آرمي چيف جنرل عاصم منير جو علائقائي استحڪام بابت پاڪ برطانيا ڪانفرنس کي خطاب

مَي 1, 2024

آرمي چيف جنرل عاصم منير جو علائقائي استحڪام بابت پاڪ برطانيا ڪانفرنس کي خطاب، نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد ۾ ٿيل ڪانفرنس کي برطانوي چيف آف جنرل اسٽاف سر پيٽرڪ سينڊرز به خطاب ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب برطانيا جو نامزد نئون فوجي سربراهه رولينڊ واڪر به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو، ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ برطانيا جو 30 رڪني وفد 29 اپريل کان 3 مئي تائين پاڪستان جي دوري تي آيل آهي، ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير برطانيا جي هاڻوڪي ۽ نامزد ڪيل نئين چيف آف جنرل اسٽاف سان ملاقاتون به ڪيون، ملاقاتن دوران ٻطرفي دلچسپي ۽ سهڪار وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير نئين نامزد برطانوي فوج جي نامزد نئين سربراهه کي نامزدگي تي واڌايون به ڏنيون

Leave A Comment