گرفتار ميمبرز جا پروڊڪشن آرڊر جاري: سارجنٽ ايٽ آرمز سوڌو 10 اهلڪار معطل: جاچ ڪاميٽي قائم: پي ٽي آءِ پاران بي اعتمادي

سيپٽمبر 12, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊر جاري، معاملي جي جاچ لاءِ ڪاميٽي قائم، اسپيڪر پاران سيڪيورٽي ناڪامي تي 10 ڄڻا معطل، جاچ رپورٽ 7 ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان پي ٽي آءِ اڳواڻن ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي گرفتار ايم اين ايز جا پروڊڪشن آرڊرز جاري ڪري ڇڏيا

پي ٽي آءِ جا ميمبر اڄ ايوان ۾ اچي ويندا، معاملي جي جاچ لاءِ 4 رُڪني فيڪٽ فائينڊنگ ڪاميٽي به جوڙي ورتي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري دوران پارليامينٽ هائوس جي بجلي بند ڪرڻ تي سِي ڊِي اَي جا 5 عملدار معطل ڪيا ويا

اسپيڪر سيڪيورٽي ۾ ناڪامي تي چئن اهلڪارن کي به 4 مهينن تائين معطل ڪري ڇڏيو، 20هين گريڊ جو سارجنٽ ايٽ آرمز به 4 مهينن لاءِ معطل ڪيو ويو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پي ٽي آءِ ميمبرن جي گرفتاري واري معاملي جي جاچ لاءِ گهرو وزارت کي خط به لکيو، اسپيڪر 7 ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي

خط ۾ چيو ويو ته ميمبرن کي پارليامينٽ جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو، اسپيڪر چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ مسلم ليگ ن جي گرفتار ميمبرن جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪيا ويا هئا

سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ٿيا هئا پر آئون ايئن نه ڪندس، هن معاملي ۾ جيڪو بهتر هوندو اهو ئي ڪندس

هوڏانهن پي ٽي آءِ پنهنجي اڳواڻن جي گرفتارين واري معاملي جي جاچ تي سوال اُٿاري ڇڏيا

قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي بئرسٽر گوهر چيو ته جاچ ڪرائي وڃي ته ٻُٽون ٻڌل ماڻهن کي در جون چاٻيون ڪنهن ڏنيون؟ جاچ ۾ رڳو معصوم ماڻهن کي معطل نه ڪريو

اسپيڪر کي معاملي جي تهه تائين وڃڻ گهرجي، اسان جي 10 ايم اين ايز کي جهڙي نموني کنڀيو ويو، اُهو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو، اسد قيصر چيو ته اسپيڪر جي قدمن مان مطمئن نه آهيون، اپوزيشن ميمبرز کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

Leave A Comment