تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

آئين جي بالادستي جي خواب ڏانهن سفر

ڪاش اڄ سائين جي ايم سيد،باچا خان ۽  نواب خير بخش مري حيات هجن ها، ولي خان ۽ غوث بخش بزنجو جيئرا هجن ها، حبيب جالب ۽ منشي جيئرا هجن ها ته  کين  اڄ ان ڳالھه جو احساس ٿئي ها ته هن خطي ۾ 73 سالن کان جيڪو ڪجھه هن ملڪ جي ننڍين قومن سان ٿيندو رهيو ۽ پنجاب ان تي خاموش رهيو، اڄ  اهو پنجاب اٿي پيو آهي، هو اها ئي ڳالھه ڪري رهيو آهي ، جنهن جي پاداش ۾ هن ملڪ اندر سوين سياسي ڪارڪن ۽ اڳواڻ زندگيون وڃائي چڪا، اڄ جڏهن پنجاب اها ساڳي ڳالھه ڪري رهيو آهي ته سڄو ملڪ حيران به آهي ته پريشان به آهي، حيران ان ڳالھه تي آهي ته ڇا اهو ممڪن آهي جيڪو ڪجھه اڄ هو اکين سان ڏسي رهيا آهن، پريشان ان ڪري ته ڪٿي پنجاب آئين جي بالادستي جي جدوجهد ۾ اڪيلو ته نه ڇڏي ويندو؟ اهو متفقه خيال آهي ته جڏهن ميان نواز شريف وٽ وڃائڻ لاءِ ڪجھه به ناهي ته هو ان سفر ۾ اڪيلو ڪيئن ڇڏيندو؟
اڄ ملڪ ۾ جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي ،اها مهرباني هن ملڪ جي پاليسي سازن جي آهي، جنهن هن ملڪ جي عوامي قوتن کي پنهنجي عمل ذريعي  اهو موقعو فراهم ڪيو ته هو ان هڪ نقطي تي گڏ ٿين، جنهن کي آئين چيو وڃي ٿو. دنيا ۾ ڪنهن به مذهب جو مقدس دستاويز ان جو مذهبي ڪتاب هوندو آهي ايئن ئي ڪنهن به ملڪ جو مقدس دستاويز ان جو آئين هوندوآهي، جنهن کي ان ملڪ جا چونڊيل نمائندا پنهنجي اجتماعي شعور سان تيار ڪندا آهن، اهو آئين ئي اهڙو دستاويز هوندو آهي، جيڪو ان ملڪ ۾ رهندڙ شهرين جي حقن، پر ان جي عزت نفس ۽ چادر ۽ چار ديواري جي تحفظ جي به ضمانت ڏيندو آهي.
گذريل 73 سالن کان پاڪستان ۾ عوام جا سور ساڳيا رهيا آهن، اسان جي حڪمرانن جي اهليت جي اها حالت آهي ته جڏهن ملڪ ٻه اڌ ٿيو ته ان کانپوءِ ملڪ کي هڪ آئين مليو. چئن سالن بعد آئين جوڙيندڙ سميت سڄي نظام کي ويڙهيو ويو، هڪ سفاڪ قسم جي مارشل لا جي پنجوڙ ۾ ملڪ جو عوام ڦاسي چڪو هو، ان فاشسٽ نظام خلاف ملڪ جو عوام ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ اٿي پيو، سوين سياسي ڪارڪن شهيد ٿيا ۽ هزارين جيلن جي سختين جو شڪار ٿيا، سياست هڪ نئين رومانس جي دور ۾ جوان ٿي رهي هئي، ڦاهيون ۽ ڦٽڪن کي سياست جا پروانا چمي رهيا هئا، ان وقت هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سياست مان رومانس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ، نظرئي بدران ڪرپشن مخالف نعرو ڪشش وارو هو، ڇاڪاڻ ته ملڪ جو سياسي نظام عوام کي ڪجھه به نه ڏئي سگهيو هو. اسلام جي نظام جي نعري هيٺ مسلمانن کي هڪ ٻئي جو دشمن بڻايو ويو،سياسي پارٽين ۾ پنهنجا ماڻهو داخل ڪرائي هڪ طرف پارٽي اڳواڻن جي جاسوسي ڪرائي وئي ته ٻئي طرف انهن کي ايوانن ۾ آڻڻ لاءِ ڪامياب ڪوششون ڪيون ويون، مرضي جي سياسي قيادت ۽ مرضي جون پاليسيون تيار ٿي رهيون هيون. خطي اندر رهندڙ قومن جي مطالبن کي ملڪ نازڪ حالتن مان گذرڻ جو بهانو ڏئي ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪڏهن اسلام کي خطرو هو ته ڪڏهن قومي سلامتي کي چيلينج درپيش هئا، پر کيڏاڙ جاري هو، طبقاتي سوال ختم ٿي چڪو هو، اسلام ۽ قوم پرستي جي نالي ۾ استحصالي ۽ استحصال زده هڪ ئي صف ۾ گڏ بيٺل هئا، ملڪ جا ٽئي صوبا رڙيون ڪندا رهيا، پر انهن جو آواز ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو، پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ ۽  ملڪي سياست هڪ پيج تي هئا، ان وقت جن سياسي ليڊرن پنهنجي سياسي حقن جي ڳالھه ٿي ڪئي انهن کي غدار ۽ ڪافر قرار ڏنو ٿي ويو، ان وقت انهن غدارن ۽ ڪافر قرار ڏنلن جي سياسي دور انديشي جو اهو ڪمال هو ته انهن اها اڳڪٿي ڪئي هئي ته هڪ ڏينهن پنجاب مان اهڙي ليڊر شپ پيدا ٿيندي جيڪا هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جي ڪنڌ ۾ پوندي، اسان جي مرحوم سياسي قيادت جي اها پيشنگوئي اڄ سچ ثابت ٿي رهي آهي، ڪنهن ٿي سوچيو ته بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا  ۾ ميان  نواز شريف مسنگ پرسنز جو ذڪر ڪندي ان جي ذميوارن جو سڌو ذڪر ڪندو، ڪنهن ٿي سوچيو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي لاءِ پنجاب جو سڀ کان پاپولر ليڊر ادارن بدران ڪردارن جي ڪارگذارين جو دليري سان ذڪر ڪندو، بلوچستان جي اسٽيج تي، بلوچن ۽ پختونن جي حقن لاءِ نواز شريف ايئن ڳالھائي رهيو هو جيئن بلوچ ۽ پختون ڳالھائيندا آهن. محمود خان اچڪزئي چئي رهيو هجي ته “ هاڻي دهل وڄائڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي ، جيڪڏهن اسان دهل وڄايو ته دنيا جا ڪن ڦاٽي پوندا،” مريم نواز شريف مسنگ پرسنز جي ڀينرن جي فرياد جو ذڪر ڪندي انتهائي اعتماد اسان اها ڳالھه ڪري ته هاڻي 73 سالن جو حساب ڏيڻو پوندو، ته سمجهو ته پاڪستان جون سياسي منظرنامو تبديل ٿئي پيو، پهريون ڀيرو مذهبي ، وچٿريون ۽ سيڪيولر سياسي پارٽيون رڳو هڪ نقطي تي گڏ ٿيون آهن، ۽ اهو نقطو آئين جي بالادستي جو آهي، حڪومت، مخالف ڌر جي جدوجهد کي هندستان جي حمايت سان ڳنڊڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ مٿان عمران خان جو مڇرجڻ ان ڳالھه جي نشاني آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هو نه رڳو پاڻ ڪمزور ٿي رهيو آهي پر جن جي هو وڪالت ڪري رهيو آهي انهن کي به ڪمزور ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي ٽن صوبن جي عوام سدائين اڪيلي سر جمهوري جدوجهدون ڪيون، هاڻي ان جدوجهد جي اڳواڻي پنجاب جي سياسي قيادت ڪري رهي آهي. جيئن جيئن پي ڊي ايم جي تحريڪ جا جلسا ٿي رهيا آهن، تيئن تيئن حڪومت غلط سياسي فيصلا ڪري رهي آهي، نتيجي ۾ مخالف ڌر جي تحريڪ زور وٺي رهي آهي، مريم نواز شريف جي ڪراچي ۾ هوٽل واري ڪمري تي ڇاپو آءِ جي سنڌ پوليس کي يرغمال بڻائڻ جي نتيجي ۾ ممڪن ٿي سگهيو هو. پر ان فيصلي جي نتيجي ۾ وفاقي حڪومت مڪمل طور تي وائکي ٿي وئي آهي، ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ هاڻي ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڪنهن به صورت ۾ ان صورتحال کي پنهنجي لاءِ بهتر ڪري سگهي، پر پي ڊي ايم جي قيادت جي اڪثريت اسٽيبلشمينٽ جي مرضي تي اچڻ لاءِ تيار ناهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو تيئن تيئن سياسي ماحول ۾ تلخي وڌندي ويندي، پاڪستان ۾ ان سوال جو جواب اڃان تائين نه پيو ملي ته آخر ميان نواز شريف ڇا ٿو چاهي؟ جڏهن ته ان جو جواب آسان آهي ته ميان نواز شريف آئين جي بالادستي جي نعري تحت هاڻي آخري حدتائين وڃڻ چاهي ٿو، هو هن وقت تائين ڪابه اهڙي آڇ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي جيڪا هن جي سياسي پوزيشن کي ڪمزور ڪري، هن کي اها به خبر آهي ته پنجاب جي عوام کي ڪنهن مهل آزمائبو. ان ڪري هو في الحال وقت گذرڻ سان گڏ جمهوري نظام ۾ مداخلت ڪندڙن کي وائکو ڪندو ويندو، هو ايترو سادو ناهي جو هڪ ئي وقت ۾ سڀ پتا ظاهر ڪري وجهي، هن گهڻا پتا سنڀالي رکيا آهن، ۽ وزيراعظم عمران خان هن جو ڪجھه به بگاڙي نٿو سگهي، عمران خان پاران اهو اعلان ڪرڻ ته جيڪڏهن نواز شريف نٿو اچي ته هو برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن سان ڳالھائيندو، ان اعلان سان هن جي لاعلمي جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، هڪ ڳالھه ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽا سٽا جو ڪوبه معاهدو ناهي، فرض ڪيون ته جيڪڏهن اهڙو معاهدو هجي به ها ته به ميان نواز شريف کي پاڪستان آڻڻ ايترو آسان نه هو، برطانيا جي قانون موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو 60 سالن جي ڄمار کان مٿي آهي ۽ قتل ڪري برطانيا پهچي  به وڃي ٿو ته به ان صورت ۾  برطانيا ان ماڻهو کي لاڳاپيل ملڪ حوالي نه ڪندو آهي،  نواز شريف واري ڪيس ۾ پاڪستان جي حڪومت کي برطانيا جي عدالت ۾ اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته نواز شريف مٿان جيڪي ڪيس آهن، انهن جو سياسي انتقام سان ڪوبه تعلق ناهي. جيڪڏهن حڪومت اها ڪوشش به ڪري ته ان لاءِ گهڻو وقت گهربل هوندو، جڏهن ته نواز شريف جج ويڊيو اسڪينڊل ذريعي اهو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي ته جن ڪيسن ۾ کيس سزا ڏني وئي اها انتقامي ڪارروائي آهي.
هن وقت ته نه پر ايندڙ ڏينهن ۾ ممڪن آهي ته عمران خان ۽ ٻين کي ان ڳالھه جو احساس ٿئي ته عوامي قوتن کي ديوار سان لڳائڻ جي نتيجي ۾ ردعمل جو جيڪڏهن تدارڪ نه ٿئي ته ان جو ڪيترو نقصان ٿئي ٿو. ڪوئيٽا ۾ پي ڊي ايم جي ڪامياب جلسي ۾ آئين جي بالادستي ۽ قومن جي حقن جو مطالبو ان ڳالھه جي شاهدي ڏئي ٿو ته ڪيترن ڏهاڪن کان هن ملڪ ۾ دٻيل نعرو وري اڀري رهيو آهي، ڪاش اڄ اهي سمورا سياسي ليڊر جيئرا هجن ها ته ڏسن ها ته سندن سياسي اڳڪٿي ڪيئن سچ ثابت ٿي رهي آهي،   سياسي تحريڪون ڀل پنهنجي حدف تي نه  به پهچن پر انهن تحريڪن اندران ضرور فائدو ئي ٿيندو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *