آرمي چيف کي خط لکي ٻڌائيندس ته ڪشمير ۾ ڇا پيو ٿئي، فوج کي عوام جي سامهون ناهي آڻبو: عمران خان

مَي 18, 2024

راولپنڊي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي  باني ۽ ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم چيو آهي ته هو ذاتي سببن جي ڪري نه پر ملڪ لاءِ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير کي خط لکندو

عمران خان  وڌيڪ چيو ته آرمي چيف کي ٻڌائيندو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ اسان کي ملڪ بابت سوچڻ گهرجي، فوج ۽ عوام کي آمهون سامهون نه اچڻ گهرجي. ذريعن موجب راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن فارم 47 جو فائدو کڻندڙن کان سوال ڪيو وڃي ٿو ته اهي ججز ۽ ميڊيا تي دٻاءُ وجهڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا

هن چيو ته صدر، وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ پنجاب ڪوڙ تي ويٺا آهن، فارم 47 جو بينيفشري گورنر خيبرپختونخوا علي امين گنڊاپور تي ذاتي حملا ڪري رهيو آهي، فارم 47 جا بينيفشري ئي جسٽس بابر ستار تي لفظي حملا ڪري رهيا آهن ۽ هن وقت سڀ ڪوشش ڪري رهيا آهن ته هٿرادو جمهوريت کي هلائي سگهجي

عمران خان چيو ته اسان ايجنسين جي دٻاءَ کان بچڻ لاءِ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جون حڪومتون ٽوڙي ڇڏيون، نگران وزيراعظم جي بيان کانپوءِ هن حڪومت وٽ ڪهڙو جواز آهي؟ ڪاڪڙ حنيف عباسي کي طعنو ڏئي شهباز شريف کي پيغام موڪليو

پي ٽي آءِ جي باني چيو ته چيف جسٽس هڪ دبنگ ماڻهو آهي، بلوچستان ۾ ڪنٽرولڊ حڪومت ٺاهي وئي، جنهن سان آزادي جي تحريڪ وڌيڪ تيز ٿي رهي آهي، اسان جو اهو سوال آهي ته اسان جي 9 مئي ۽ 8 فيبروري جي حوالي سان پٽينشننز کي ڇو نه پيو ٻڌو وڃي؟ اسان جو ٽرائل به نواز شريف ۽ آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني جيان هلايو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ منهنجي پيشي کي لائيو نه ڏيکاريو ويو

هن چيو ته آئون سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي تي ڳالهائڻ جو منتظر آهيان. اميد آهي ته ايندڙ پيشي نشر ڪئي ويندي. هن چيو ته پرويز الاهي ۽ شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪندا ته جيل جا در کلي ويندا، انهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪريون جن وٽ پاور ئي ناهي

پي ٽي آءِ جي باني وڌيڪ چيو ته جج ابوالحسنات ۽ جج قدرت الله خلاف بدانتظامي تي ريفرنس داخل ڪرڻ جو چيو ويو آهي

Leave A Comment