تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

آءِ جي سان ناروا سلوڪ پوليس ڪئين ڪم ڪندي

ڪو به معاشرو بنا قانون ۽ بنا ضابطي جي هلي ئي نه ٿو سگهي، جڏهن طاقت بي لغام ٿي وڃي ته اها طاقت ماڻهن کي انصاف ڏيڻ بدران انهن کي لتاڙڻ شروع ڪندي آهي بندوق قانون جي طابع نه هجي ته ڦورو ۽ سپاهي ۾ ڪو فرق ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي،هر طاقت آئيني ۽ قانوني حدن ۾ هوندي آهي ته عوام ۾ ان جو احترام پيدا ٿيندو آهي.آئين ۽ قانون تي عمل نه ڪرڻ سبب جنگل راڄ هوندو آهي قانون ئي طاقتور کي ڪمزور سان انصاف مهيا ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو آهي جي قانون نه هجي ته هر طاقتور ڪمزور کان جيئڻ جو حق ئي کسي ڇڏي ۽ ان کي جيئڻ ئي نه ڏئي.
ملڪ جي ٻئي نمبر وڏي صوبي ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي مهمان ٿي آيل ڪئپٽن (ر) صفدر جي اڌرات جي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ پوليس کي يرغمال ڪري وارنٽ تي صحيح وٺڻ واري معاملي سنڌ پوليس،صوبي ۽ ملڪ ۾ هڪ طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي احتجاج طور ڪالهه سنڌ پوليس جي آءِ جي کان وٺي ايس ايڇ اوزتائين احتجاج طور موڪل لاءِ درخواستون جمع ڪرائي ڇڏيون آهي جنهن سان سنڌ صوبي ۾ پوليس جهڙو اهم ادارو غير فعال بڻجي ويو آهي،جڏهن ته سڄي سنڌ پوليس پنهنجي ڪمانڊر جي تضحيڪ تي احتجاج طور موڪلن جي درخواست موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي.هڪڙي سياسي معاملي تي سنڌ پوليس جي آءِ جي کي اڌ رات جو يرغمال بڻائي ان کان گرفتاري وارنٽ تي صحيح ڪرائڻ جو الزام وفاق جي هڪ ٻئي فورس جي ڪجهه آفيسرن تي آيو آهي،جنهن ڪري صورتحال سنگين ٿي وئي آهي ، سنڌ حڪومت ان سڄي معاملي جي جاچ لاءِ وزيرن تي ٻڌل جاچ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته پ پ جي چيئرمين انهي معاملي تي پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي کي يرغمال بڻائڻ واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ اعلان ڪيو ته اهڙي قسم جو معاملو برداشت جوڳو ناهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي پنهنجي پوليس فورس سان گڏ بيٺل آهي هن چيو ته سنڌ حڪومت انهي معاملي جي هر حال ۾ جاچ ڪندي پر هن گڏوگڏ آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ جي ڊي جي کي به درخواست ڪئي ته انهي واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي. جڏهن ته آرمي چيف واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪور ڪمانڊر ڪراچي کي معاملي جي جاچ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
سياسي معاملن ،وفاق تي صوبن جي معاملن ۾ مداخلت جا الزام، کاتن جي انتظامي معاملن ۾مداخلت جا الزام ته ٻڌندا آيا آهيون يا اهي لڳندا رهيا آهن پر هڪڙي هٿياربند پوليس فورس جي ڪمانڊر کي ايئن اڌ رات جو يرغمال بڻائڻ جو الزام انتهائي سنگين ۽ سنجيده نوعيت جو معاملو آهي اهو به انهي ڪيس ۾ جيڪو هڪ سياسي نوعيت جو ڪيس هجي ۽ ان جو الزام وري ٻئي فورس جي ڪجهه اهلڪارن تي لڳي .اهڙو عمل صوبي ۾ انارڪي پيدا ڪري سگهي ٿو جتي قانون تي عمل نه ڪيو ويندو اتي انارڪي ئي پيدا ٿيندي .
اسان سمجهون ٿا هن معاملي کي رڳو جاچ تائين محدود نه ٿيڻ گهرجي پر ان جاچ کي پڌرو به ٿيڻ گهرجي ته ڪير اهڙي حرڪت ڪرڻ جو مرتڪب ٿيو آهي جنهن سڄي صوبي بلڪه ملڪ کي هڪڙي انارڪي طرف ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن امن امان جي ذميوار پوليس جو ڪمانڊر کي ايئن تضحيڪ جو نشانو بڻايو ويندو ته ڪيئن اها پوليس پنهنجي مورال بلند رکي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي سگهندي جنهن ڪري ئي سڄي پوليس تقريبن موڪل جون درخواستون ڏنيون آهن .هي وقت پوليس سان يڪجهتي جو آهي ۽ انهن جو مورال بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن جو اظهار صوبي ۾ حڪمران پارٽي جي سربراهه آءِ جي هائوس وڃي ڪيو آهي. ضروري آهي ته واقعي جي صاف شفاف غيرجانبدار جاچ ڪرائي معاملي جي تهه تائين پهچڻ گهرجي.اسان سمجهون ٿا ته اهو سنڌ حڪومت جو فرض آهي ته پوليس سان ڳالهائي انهن جا خدشا ختم ڪيا وڃن جيئن اهي پنهنجون خدمتون بنا رنڊڪ ۽ خوش اصلوبي سان سرانجام ڏئي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *