Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3p31dorslhvpcl523u2ft1tnfl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
آءِ جي جو اغوا، سوالن جا جواب گهرجن - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar آءِ جي جو اغوا، سوالن جا جواب گهرجن - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

آءِ جي جو اغوا، سوالن جا جواب گهرجن

اٺ تڏهن ٿي رڙيا جڏهن ٻورا ٿي سبيا. ماڻهن کي تڏهن ئي خبر هئي جڏهن اقتدار وٺڻ وارن، شرطن تي اقتدار ورتو. بس رڳو ڪرسي گهرجي پوءِ هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار! انهي جو نتيجو ماڻهن ته اڳ ئي ڀوڳيو ٿي، ليڪن اقتدار ڌڻين حاڪمن کي به انهي مئي مان چسڪو چکائي ڇڏيو. 18-19 آڪٽوبر جي رات جي پوين پهرن ۾ انهي نشي جا اثر لهڻ شروع ٿيا جڏهن ميڊيا طرفان خبرون نشر ٿيڻ شروع ٿيون ته صفدر صاحب گرفتار ٿي ويو. ڳالهه اتي ختم ٿئي ها ته خير هو. صبح جو سنڌ جي آءِ جي پوليس سمورن ڊي آءِ جيز، ايڊيشنل آءِ جيز احتجاج طور موڪل تي وڃڻ جي درخواست ڏني ته سندن بي عزتي ٿي آهي ان ڪري اهڙين حالتن ۾ هو پنهنجون ذميواريون پوريون نٿا ڪري سگهن. ڪهڙي بي عزتي ان جو ذڪر ناهي! ٿوري دير بعد چيف منسٽر صاحب پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته کيس خبر ئي ڪا نه پئي ته رات 4 وڳي ڪجهه ماڻهو آءِ جي صاحب جي گهر ۾ داخل ٿي کيس وٺي ويا ۽ مجبور ڪيو ته ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ۽ صفدر صاحب کي هوٽل مان گرفتار ڪري ٿاڻي تي پڄائي. اها خبر ڪا نه پئي ته ڪنهن آءِ جي صاحب کي گهران اغوا ڪيو ۽ ڪٿي وٺي ويا. بس رڳو اهو ٻڌايو ويو ته فريادي دهشتگردي ڪورٽ جو روپوش جوابدار آهي ۽ پي ٽي آءِ جي ٻن ايم پي اي صاحبان جي زور ڀرڻ تي پوليس ايف آءِ آر داخل ڪئي. خير ٿيو.
شام جو ڇهين وڳي جناب بلاول ڀٽو صاحب پريس ڪانفرنس ڪندي آرمي چيف کي درخواست ڪئي ته آءِ ايس آءِ کان انڪوائري ڪرائي وڃي. آرمي چيف سندس درخواست کي مان ڏيندي انڪوائري جو حڪم ڪيو آهي. بس ٿوري دير کانپوءِ بلاول ڀٽو جو قافلو آءِ جي صاحب جي گهر پهتو ۽ کانئس معافي گهري ۽ ايئن معاملو حل ٿي ويو. پوليس واپس پنهنجي ڊيوٽي تي حاضر ٿي وئي. اهو ته مختصر احوال حاڪمن جي ڪشتي جو آهي جو ڪنهن هارايو ڪنهن کٽيو. ڪا خبر ڪانهي. “جهان خان جي خبر جهان خان کي” ليڪن ماڻهن ۾ ڪجهه سوال پيدا ٿين ٿا. 1- ته اهي ڪير هئا جن آءِ جي صاحب کي رات جو چار بجي کڻي وڃي ايف آءِ آر لاءِ مجبور ڪيو. نه ڪي آءِ جي صاحب انهن جو ذڪر ڪري ٿو نه ڪي چيف منسٽر صاحب بس جيئن ڪنهن کان ڦر ٿيندي آهي ته فرياد داخل ڪيو ويندو آهي ته ڪجهه نامعلوم جوابدار ڌاڙو هڻي ويا، منهن ٻڌل هئا، ڏسي سڃاڻندس. هٿ اکر فريادي. عجيب ڳالهه آهي ته نه ڪي خابرو ادارن کي خبر پئي ته ڪير ماڻهو هئا نه ڪي آءِ جي صاحب کي خبر پئي، نه ڪي وري سنڌ حڪومت کي خبر پئي ته اهي اغوا ڪرڻ وارا ڪير هئا ڄڻ ڪو قوم پرست کڄي ويو. اهو ته شڪر جو آءِ جي صاحب دٻاءُ قبول ڪري ورتو. ايف آءِ آر داخل ٿي ۽ خير سان گهر پهتو، ورنه Missing Person ۾ شامل هجي ها. بس نامعلوم ماڻهن جي خلاف انڪوائري ٿيندي؟ 2- ڀلا اغوا ڪندڙ ته نامعلوم ماڻهو هئا پر جن زوري زبردستي ٿاڻي تي وڃي روپوش جوابدار کان ايف آءِ آر داخل ڪرائي انهن جي خلاف ته ايف آءِ آر ٿي سگهي ٿي! انهن جي خلاف ڪهڙو قدم کنيو ويو، بس پٽڪو لٿو خير آهي جان بچي. آخر ڪجهه ته ٻڌائڻو پوندو ته انهن جي خلاف ڇو ايف آءِ آر داخل نه ٿي آهي. ٻئي پاسي شهري جيڪڏهن ڪنهن پوليس چيڪ پوسٽ تي گاڏي نٿو روڪي ته ڪلاشن جا برسٽ ٿا لڳن. خير ماڻهن کي خبر پئي ته عام شهري ۽ خاص شهري ۾ ڪهڙو فرق آهي. اسان ٿورائتا آهيون پوليس آفيسرن جا جن پاڻ سان زيادتي جي خلاف احتجاج ڪيو ۽ حڪومت کي جهڪائي وڌو پر اسان جي حاڪمن اهو ڪو نه محسوس ڪيو ته پاڻ احتجاجن موڪل تي وڃن يا استعيفا ڏين. بس ساڳئي پگهار تي نوڪري ڪبي، اسان جي عزت جي پرواهه ڪانهي. بس اوهان مالڪن جو خير هجي! جيڪڏهن هن وقت چيف منسٽر صاحب انهن نامعلوم ماڻهن جا نالا کڻي ها ۽ استعيفا ڏئي ها يا موڪل تي وڃي ها ته ڇا هو؟ حڪومت جي به خودمختياري ٿيندي آهي. ڇا ٿئي ها اسيمبلي ۾ اڪثريت ته سندن آهي. وزيراعليٰ ته وري به پ پ جو هجي ها. انهي سڄي حاڪمن کان ڀينگ ڀلي. رڳو ڌمڪي ڏئي ها ته به خير، چوي ها ته عوام جي چونڊيل نمائندن جي عزت به آءِ جي پوليس جهڙي آهي. جيڪڏهن اسان جي پوليس احتجاج نه ڪري ها ته پ پ پ جي حڪومت انهي بي عزتي کي به ڳڙڪائي وڃي ها ۽ ڏڪار به ڪو نه ڏئي ها. اڃان به اڳتي ٿا سوال ڪريون، جڏهن چون ٿا ته فوج هڪ غيرجانبدار ادارو آهي ته پوءِ صوبائي حڪومت پاڻ انڪوائري ڪرڻ جي بجاءِ فوج کي ڇو پئي ملوث ڪري. اها ته غير آئيني غيرقانوني حرڪت آهي. ڪيترن سالن کان اوهان رينجرز جي آسري تي حڪومت ڪري رهيا آهيو. ٿي سگهي ٿو ته پي ٽي آءِ وارا مڙسي ڪري وري بلاول ڀٽو جي خلاف ايف آءِ آر ڪٽرائين ته هن صاحب فوج کي سول معاملن ۾ مداخلت جو چيو آهي جيڪو آئين جي خلاف آهي. سنڌ حڪومت جي بي وسي ڏسي ڪري اسان جو ووٽ ڏيڻ تان روح کڄي ويو آهي. جيئن ناني جو مرڻ ڏسي موت تان ارواح کڄي وڃي. قانون آهي ته ڪنهن به انڪوائري جي لاءِ انڪوائريز ايڪٽ مطابق يا پوليس رولز مطابق ڪميٽي ٺاهي ويندي آهي. باقي ته سڀ انڪوائريون راڄوڻي معاملو هونديون آهن. جيڪڏهن آءِ ايس آءِ انڪوائري ڪري سچا جوابدار ظاهر ڪري ته ڇا اهي عدالت ۾ اچي شاهدي طور پيش ٿيندا يا وزير صاحبان جيڪا انڪوائري ڪندا اهي پاڻ به عدالت ۾ شاهدي طور ايندا؟ انهي انڪوائري جي قانوني حيثيت ڪهڙي ٿيندي؟ ڇا انهي انڪوائري ڪميٽي کي اهو ڪيس ڪورٽ ۾ موڪلڻ جو اختيار هوندو؟ اهي سڀ سوال جواب طلب آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *