تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

آذربائيجان ۽ آرمينيا ۾ جنگ: سبب ۽ پسمنظر

دنيا جي نقشي ۾ ايشيا کنڊ ۾ 86,600 اسڪوائر ڪلوميٽرن جي وڏي ايراضي تي پکڙيل ملڪ آذرباييجان ۽ ان جي پاڙيسري ملڪ آرمينيا جي وچ ۾ گذريل ٣٠ سالن کان ھلندڙ ڪشمڪش ھاڻي شدت اختيار ڪري وئي آهي. ھنن ملڪن جي سرحدي تڪرار جو اھم سبب ھڪ ٻئي جي سرحدي علائقن جي مٿان قبضو ڪرڻ آهي. آذربائيجان جون زميني سرحدون ۵ اھم رياستن سان لڳن ٿيون جنهن ۾ روس، ايران، جيورجا، ترڪي ۽ آرمينيا شامل آھن. جڏهن ته سامونڊي سرحد Caspian Sea سان لڳي ٿي. ھي ٻئي ملڪ ڪاڪشس واري علائقي ۾ اچي وڃن ٿا. عام طور تي Black Sea ۽ Caspian Sea جي وچ واري علائقي کي ڪاڪشس چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ ھنن ٻنهي ملڪن کان علاوه جيورجا ۽ روس جو ڪجهه علائقو اچي وڃ ٿو. ھنن ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي نگورنو-ڪاراباخ تڪرار هڪ نسلي ۽ علائقائي تڪرار آهي جنهن جي ڪجهه حصن تي آرمينيا ۽ آذربائيجان جي وچ ۾ تڪرار ھلي رھيو آهي.
نگورنو-ڪاراباخ وارا علائقا بين الاقوامي طور تي آذربائيجان جي حصي طور تسليم ڪيا ويا آهن. موجوده تڪرار 1988ع ۾ شروع ٿيو، جڏهن ڪاراباخ آرمينين مطالبو ڪيو ته ڪاراباخ سوويت آذربائيجان کان سوويت آرمينيا منتقل ڪيو وڃي. 1990ع جي شروعات ۾ تڪرار مڪمل جنگ ۾تبديل ٿي ويو. ھي تڪرار نگورنو-ڪاراباخ جي جابلو علائقي تي ڪنٽرول ڪرڻ سبب هي تڪرار ڪر کڻي اڀريو آهي، جيڪو ٻنهي ملڪن لا۽ دفاعي لحاظ کان اھم حيثيت رکي ٿو. جڏهن ته 1994ع ۾ اھم مسئلي تي جنگ ختم ڪئي وئي ھئي. ان کان پوءِ جنگ ۾ آرمينين آرمي ھن خطي تي ڪنٽرول ڪيو، جڏهن ته عالمي طور ھي خطو آذربائيجان جو تسليم ٿيل آهي .ھن لساني جنگ دوران هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ لک ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا. ھن وقت پاڙيسري ملڪن کي خدشو آهي ته تازي ويڙهه خطي ۾ پاڙيسري ملڪن تائين نه پکڙجي وڃي جنهن ۾ ترڪي، روس ۽ ايران شامل آهن. اھو ئي سبب آهي جو عالمي قوتون ھن خطي ۾ استحڪام کي برقرار رکڻ جي خواهشمند آهي.
آذربائيجان دنيا ۾ خام تيل جو 24 هون وڏو ۽ قدرتي گئس پيدا ڪندڙ وڏو ملڪ آهي، جنهن جو آذربائيجان جي ايڪسپورٽ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن ملڪ جون پائپ لائينون Caspian Sea ۾ تيل ۽ گئس جي هڪ ا سٽريٽجڪ گيٽ وي ۽ يورپ لاءِ توانائي جي واڌاري جو اھم ذريعو پڻ آهن.
آذربائيجان جي سڀ کان وڏي پائپ لائين جيڪا 1،768 ڪلوميٽر ڊگهي باڪو-تبليسي-ڪيهان (بي ٽي سي) پائپ لائن آهي، جيڪا آذربائيجان ، جارجيا ۽ ترڪي ذريعي خام مال منتقل ڪري ٿي. آئي اي اي جي مطابق اهي 2 مکيه گئس برآمد ٿيندڙ پائپ لائينون آهن جن ۾ 693 ڪلوميٽر ڏکڻ ڪفقاز پائپ لائن (ايس سي پي) آهي جيڪا شاهه ڊينز فيلڊ کان جارجيا ذريعي ترڪي تائين خام تيل پھچايڻ واري اھم پائپ لائين آهي. اھو ئي سبب آهي ته گئس ۽ تيل جون اھم پائيپ لائينون جيڪي پوري دنيا کي انرجي ڏين ٿيون ھتان گذرن ٿيون.
تڪرار جا سبب:
ڪجهه ڏينهن کان ھنن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ھلندڙ ڪشمڪش نيٺ سومر تي سخت ويڙهه ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن ته آرمينيا ۽ آذربائيجان ٻنهي ملڪن سرحدن تي وڌيڪ فوجين کي متحرڪ ڪيو آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ مارشل لا جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. ھن جنگ ۾ 2016ع کان شدت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تازي ٿيل جنگ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 200 ماڻهو مارجي ويا آھن. ترڪي پهريان ئي آذربائيجان جي حمايت جو اعلان ڪري چڪو آهي، جڏهن ته روس – جنھن جا آرمينيا ۾ فوجي اڏا آهن مگر آذربائيجان سان دوستي ۽ ويجهڙائپ پڻ رکي ٿو ان فورن جنگبندي جو مطالبوڪيو آهي. جڏھن ته آرمينيا جي مطابق ترڪي آذربائيجان کي فوجي مدد پڻ ڪري رھيو آهي جيئن ھن علائقي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ آذربائيجان کي وڌيڪ سولائي ٿئي جڏهن ته اھڙي الزام کي آذربائيجان پاران رد ڪيو ويو آهي. سومر تي، ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته آرمينيا کي لازمي طور تي ان علائقي جو ”قبضو“ ختم ڪرڻ گهرجي، جنهن لاءِ هن چيو ته ڊگهي بحران کي ختم ڪرڻ گھرجي. ياد رهي ته ھن علائقي ۾ روس ۽ ترڪي جو تمام گهڻو اثرآهي مگر روس جو ڪردار اڃا تائين مبھم آهي.
عالمي دٻاء:
ھن ئي سال جولاءِ ۾ سرحدن جي ڀڃڪڙي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 16 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ آذربائيجان جي گادي واري شھر باڪو ۾ سڀ کان وڏو مظاهرو ٿيو، جنھن ۾ علائقي جي بحاليءَ لاءِ حڪومت تي زور ڀريو ويو.گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پڻ ٻنهي ملڪن تي زور ڀريو ته هو جنگ بند ڪن. روس جي پرڏيهي وزير آرمينيائي ۽ آذري قيادت سان فون تي رابطو ڪري جلدي ڳالهيون ڪرڻ تي زور ڀريو. فرانس جتي آرمينيائي برادري جو وڏي تعداد رھي ٿو، فوري جنگ بندي ۽ ڳالهين جو مطالبو ڪيوآهي. ايران اھڙو ملڪ آهي جنھن جون آذربائيجان ۽ آرمينيا سان سرحدون ملن ٿيون ۽ ايران جو ڪردار خاص طور تي امن ڳالهين لاءِ اھم ھوندو ۽ ايران امن ڳالهين کي ھٿي ڏيڻ جي آڇ پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته آمريڪا پڻ تشدد جو رستو بند ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي.
تڪرار ۽ پس منظر:
1988 ع ۾ ، سوويت حڪومت جي خاتمي کان پوءِ آذربائيجان جي فوجين ۽ آرمينيائي عليحدگي پسندن هڪ خوني جنگ شروع ڪئي جيڪا نگورنو-ڪاراباخ جي آرمينيائي نسل پرستن هٿان شروع ڪئي وئي، جڏهن ته 1994ع ۾ هڪ معاهدو ٿيو. ھن لساني جنگ ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي نسلي آذربائيجاني پنهنجن گهرن کان بي گھر ٿيا. ھن وقت ھي علائقو اصل ۾ آزاد علائقي طور سڃاتو وڃي ٿو ۽ ھتان جي آبادي آرمينيا جي سهائتا تي ڀاڙي ٿي، پر ان کي آرمينيا سميت ڪنهن گڏيل قومن جي ميمبر جي سڃاڻپ ناهي.
ھنن ٻنهي ملڪن ۾ امن ڳالهيون اڃا تائين مستقل امن معاهدو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪيون آهن. ڪاراباخ آذري لفظ آهي جنهن جو مطلب آهي ”ڪارو باغ“ جڏهن ته نگورنو هڪ روسي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”جبل تي“ آهي. نسل پرست آرمينيائي علائقي کي آرٽسخ سڏائڻ پسند ڪندا آهن، جيڪو ھن علائقي جو هڪ قديم آرمينيائي نالو آهي. ڪيترن ئي سالن کان، ٻنهي پاسن جي جنگ بندي جي سنگين خلاف ورزي ۾ سوين فوجي سپاهي مارجي چڪا آهن. جڏهن ته زميني بندش جي ڪري آرمينيا ترڪي ۽ آذربائيجان سان سرحدن جي بندش سبب سخت اقتصادي مسئلن جو شڪار ٿي چڪو آهي. ھن وقت ھي خطو ڪنهن به جنگ جي سٽ سھڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي، ڇاڪاڻ ته ھن خطي ۾ دنيا جو مفاد پائيپ لائينن جي شڪل۾ پڻ لڪل آهي ۽ دنيا صرف ۽ صرف امن گھري ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *