آرمي چيف سنڌ سوڌو ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز ڏني آهي: صنعتڪار عقيل ڪريم ڊيڊي جي دعويٰ
سيپٽمبر 30, 2024
ڪراچي (م ڊ) آرمي چيف جنرل عاصم منير نوان صوبا ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، ڪراچي ۾ واپارين سان ملاقات دوران آرمي چيف اهڙي تجويز ڏني
نجي ٽي وي چينل سماء نيوز موجب ڪاروباري شخصيت عقيل ڪريم ڪنڊي تصديق ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جو چوڻ هو ته صوبن جي پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي نوان حصا ٺاهي سگهن ٿا، سنڌ پنهنجي جاءِ تي رهندي ان سان گڏ ناردرن، سدرن، ويسٽرن جڙي ويندو، آرمي چيف پنجاب جا به 6 حصا ٺاهڻ جي تجويز ڏني، آرمي چيف واپارين کي عوام ۽ سياستدانن سان ڳالهائڻ جو به چيو، واپارين آرمي چيف جي تجويز سان اتفاق ڪيو آهي
عقيل ڪريم ڊيڊي چيو ته آرمي چيف صوبن جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ۾ ۽ انڊيا ۾ فرق ڪهڙو آهي، انڊيا صوبا ٺاهيا ۽ اسان صوبا وڌايا ناهن، ناردرن سنڌ، سدرن سنڌ، ناردرن پنجاب، سدرن پنجاب، ناردن خيبرپختونخوا، سدرن خيبرپختونخوا، ان طرح اسان صوبا ٺاهيون ته جيئن ڪنهن کي ڪو مسئلو به نه ٿئي، سنڌ پنهنجي جاءِ تي رهندي ان سان ناردرن، سدرن جڙي ويندو
عقيل ڪريم ڊيڊي چيو ته آرمي چيف اسان کي چيو ته اسان به ڳالهايون ٿا اوهان به ماڻهن سان ڳالهايو سياستدانن کي به ڳالهين ۾ شامل ڪريو، اهو تمام ضروري آهي
عقيل ڪريم ڊيڊي موجب آرمي چيف چيو ته جيستائين صوبا ننڍا نه ٿيندا مسئلا حل نه ٿيندا، هن چيو ته اسلام آباد جيئن پنجاب جو حصو آهي، اسلام آباد ڪافي بهتر آهي، ايئن ننڍا شهر هجن، آرمي چيف پنجاب کي 6 حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته ڳالهين سان اهڙو ڪم ٿئي ٿو ته ماڻهن جو فائدو ٿيندو
عقيل ڪريم ڊيڊي موجب آرمي چيف جي تجويز سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. عقيل ڪريم ڊيڊي چيو ته ايمنسٽي اسڪيم ڏني وڃي ته 20 کان 25 ارب ڊالر ملڪ ۾ واپس اچي سگهن ٿا