بلوچستان مان سنڌ ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اپريل 25, 2024

بلوچستان مان سنڌ ۾ هٿيار اسمگل ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدار 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي، جيڪب آباد جي مولا داد ٿاڻي جي پوليس گرفتار ڪيل اي ايس آءِ امتياز ڀيو، اهلڪارن بقاءُ الله ۽ ثناءُ الله سميت 7 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪيمپ آفيس جيڪب آباد ۾ پيش ڪيو، پوليس پاران 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا، عدالت 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي منظوري ڏني، شڪارپور پوليس جي گرفتار ڪيل اي ايس آءِ امتياز ڀيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان خراب ٿيل موبائيل ٺهرائڻ آيا هئاسي، جيڪب آباد پوليس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو آهي، ويگو گاڏي مان هٿ آيل هٿيارن سان اسان جو ڪو به تعلق نه آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه هٿيارن جي اسمگلنگ واري ڪيس ۾ ملوث هئڻ جا الزام لڳڻ بعد صوبائي صلاحڪار بابل ڀيو پاران ڏنل استعيفيٰ منظور ڪري ورتي، ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪب آباد ۾ هڪ ويگو گاڏي ۽ شڪارپور پوليس جي موبائيل مان وڏي انگ ۾ هٿيار مليا هئا، پوليس موبائيل مبينا طور صوبائي صلاحڪار جي سڪيورٽي اسڪواڊ ۾ شامل هئي، بابل ڀيو معاملي ۾ ملوث هئڻ جي ترديد ڪندي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار