو ڪتا ۽ ٻيا جانور کائي رهيا آهن. هيرس چيو ته جنهن شخص تي قومي سلامتي، اقتصادي ۽ چونڊ مداخلت جهڙن ڏوهن جا ڪيس هلندڙ هجن ان جا ٻين تي الزام کل جوڳا آهن. ٽرمپ چيو ته مون تي ڪيس جعلي آهن. ڪملا چيو ته ٽرمپ جي صدارت دوران عالمي اڳواڻ هن تي کلندا هئا، هو ڪمزور ۽ غلط شخص آهي هن وقت هو تمام ڏئي دور ۾ آهي. ٽرمپ 2020ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلين جي الزام کي ورجايو ۽ چيو ته اسان جي قوم مري رهي آهي
ڪملا آمريڪين جون دليون کٽي ورتيون، ووٽ ڏئي کٽرائڻ جو اعلان
واشنگٽن: آمريڪا ۾ نيوٽرل يا اهي ووٽر جن اڃا ڪنهن به اميدوار کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي انهن به ڪملا هيرس کي فاتح قرار ڏنو آهي. سي اين اين جي رپورٽ موجب وڏي اڪثريت مباحثي ۾ ڪملا جي حمايت ڪئي. انهن جي اڪثريت ٽرمپ بدران هيرس کي ووٽ ڏيڻ جي حامي ڀري
ٽرمپ ۽ ڪملا سياسي جنگ ۾ پيوٽن جو نالو نه کڻن: ڪريملن ترجمان
ماسڪو(م ڊ) ڪريملن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪملا هيرس ۽ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سياسي جنگ ۾ صدر ولادي مير پيوٽن جو نالو استعمال نه ڪن، غير ملڪي ميڊيا رپورٽس موجب ڪريملن آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان سياسي بحث ۾ صدر پيوٽن کي فون ڪال تي يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ واري بيان تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي. هن جو جو وڌيڪ چوڻ هو ته پيوٽن جو نالو آمريڪا ۾ گهرو سياسي جدوجهد ۾ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪو اسان کي بلڪل پسند ناهي. ڪريملن ايران کان ميزائل وٺڻ جي رپورٽس کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته روس پنهنجي مفادن لاءِ ايران جهڙن ملڪن سان تعاون جاري رکندو
ڪملا جو پلڙو ڳرو ۽ ٽرمپ جي ڪارڪردگي تباهه ڪندڙ رهي: آمريڪي سينيئر صحافي
واشنگٽن: آمريڪا جي سينئر صحافي ڪرس ويليس به مباحثي ۾ ٽرمپ کي شڪست کاڌل قرار ڏنو. هن تبصري ۾ چيو ته بحث دوران ڪملا هيرس جو پلڙو ڳرو هو ۽ ٽرمپ جي ڪارڪردگي تباهه ڪندڙ رهي
فوجي عملدار اڳوڻي صدر ٽرمپ کي بيوقوف سمجهن ٿا!!
واشنگٽن: ڊيموڪريٽ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ کي 2020ع جي صدارتي چونڊن ۾ ملڪ جي 8 ڪروڙ 10 لک کان وڌيڪ ووٽرن گهر ڀيڙو ڪيو. کيس فوجي عملدار بيوقوف سمجهندا هئا