تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

آءِ جي سنڌ جو مبينا اغوا ۽ صفدر جي گرفتاري!!

سومر تي صبح جو ڇهين وڳي ڌاري ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ واقع هڪ فائيو اسٽار هوٽل تي پوليس چڙهائي ڪري ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪيو. ملڪي سياست ۾ جيڪڏهن پوليس گرفتارين جي ڳالهه ڪجي ته اهو آساني سان سمجهه ۾ اچي ويندو ته گرفتاريون سياست جي سونهن آهن، اهو سياستدان ئي ناهي، جيڪو ڪال ڪوٺڙي ۾ بند نه ٿيو هجي پر ڪالهه واري پوليس ڪارروائي پنهنجي نوعيت جي منفرد ڪارروائي هئي، جنهن کان صوبي جي چيف ايگزيڪٽو کي به لاعلم رکيو ويو. ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪرڻ بعد عزيز ڀٽي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، اسان به صبح کان ئي عزيز ڀٽي ٿاڻي وڃي پهتاسين، لڳ ڀڳ 10 ڪلاڪن تائين ڪيپٽن (ر) صفدر ٿاڻي ۾ ويٺل هو، جنهن بعد کيس مقامي عدالت ۾ بڪتربند گاڏي ۾ ويهاري پيش ڪيو ويو، عدالت هڪ لک جي مچلڪن عيوض سندس ضمانت منظور ڪري ورتي. صفدر اعواڻ سان ٿاڻي ۾ ملڻ لاءِ مسلم ليگ جا اڳواڻ پهتا هئا پر پوليس ڪنهن کي به صفدر سان ملڻ نه ڏنو، سنڌ جو گورنر رهندڙ محمد زبير به دروازي تي بيهي انتظار ڪرڻ کانپوءِ واپس هليو ويو، البته ٿاڻي ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي محمد زبير اهو ضرور چيو ته پوليس اهڙو آپريشن ڪيو، جيڪو عام طور دشمنن سان ڪيو ويندو آهي، وڏي وزير سان رابطو ٿيو آهي، مراد علي شاهه ٻڌايو ته پوليس تي رياست جو وڏو دٻاءُ هو. صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه بعد محمد زبير واپس روانو ٿيو ۽ ڪجهه ئي دير بعد سندس آڊيو وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ هو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي واتان اهو ٻڌائي رهيو آهي ته ڪيئن نه آءِ جي سنڌ کي مبينا طور اغوا ڪري زبردستي گرفتاري واري حڪم تي صحي ورتي وئي، اهڙي آڊيو کانپوءِ آءِ جي سنڌ جي اغوا بابت مريم نواز شريف به تفصيلي پريس ڪانفرنس ڪئي جڏهن ته سنڌ حڪومت ۽ پ پ قيادت نه صرف ڪارروائي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو پر مذمت پڻ ڪئي.
واقعي جو پس منظر اهو آهي ته ته آچر واري ڏهاڙي مريم نواز جي مزار قائد تي حاضري وقت ڪيپٽن (ر) صفدر ڪارڪنن سان گڏجي “ووٽ ڪو عزت دو” جا نعرا هنيا، جنهن تي ڪورنگي مان پي ٽي آءِ جي ايم پي اي راجا اظهر برگيڊ ٿاڻي تي مزار قائد جي بيحرمتي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست جمع ڪرائي، پوليس طرفان ڪيس نه وٺڻ بعد مزار قائد جي انتظامي بورڊ طرفان به ٿاڻي ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن کي پوليس جڊيشل مئجسٽريٽ وٽ وڃڻ جو مشورو ڏنو، ڪيس داخل نه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ وفاقي وزير علي زيدي، راجا اظهر، حليم عادل شيخ، خرم شير الزمان ۽ ٻين درجنين ڪارڪنن ٿاڻي ۾ ڌرڻو هنيو، جيڪو 10 ڪلاڪ جاري رهيو، ان موقعي تي وفاقي وزير علي زيدي آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي وارننگ ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن ڪيس داخل نه ٿيو ته آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کي او ايس ڊي ڪنداسين. اهڙي وارننگ بعد حليم عادل شيخ جي ڀاڻيجي وقاص جي فرياد تي پوليس مريم نواز، ڪيپٽن صفدر ۽ 200 نامعلوم ماڻهن خلاف مزار قائد جي بيحرمتي، قتل جي ڌمڪين ۽ ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو. فريادي وقاص پاڻ به دهشتگردي جي هڪ ڪيس ۾ پوليس کي گھربل آهي. اهڙو ڪيس داخل ڪرڻ بعد ڪيپٽن (ر) صفدر کي گرفتار ڪيو ويو. صفدر اعواڻ جي گرفتاري واري جيڪا ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي، اها ڪهاڻي جيڪڏهن سچي آهي ته پوءِ اهو چئي سگھجي ٿو ته هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي ڪا اهميت ئي ناهي، آئين ڪاغذ جو ٽڪرو ئي آهي، جيڪڏهن اها ڪهاڻي سچي آهي ته پوءِ سنڌ حڪومت طرفان جيڪو ردعمل سامهون آيو آهي، اهو ناڪافي آهي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي ته صوبي جو آءِ جي ۽ ايڊيشنل آءِ جي شارٽ ٽرم ڪڊنيپنگ جو شڪار ٿي وڃن ۽ ايگزيڪيوٽو ان تي مفاهمت يا مصلحت ڪري؟ آءِ جي سنڌ جي اغوا جي خبر خود وڏي وزير جي واتان ڪوڊ ڪئي وئي، سيد مراد علي شاهه اهڙي خبر جي ترديد نه ڪئي، ان جو مطلب ته اها خبر ڪنهن حد تائين درست آهي، ڇاڪاڻ ته مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو هوندو، ممڪن آهي ته آءِ جي سنڌ کيس حقيقتن کان آگاهه ڪيو هجي!!
هن واقعي تي پي ڊي ايم سنڌ حڪومت جي موقف جي حمايت ڪندي تنقيد جا تيرن جو رخ سگھارين ڌرين ڏانهن ڪيا آهن، پي ڊي ايم جي حمايت ۽ ساٿ باوجود سنڌ حڪومت معاملي تي اهڙو ايڪشن نه ورتو، جيڪو کيس وٺڻ گھرجي ها. صرف جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو، سنڌ ۾ پ پ پ جي دعوت تي آيل مهمانن جي زبردستي گرفتاري لاءِ آءِ جي سنڌ کي به يرغمال بڻايو وڃي ته پوءِ اهو آءِ جي سڄي سنڌ جي تحفظ جي ذميواري ڪيئن نڀائي سگھندو؟ جيڪو پاڻ غيرمحفوظ بڻيل هجي؟ مراد علي شاهه ٻيو نه ته آءِ جي سنڌ جون خدمتون واپس وفاق حوالي ڪري سگھي ٿو، جيڪو سندس اختيارن ۾ شامل آهي، اڄ جيڪڏهن آءِ جي کي يرغمال ڪري ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري جو حڪمنامو جاري ڪيو ويو ته سڀاڻي اهڙو سين سنڌ حڪومت جي ڪنهن دادلي شخص جي گرفتاري لاءِ به رپيٽ ٿي سگھي ٿو پر الائي ڇو سنڌ حڪومت آءِ جي سنڌ خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي آهي.
سنڌ حڪومت جيڪڏهن هن واقعي تي جائز ۽ قانوني طريقي سان اختيارن جو استعمال ڪرڻ کان لاچار آهي ته پوءِ آءِ جي سنڌ ۽ وڏي وزير جي بيوسي ۾ ڪهڙو فرق باقي رهندو؟ پوءِ ڇو نه هن حڪومت کي ئي استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي. اسان اڳ به لکي چڪا آهيون ته جيڪڏهن بيوروڪريسي مٿان حڪومت جو اختيار نٿو هلي ته پوءِ حڪومت جي رهڻ جو ڪو به جواز باقي نٿو بچي. ماڻهو سمجھن ٿا ته هن آءِ جي کان غلام حيدرجمالي ڀلو آءِ جي هو، جنهن آخر تائين سنڌ حڪومت جا حڪم مڃيا ۽ نتيجي طور اڃا تائين ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. اهڙي ريت هن وڏي وزير کان قائم علي شاهه ڀلو هو، جنهن پڇڻ بنا خواجه اظهار کي گرفتار ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جا حڪم جاري ڪيا هئا، اها ٻي ڳالهه آهي ته کيس حڪم واپس وٺڻو پيو پر هن ڪري ته ڏيکاريو هو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *