تازا ترين
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

آءِ جي صاحب! پوليس اهلڪار اوهان کان انصاف گھرن ٿا..!!

خميس واري ڏهاڙي تي ڪراچي جي صدر واري علائقي لائينز ايريا ۾ هٿياربندن هٿان هلايل هڪ گولي جتي سڄو سارو گھر اجاڙي وئي آهي، اتي ان گولي خود پوليس کاتي جي ڪارڪردگي تي به ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آهن، ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ پسٽل جي اها گولي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر غلام محمد گجر کي منهن ۾ نه لڳي پر اها گولي ان نظام جي منهن ۾ لڳي، جيڪو نظام ايترو ته بيمار آهي جنهن کي هاڻي باقائده سرجري جي ضرورت آهي پر اسان وٽ ڪينسر جي مرض ۾ ورتل ان نظام جو علاج اڄ به پيناڊول جي گوري سان ڪيو پيو وڃي ۽ نتيجي طور ٻين معاملن سان گڏ بدامني جي باهه وقفي وقفي سان ڀڙڪي پوندي آهي ۽ ڪيترائي گھر ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندي آهي. جٽ لائين ۾ پنهنجي گھر کان ڪجهه ئي قدمن جي فاصلي تي هٿياربندن هٿان قتل ڪيل غلام محمد گجر جي موت جو ذميوار به اهو مها ڪرپٽ نظام آهي، جنهن نظام ۾ دهشتگردن کي نڪ ۾ ناڪيلي وجھڻ مشڪل ڪم بڻيل آهي ۽ اهي دهشتگرد واري واري سان ڪڏهن عام شهرين ۽ سياسي سماجي شخصيتن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏين ٿا ته ڪڏهن وري پنهنجي ٻارن ٻچڙن کان پري گرمي توڙي سردي، ڏينهن توڙي رات جي وقت روڊن رستن، چونڪن چوراهن ۽ ٻين اهم هنڌن تي ڊيوٽي ڏيندڙ اهلڪارن کي شڪار بڻائين ٿا. گذريل 24 ڏينهن دوران هي ٽيون واقعو آهي جنهن ۾ ٽارگيٽ ڪلرز آساني سان اي ايس آءِ غلام محمد کي ٽارگيٽ ڪري ان جي ٻچڙن کي يتيم ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ 3 جولاءِ تي منظور ڪالوني ۾ اهلڪار نعمان ۽ 12 جولاءِ تي ڪورنگي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل اصغر به ٽارگيٽ ڪلرز جي نشاني تي اچي ابدي ننڊ سمهي رهيا آهن پر پوليس اڃان تائين پنهنجي پٽي ڀائين جي قاتلن کي پڪڙي نه سگھي آهي، جيتوڻيڪ هنن واقعن جا ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل آهن پر سي ٽي ڊي پوليس به اڃان تائين جاچ ۾ اڳڀرائي نه ڪري سگھي، سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيئي واقعا ٽارگيٽ ڪلنگ آهن، ٽنهي ۾ هڪجهڙائي آهي، ٽنهي واقعن ۾ هٿياربند موٽرسائيڪل تي سوار هئا، جن ويجھو اچي اهلڪارن کي ٽارگيٽ بڻايو ۽ بعد ۾ اهلڪارن جا پستول به کڻي فرار ٿي ويا، جيڪي اڃان تائين قانون جي نظرن کان اوجهل آهن.
مان پڙهندڙن کي اهو به ٻڌائيندو هلان ته پوليس تي حملن جي شروعات تازو اسٽاڪ ايڪسچينج تي ٿيل حملن کان پوءِ ٿي، اسٽاڪ ايڪسچينج تي ناڪام حملي کان ڪجهه ئي ڏينهن پوءِ اهلڪار نعمان کي شهيد ڪيو ويو ۽ ايئن پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو خبر ناهي ڪيستائين هلندو. هڪ طرف پوليس تي حملن جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف ڪراچي ۾ موجود قونصل خانن ۽ سفارتي عملي جي رهائشگاهن تي حملن جو خدشو ڏيکاريو ويو آهي، اهڙن خدشن کانپوءِ ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي، مختلف ملڪن جي قونصل خانن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ننڍا رستا بند ڪيا ويا آهن، بڪتربند گاڏيون بيهاريون ويون آهن، نفري ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. اها حقيقت آهي ته بدامني هجي يا قدرتي آفتون، پوليس اهلڪار هميشه فرنٽ لائين تي بيٺل هجن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ امن امان جي قيام لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون به پوليس ڏنيون آهن، هاڻي به ٿريٽس مليا آهن ته اهي ئي پوليس اهلڪار آهن، جيڪي پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ بدران ڊيوٽي ڏيندي نظر اچن ٿا پر خود پوليس اهلڪارن جي سيڪيورٽي لاءِ اعليٰ آفيسرن ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ اهو سوال گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جواب جو منتظر آهي پر جواب اڃان تائين نه پيو ملي. هر ايندڙ آءِ جي پنهنجي دور ۾ کاتي ۾ انقلابي قدم کڻڻ جون دعوائون ڪندو آهي پر انهن دعوائن تي ذري برابر به عمل ناهي ٿيندو، سنڌ ۾ مقرر ٿيندڙ آءِ جي پنهنجي نوڪري پڪي ڪرڻ لاءِ يا ته وفاق وٽ رانديڪو بڻجي ويندا آهن يا وري صوبائي حڪومت جي جي حضوري ۾ لڳي ويندا آهن، پنهنجي کاتي ۾ سڌارن جو ڪنهن کي خيال ئي ناهي ايندو. سنڌ ۾ ته اهڙا آءِ جي به مقرر ٿيا، جيڪي هاڻي دانشور بڻجي اخبارن ۾ ڪالم لکي سنڌ جي نئين سر اڏاوت جون صلاحون ڏئي رهيا آهن پر انهن پنهنجي دور ۾ پوليس ۾ سڌارا آڻڻ مناسب ئي نه سمجھيو، هو پنهنجي ماتحت اهلڪارن ۽ فيلڊ آفيسرن جي بهتري لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگھيا، ٻيو نه ته به اهلڪارن ۽ فيلڊ آفيسرن کي حفاظتي سامان ئي کڻي ڏين ها ته اڄ ايئن پوليس اهلڪار لاوارثن وانگر ٽارگيٽ ڪلرز جي هٿان ماريا نه وڃن ها.
اسان سمجھون ٿا ته پوليس کاتي ۾ شهيدن جي لاءِ وڏي رقم رکيل آهي،شهيد اهلڪار کي هڪ ڪروڙ ملندا آهن ۽ سندس اولاد کي هڪ نوڪري به ملندي آهي پر اهو سڀ ان اهلڪار جي زندگي جي قيمت جو متبادل هرگز نٿو ٿي سگھي، شهيدن جي وارثن جي اندر ۾ اهو ڏک به وڍ وجھندو رهندو آهي جو سندس پيارن جا قاتل آزاد گھمي رهيا آهن ۽ هر ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ نئين شڪار جي ڳولا ۾ ٻرن مان نڪري ايندا آهن پر قانون جي نظر انهن تي نٿي پوي، قانون جي نظر انهن تي پوندي به ڪيئن؟ هڪ پوليس آفيسر جاچ ۾ ايندڙ خرچ پنهنجي کيسي مان ڪيستائين ڀريندو رهندو؟ ڪيستائين هو پنهنجي پگھار جي پئسن مان ڀاڙا خرچ ڪري ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيندو رهندو؟ هڪ قتل ڪيس جي جاچ جي فيس هڪ لک کان وڌيڪ هجي ٿي پر اها رقم جاچ آفيسر کي ڪيئن ۽ ڪهڙن شرطن تحت ملي ٿي؟ اهو راز به هاڻي راز نه رهيو آهي، هڪ آفيسر نالو نه کڻڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ايس ايس پي کان هڪ لک جو چيڪ وٺڻ لاءِ ان وٽ 70 هزار جمع ڪرائڻا پون ٿا، يعني هڪ لک مان جاچ آفيسر کي صرف 30 هزار ملن ٿا، ڄڻ ته ايس ايس پي کيس خيرات ڏيندو هجي.
اڪثر اهلڪار اڄ به بلٽ پروف جيڪيٽن کان محروم آهن، ٻيو حفاظتي سامان به اهلڪارن کي مليل نٿو هجي، شهيد اهلڪارن جا وارث آءِ جي سنڌ مشتاق مهر کان سوال ڪن ٿا ته سندن وارثن جا قاتل قانون جي گرفت ۾ ڪڏهن ايندا؟ وڏي ڳالهه ته جتي اهلڪار ئي محفوظ نه هوندا، ان سماج ۾ پوليس جو مورال ڪٿي بيٺل هوندو؟ آءِ جي سنڌ کي ان طرف به ڌيان ڏيڻ گھرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *