Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_8a0fbao5m2lbsr0fisvdg06eli, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
آءِ جي واقعي تي بلاول کي مليل خوشخبري - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar آءِ جي واقعي تي بلاول کي مليل خوشخبري - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

آءِ جي واقعي تي بلاول کي مليل خوشخبري

18 آڪٽوبر ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ اهڙي ڏينهن جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جون سوين معنائون بحث هيٺ آڻي سگهن ٿيون،اهو به بحث ڪري سگهجي ٿو ته هڪ ڊڪٽيٽر پاران جلاوطن ڪيل اڳواڻ جڏهن واپس ٿيندا آهن ته انهن جو عوامي استقبال ڪيئن ٿيندو آهي؟ ان بحث کي پيپلزپارٽي جي دائري اندر به بحث ڪري سگهجي ٿو ته ان ڏينهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ملڪ واپس وري هئي ان ڏينهن کي محترمه جي جنرل ضياءُ جي زماني ۾ 86ع واري واپسي سان به ڀيٽي بحث ڪري سگهجي ٿو. هن ڏينهن تي محترمه بينظر ڀٽو جي واپسي واري ڏينهن کان وڌيڪ جنهن عنوان سان بحث ٿيو اهو ڪارساز واقعي وارو عنوان به رهيو آهي، انهي ڏينهن پيپلز پارٽي وارا چوندا هئا ته جتي جتي پيپلزپارٽي وارا جلسو يا جلوس ڪن ٿا اتي ڪارساز جهڙا واقعا ڇو ٿا ٿين؟ پر هينئر اهو ڪارساز وارو محترمه بينظير ڀٽو جي واپسي وارو ڏينهن ان نئين عنوان سان به ياد رکيو ويندو جنهن ڏينهن ڪارساز واري واقعي جي حوالي سان ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جو اهڙو جلسو به ٿيو هو جنهن ۾ مريم نواز به شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ مريم نواز جي مڙس ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر قائداعظم جي مزار اندر نعرا به هنيا هئا. اهو به ياد رکيو ويندو ته ان نعرن هڻڻ جي ڏوهه ۾ مريم نواز جي ڪمري جا دروازا ٽوڙي پوليس ڪئپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته جنهن وقت ڪئپٽن صفدر پوليس هٿان گرفتار ٿي رهيو هو تڏهن پوليس جي آءِ جي جي در تي پهچي ٻين کيس پنهنجو مهمان بڻايو هيو. هي 18 آڪٽوبر وارو ڏينهن هاڻي اسان جي ملڪ جي سياسي تاريخ جو گهڻ رخي موضوع وارو ڏينهن بڻجي چڪو آهي. هن ڏينهن تي سنڌ پوليس سان جيڪو واقعو پيش آيو ان حوالي سان نه رڳو آرمي چيف ڪور ڪمانڊر کي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر آرمي چيف پاڻ بلاول ڀٽو کان وٺي سنڌ جي آءِ جي کي فون ڪيو هو جڏهن ته سنڌ حڪومت پنهنجي صوبائي سطح تي انڪوائري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو پر باوجود ان جي ڪنهن کي اهو يقين نه هو ته اهڙي انڪوائري جا ڪي اهڙا نتيجا به اچي سگهن ٿا جنهن کي عوامي مڃتا به ملي. ان جا ڪيترائي سبب موجود هئا هڪ ته وفاقي سرڪار وفاقي سطح تي جيڪو اسلام آباد جي اڳوڻي آءِ جي جان محمد ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي کان وٺي پنجاب جي پنج آءِ جيز سان ڪري چڪي هئي ان مان صاف ظاهر ٿي رهيو هو ته سنڌ جي آءِ جي سان پيش آيل واقعي جو ڇا نتيجو نڪرندو؟ وفاقي حڪومت جا ترجمان واقعي جا فوٽيجز کڻي ثابت ڪري رهيا هئا ته واقعو ٿيو ئي ناهي. هن حڪومت کان اهي سوال هينئر به جهانگير ترين جي واپسي جي صورت ۾ ٿي رهيا آهن ته احتساب جو عمل ۽ ايئرپورٽ تي گرفتارين جو عمل پنهنجن کان به ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ سان تعلق رکندڙ آفيسرن کان احتساب ٿي سگهي ٿو؟ جهڙي سوال جي آڏو وري عاصم سليم باجوه جو نالو ذڪر هيٺ اچي ويندو تنهن ڪري اهڙي انڪوائري غالب جي ان شعر جهڙي لڳي رهي هئي جنهن ۾ غالب چيو آهي ته
قاصد ڪي آتي آتي خط اڪ اور لک رکون
مين جانتا هون جو وه لکين گي جواب مين
پر هن سنڌ واري آءِ جي سان پيش آيل واقعي جي سامهون آيل رپورٽ مڪمل طور تي توقع جي ابتڙ آهي. هن واقعي جي رپورٽ کانپوءِ سنڌ پوليس جو مورال ايئن هيٺ نه ڪرندو جيئن اسلام آباد ۽ پنجاب پوليس جو عمران حڪومت ڪيرايو آهي، هي جيڪو شبلي فراز جي صورت ۾ عمران حڪومت سنڌ پوليس خلاف به ڪارروائي جو مطالبو ڪري رهي آهي ان شبلي فراز کي شايد اهو ياد ناهي ته سنڌ پوليس آرمي چيف جي آءِ جي سنڌ کي فون ڪرڻ کانپوءِ بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جي وٽن اچڻ جي نتيجي ۾ پنهنجا فرض انجام ڏيڻ شروع ڪيا هئا، جڏهن آرمي چيف ۽ بلاول ڀٽو وچ ۾ فون ذريعي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو آءِ جي سنڌ وٽ پهتو هو. مون کي هڪڙي سينئر صحافي ٻڌايو هو ته آرمي چيف ئي سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ کي پرچايو، ان کان اڳ بلاول ڀٽو به آرمي چيف کان انڪوائري جو مطالبو ڪري چڪو هيو. ان واقعي واري ڏينهن آرمي چيف پيپلز پارٽي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس سان جنهن انداز ۾ سڌو رابطي ۾ رهيو ان رابطي هڪ طوفان کي اچڻ کان روڪي ورتو هو. ان ڏينهن کان هن وقت تائين عمران خان جي وفاقي حڪومت اهو سوال ڪري رهي آهي ته هن معاملي جو وفاقي حڪومت سان ڪهڙو تعلق؟ ملڪ جو وزيراعظم هن سڄي معاملي ۾ ڪپتاني ڏيکارڻ ۾ ڇو ناڪام ويو اهو سوال پنهنجي جڳهه تي پر عمران خان جي ترجمان کي ڪير ٻڌائي ته اهي وفاقي سطح جا سمورا ادارا وزيراعظم جي ماتحت آهن. شاهد خاقان عباسي پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته هي وفاق جو صوبي تي حملو آهي، احسن اقبال چيو هو ته جيڪڏهن معاملو ڪورٽ ۾ آيو ته وفاقي حڪومت ختم به ٿي سگهي ٿي پر عمران سرڪار جا ترجمان جيڪي واقعي کانپوءِ واقعي کي ڪڏهن ڊرامو ته ڪڏهن سنڌ پوليس کي شاباس ته ڪڏهن پ پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف ته ڪڏهن سي سي ٽي وارا فوٽيجز کڻي ڊگهيون پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا هئا، هاڻي اهي چون ٿا اسان جو صوبائي مسئلي سان ڪهڙو تعلق؟ هي جيڪو صحافي علي عمران غائب ٿيو هو ان لاءِ به ته اهو چيو پئي ويو ته هن سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا هئا. سنڌ حڪومت جيڪا ان واقعي تي پنهنجي صوبائي ڪاميٽي صوبائي وزير سعيد غني جي اڳواڻي ۾ جوڙي هئي ان ڪاميٽي جي سربراهه سعيد غني جڏهن ڪاميٽي جي ٽي او آرز ٺاهڻ دوران اسلام آباد پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سان رابطو ڪيو هو تڏهن پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ سعيد غني کي کلندي چيو هو ته هي ٽيسٽ ڪيس تنهنجي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪڏهن تون اهو ڪم ڪري وئين ته اهو تنهنجو سياسي زندگي جو وڏوڪارنامو هوندو.سعيد غني جواب ۾ چيو هو ته مونکي ان لاءِ پارٽي جي چيئرمين جي سپورٽ کپي. بلتستان ۾ موجود پارٽي چيئرمين کي جڏهن اها ڳالهه ٻڌائي وئي هئي تڏهن بلاول ڀٽو ڳالهه ٻڌائيندڙ پي پي اڳواڻ جي ڳالهه ٻڌي مسڪرايو هو. بلاول ڀٽو هينئر گلگت بلتستان واري چونڊ مهم دوران ئي آرمي چيف پاران انڪوائري ڪرائڻ واري رپورٽ جي اچڻ کي خوشخبري قرار ڏيندي رپورٽ کي ڀليڪار ڪيو آهي.
اهڙي صورتحال کانپوءِ سنڌ جي صوبائي انڪوائري ڪاميٽي جو هاڻي ڪنهن کي انتظار هوندو؟ جڏهن آرمي چيف پاران قائم ڪيل ڪور ڪمانڊر واري رپورٽ پيش آيل واقعي جا اڇا چٺا پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. اهو سوال جيتوڻيڪ اڃان به اڳتي هلي بحث ٿيندو ته جنهن عوامي دٻاءُ جو ذڪر ڪيو پيو وڃي جنهن جي نتيجي ۾ هي واقعو پيش آيو اهو ڪهڙو عوامي دٻاءُ هو ؟ٻيو ته پوليس جي بروقت ڪارروائي نه ڪرڻ جو معاملو به ڪنهن اداري سان نه پر سنڌ حڪومت جي دائري اختيار ۾ اچي رهيو آهي ته هي سڌي مداخلت ڇو ٿي؟ جڏهن ته واقعي جلد ڪارروائي نه ٿيڻ کان وڌيڪ ان سوال کي جنم ڏنو آهي ته ڪارروائي ايترو تيز ڇو ٿي جو رات جو مريم نواز جي ڪمري ۾ پوليس کي وڃڻو پيو ؟قانوني لحاظ کان چيو پيو وڃي ته اهو نعرن هڻڻ وارو ڪيس پوليس جي دائري وارو هڪ ته ڪيس نه هو ٻيو ته اهو قابل ضمانت هو ان ۾ ايتري تڪڙ ڏيکارڻ ڇو لازمي هئي ؟جڏهن ته جنهن پي ٽي آءِ جي حليم عادل شيخ واري مائٽ معرفت اها ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي اهو مائٽ پاڻ قائداعظم واري مزار تي موجود ئي ڪو نه هو، اخلاقيات جو جيڪڏهن بحث هجي ها ته هينئر تائين پي ٽي آءِ سرڪار وفاقي سطح کان صوبائي سطح تائين گهٽ ۾ گهٽ معذرت ضرور ڪري ها، پر هي جيڪو آرمي چيف جي حڪم تي آيل انڪوائري رپورٽ کان پوءِ جن آفيسرن کي جي ايڇ ڪيو راولپنڊي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ان اداري لاءِ مثبت راءِ ضرور قائم ڪئي آهي، ان انڪوائري رپورٽ اچڻ کان اڳ پي ڊي ايم واري اجلاس ۾ جتي اهي مطالبا ٿي رهيا هئا ته آءِ جي سنڌ واري معاملي جي رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي هاڻي اهو چيو پيو وڃي اهڙي رپورٽ بند دروازا به کولي ڇڏيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *