ارشد شريف جو قتل سڃاڻپ ۾ غلطي جو نتيجو نه هو: ڪينيا جي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

جُولاءِ 9, 2024

نيروبي(م ڊ) ڪينيا جي هاءِ ڪورٽ پاڪستاني صحافي ارشد شريف جو قتل غير آئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪينيا جي هاءِ ڪورٽ ارشد شريف قتل ڪيس تي پنهنجو فيصلو ٻڌائيندي قتل کي غير آئيني ۽ غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت ارشد شريف جي گهر ڀاتين کي 2 ڪروڙ 17 لک پاڪستاني روپيه هرجاڻي جي طور تي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت چيو ته ارشد شريف جو قتل سڃاڻپ ۾ غلطي جو نتيجو نه هو. ڪينيا جي هاءِ ڪورٽ گولي هلائيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف فوجداري ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ۾ جن حڪومتي ادارن جو نالو ورتو ويو اهي پنهنجي ذميواري کان فرار نٿا ٿي سگهن. ٻئي طرف ارشد شريف جي بيواه ڪينين عدالت جي فيصلي تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته ارشد شريف کي ڪينيا ۾ انصاف ملي ويو پر پاڪستان ۾ انصاف ملڻ باقي آهي. ياد رهي ته 23 آڪٽوبر 2022 تي ڪينيا جي شهر نيروبي ۾ مگاڊي هاءِ وي تي پوليس ارشد شريف کي مٿي تي گولي هڻي قتل ڪيو هو جنهن کان پوءِ ڪينيا پوليس طرفان واقعو غلط سڃاڻپ قرار ڏنو ويو پر ارشد شريف جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ ڪينيا پوليس جي موقف ۾ تضاد ڏٺو ويو. ڪيس ۾ پوليس جو شروعاتي موقف هو ته هو مغوي ٻار جي بازيابي لاءِ اتي موجود هو جڏهن ته مقامي جاچ ڪندڙن جو چوڻ هو ته جهڙي طرح گاڏي تي گوليون لڳل آهن ان مان  نٿو لڳي ته اهي گوليون هلندڙ گاڏي تي فائر ڪيون ويون آهن. ٻئي طرف واقعي وقت ارشد شريف جي ڪار هلائيندڙ خرم موجب اهو واقعي واري هنڌ کان اڌ ڪلاڪ جي سفر تائين تپاسي جي ڳوٺ تائين گاڏي کڻي ويو هو.

Leave A Comment