ارسا چيئرمين جي مقرري جو طريقيڪار تبديل، ٽيڪس لڳائڻ ۽ ڏنڊ وجهڻ جا اختيار به ملندا، ايڪٽ ۾ ترميمن تي ڪم جاري
سيپٽمبر 6, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آخرڪار وفاقي حڪومت باضابطه طور تي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ جو ڪم هلندڙ هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، وفاقي حڪومت پاران تيار ٿيندڙ ترميمي بل ذريعي ارسا کي سيس لاڳو ڪرڻ جا اختيار ڏيڻ کانسواءِ ارسا جي فيصلن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي ارسا کي ڏنڊ واريون سزائون ڏيڻ جو اختيار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي
وفاقي حڪومت ارسا چيئرمين جي مقرري جو طريقيڪار ارسا ايڪٽ بجاءِ رولز ۾ ترميم ڪري واضح ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. سنڌ مان پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي جي ان سوال ته ڇا حڪومت هن وقت انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) ايڪٽ ۾ ڪنهن ترميم تي غور ڪري رهي آھي؟ جنهن سان ارسا چيئرمين جي موجوده مقرري جي طريقيڪار ۾ تبديلي واقعي ٿيندي؟ جيڪڏهن حڪومت ترميمن تي غور ڪري رهي آھي ته انهن ترميمن جا ڪهڙا سبب آھن ۽ انهن ترميمن سان ارسا جي ڪارڪردگي ۾ ڪيئن تبديلي ايندي؟ اهڙي سوال جو پاڻي مامرن جي وزير مصدق ملڪ قومي اسيمبلي ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آھي
جنهن ۾ پاڻي مامرن جي وفاقي وزير تصديق ڪندي ٻڌايو آھي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون غور هيٺ آھن پر ارسا چيئرمين جي مقرري رولز تحت ڪئي ويندي جيڪي رولز ارسا ايڪٽ ۾ ترميم بعد ٺاهيا ويندا پاڻي مامرن جي وزير جواب ۾ ارسا ايڪٽ ۾ ترميمن ڪرڻ جا سبب ڄاڻائيندي ٻڌايو آھي ته ارسا ايڪٽ ۾ غور هيٺ ترميمن تحت ارسا کي موثر نگراني ، وهڪرن جي ڊيٽا جي تياري ٽيليمينٽري سسٽم يا ٻئي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي مستحڪم ۽ مضبوط ڪيو ويندو
غور هيٺ ترميمن تحت ارسا کي قومي خزاني تي بار بنائڻ بجاء هڪ خودمختيار اداري طور قائم رکڻ لاء سيز لڳائڻ لاء بااختيار بنايو ويندو غور هيٺ ترميم ذريعي پاڻي ماهرن جي پينل جي مقرري ڪري ٽيڪنڪل استحڪام آندو ويندو ارسا جي فيصلن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ ارسا کي جرماني لاڳو ڪرڻ جون سزائون ڏيڻ جا اختيار ڏيڻ جي ترميم تي به غور ٿي رهيو آھي