ارسا پاڻيءَ جي ورڇ پاڻي معاهدي جي پيرا ٽو تحت ڪرڻ وارو سنڌ جو مطالبو تسليم ڪري ورتو

مَي 13, 2024

ارسا پاڻيءَ جي ورڇ پاڻي معاهدي جي پيرا ٽو تحت ڪرڻ وارو سنڌ جو مطالبو تسليم ڪري ورتو، خريف جي سيزن دوران پاڻيءَ جي مڪمل کوٽ ختم ڪرڻ جو فيصلو، ارسا چيئرمين عبدالحميد مينگل جي صدارت هيٺ ارسا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ درياهن جي اضافي وهڪرن جو جائزو ورتو ويو، سنڌ پاران خريف جي سيزن لاءِ پاڻيءَ جي ورڇ ٽي رخي فارمولا بدران پيرا ٽو تحت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ارسا سنڌ جو مطالبو منظور ڪري ورتو، ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر احسان لغاري تصديق ڪري ڇڏي، آڳاٽي خريف لاءِ پاڻيءَ جي کوٽ جو ڪاٿو 30 سيڪڙو لڳايو ويو هو، سنڌ جي ميمبر ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اجلاس ۾ اڄ پاڻيءَ جي کوٽ مڪمل طور ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

Leave A Comment