ارسا ايڪٽ تي ڪالاباغ جيان ڀرپور موقف رکبو: اسيمبلي ٺهراءُ عوامي ترجماني آهي: سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد شاھه

سيپٽمبر 12, 2024

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھه  چيو آھي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد عوامي جذبن جي ترجماني آھي. ڪراچي جي روڊن جي بحاليءَ لاءِ سروي شروع ڪيو ويو آھي، باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي 76ھين ورسيءَ جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري ڏيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪي پي جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور جي بيان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي، اها گهٽ آهي، رڳو هڪ شخص ( عمران خان) کانسواءِ سندس پنهنجي پارٽي به  مخالفت ڪئي آهي. مون کي پهريان ته يقين نه آيو ته اهڙي بيان جي حمايت ڪيئن ٿي سگهي ٿي! پر پوءِ مون کي ياد آيو ته هي اهو شخص آهي، جنهن کي جڏهن اقتدار ڏنو ويو ته سموري سياسي قيادت کي جيلن ۾ وڌو ويو ، سنڌ جي قيادت خلاف جيڪو بھ ڳالھھ ڪندو ھو ته سندس تائيد ڪندو ھو، اھڙي شخص بابت  وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگھجي؟ هن چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد صوبي جي عوام جي راءِ جي ترجماني آھي. سنڌ اسيمبليءَ اڳ ۾ پاڻي ورڇ  لاءِ 91ع ٺاهه تي عمل سميت  ڪيتريون ئي رٿون منظور ڪيون آھن. 20 سال اڳ جڏھن اسان مخالف ڌر ۾ ھئاسين، تڏھن بھ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير خلاف پ پ ئي اسيمبليءَ مان رٿ منظور ڪرائي ھئي، ھاڻي بھ عوام جي راءِ مطابق موقف اختيار ڪيو ويندو.وڏي وزير چيو تھ ھن ڀيري معمول کان وڌيڪ مينھن وسيا آھن.  کيرٿر جي جابلو سلسلي مان پڻ پاڻي وھي آيو، جنھن سان روڊن کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي، سرڪاري طريقيڪار مطابق نقصان جو اندازو لڳائڻ وارو ڪم شروع ٿي چڪو آھي. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وھاب جو روڊن جي مرمت لاءِ فنڊن جي فراھميءَ وارو خط مليو آھي، سنڌ حڪومت اھي فنڊ مھيا ڪندي. وڏي وزير نشاندھي ڪئي تھ ناقص نيڪاليءَ واري نظام جي موجودگيءَ ۾ روڊ ٻيھر ٺاهڻ و ڪو فائدو ناھي، اسان ڄاڻون ٿا ته سموري ڊرينج سسٽم کي ٻيھر ٺاهڻ لاءِ وقت ۽ سيڙپڪاري جي گھرج آھي. ھاڻوڪي معاشي صورتحال سبب اسان وٽ ايتري گنجائش ناھي پر روڊ کي اھڙي خراب صورتحال ۾ ڇڏي نٿو سگھجي، ان حوالي سان رٿابندي جاري آھي. انھيءَ کان پھرين وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي مزار قائد پھچڻ تي ڪابينا جي ميمبرن سندس آجيان ڪئي. ھن گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽيسوري سان گڏ باني پاڪستان محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڏني، گلن جي چادر چاڙھي ۽ فاتحھ خواني ڪئي ۽ مھمانن جي ڪتاب ۾ سندس تاثر درج ڪيا.

Leave A Comment