Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_921e4c3gdb8phfbeso4b7c7l94, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
آرڊيننس خلاف قرارداد ڪافي ناهي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar آرڊيننس خلاف قرارداد ڪافي ناهي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

آرڊيننس خلاف قرارداد ڪافي ناهي

گذريل ھڪ مھيني کان ملڪ اندر خاص ڪري صوبي سنڌ ۾ ھڪ وڏو بحث ڇڙيل آهي ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي اوچتو وفاقي حڪومت صدارتي آرڊينس جاري ڪندي اھي ٻيٽ وفاق جي قبضي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي رد ڪرائڻ لاءِ ڪافي ڏينهن کان سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ھڙتالون ڪري وفاق کي پيغام ڏنو پيو وڃي ته اھي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت هئا ، ھاڻي به سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ ھميشه اھي ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت ۾ رھندا پر ھاڻي ته پاڻي سر کان مٿي چڙهي چڪو آهي جو وفاق غير قانوني ڏاڍ مڙسي ڪري انهن ٻيٽن تي زبردستي شھر اڏي رھيو آهي جنهن جو پڻ تيزي سان ڪم جاري آھي،
ان ھلندڙ منصوبي  سان ھڪ دفعو وري سنڌ اندر ڌاريا آباد ڪرايا ويندا جنهن سبب سنڌي ماڻهن کي پنهنجي صوبي اندر اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر سنڌ جي حڪمران جماعت جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 18 آڪٽوبر واري جلسي ۾ پنهنجي اسيمبلي ميمبرن کي حڪم ڏنو ته صوبائي اسيمبلي قومي اسمبلي سينيٽ مان سنڌ خلاف جاري ٿيل آرڊينس کي رد ڪرائين، جنهن جي ڪري گذريل ڏھاڙي سنڌ اسمبلي ۾ پ پ پ جي ايم پي اي طرفان ھن آرڊينس خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪئي وئي جيڪا اڪثريت راءَ سان منظور ٿي وئي جنهن قرارداد مان گھڻن اسيمبلي ميمبرن جي سڃاڻپ سامهون اچي وئي ته اھي سنڌ جا سڄڻ آهن يا دشمن آهن پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ھن قرارداد خلاف ھلندڙ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو مزي جي ڳالهه اھا سامهون آئي ته سنڌ جي ھر ٻرندڙ مسئلي تي ايوان اندر توڙي ٻاهر سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندڙ حليم عادل شيخ ھن اھم مسئلي تي واڪ آئوٽ ڪري ويو پر ان سان گڏ خوشي جي ڳالهه اھا سامهون آئي ته تحريڪ انصاف جي بھادر ايم پي اي شھريار شر پنهنجي پارٽي کي ھيٺ ڪري ھن قرارداد جي حمايت ۾ ووٽ ڏئي ثابت ڪيو ته اقتدار ڪرسي سياسي پارٽيون ھيٺ آهن پر سنڌ ھميشه انهن کان مٿان آهي،
ياد رهي ته سنڌ اسيمبلي صرف صدارتي آرڊينس خلاف قراداد منظور ڪري پنهنجي دل جي ڪاوڙ ڪڍي آهي جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ عارضي طور خوشين جي لھر لڳي پئي آهي ته پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي ته قرارداد يا ٺھراءَ منظور ڪرڻ ھڪڙي قسم جي ان منصوبي خلاف ڪاوڙ ڪرڻ جو اظهار آهي جيڪو پڻ سٺو عمل آهي پر قانوني طرح سنڌ اسيمبلي ان آرڊيننس کي رد نه ڪري سگهي آهي جنهن سبب سنڌي ماڻهن کي خوشي بدران اڃان مزاحمتي تحريڪ ھلائڻ گهرجي ته سڀ سياسي پارٽيون گڏجي ٽنھي ايوانن مان ان آرڊينس کي رد ڪرائين يا انهي آرڊيننس خلاف سنڌ اسيمبلي ڪو ايڪٽ پاس ڪري باقي رڳو قرارداد سان ڪجهه نٿو ٿي سگهي.
يا وري اهو آرڊيننس تڏهن رد ٿي سگهي ٿو جڏهن سينيٽ يا قومي اسيمبلي انهي خلاف قرارداد پاس ڪري وڏي، جنهن جي لاءِ جي ڊي اي ۽ پ پ پ کي گڏجي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو ته اھو ڪم ڪو ايڏو وڏو مشڪل نه آهي ڇو ته جي ڊي اي وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي اها ان تي دٻاءُ وجهي سگهي ٿي. سياسي پارٽين کي ان اھم مسئلي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي نه ته ٻي صورت ۾ تاريخ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *