فوج سوڌو هر اداري ۾ ايڪسٽينشن غلط آهي، اسان به چونداسين پارليامينٽ جو مدو وڌايو: مولانا فضل الرحمان

سيپٽمبر 13, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جي يو آءِ ف سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ايڪسٽينشن فوج سميت هر اداري ۾ غلط آهي جيڪڏهن حق آهي ته پارليامينٽ کي به ايڪسٽينشن جو حق آهي، اسان کي ياد آهي ته ڪيئن هٿ مروڙي هڪ آرمي چيف جي ملازمت مدي ۾ واڌ ڪرائي وئي. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ادارا ۽ ادارن جا وڏا پنهنجي ايڪسٽينشن جي فِڪُر ۾ آهن، فوج ۽ سُپريم ڪورٽ ۾ ايڪسٽينشن جو عمل غلط آهي، تبديلي آڻڻي آهي ته نظام کي تبديل ڪريو،مولانا فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ کي سُپريم بڻائڻو پوندو، هتي ڳالهائڻ جي آزادي هجڻ گهرجي، هتي فوج يا بلوچستان تي ڳالهايون ته ايجنسيون پڪڙي وينديون آهن، اسپيڪر اياز صادق چيو ته اسان جي آئين ۾ لکيل آهي فوج ۽ عدليه تي تنقيد نٿا ڪري سگهون، مولانا فضل الرحمان چيو ته اصلاح جي ڳالهه ته ڪري سگهون ٿا، سڌارن جون تجويزون هن ايوان مان گڏيل طور وڃڻ گهرجن، پي ٽي آءِ ميمبرز اڳواڻن جي گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو ته جرنيل اسان جي اکين تي، پر ايوان مان ماڻهن کي کنڀڻ ايندا ته اجازت نه ڏينداسين، پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي اسپيڪر کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو پر حق ته اهو هو هن واقعي بعد ايوان کي ٽئي ڏينهن لاءِ بند ڪيو وڃي ها،

Leave A Comment