تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

آفتن کان بچاءُ لاءِ ٺهيل ادارو پاڻ ئي آفت بڻيل

عوام کي مصيبتن ۽ آفتن ۾ ريسڪيو ڪرڻ ،انهن جي سهائتا ۽ بحالي لاءِ قائم ڪيل ادارو اين ڊي ايم اي ئي جڏهن پاڻ عوام لاءِ مصيبت ۽ آفت بڻجي وڃي ته ان کان وڏي آفت عوام لاءِ ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. اين ڊي ايم اي جي ڪردار تي بي اعتمادي ڪنهن عام ماڻهو،ڪنهن حڪومتي عملداريا وزير نه ڏيکاري آهي پر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏيکاري آهي . عوام جي سهولت لاءِ قائم ڪيل ادارا عوام کان ته سدائين لاتعلق ۽ لاپرواهه رهندا آيا آهن پر حيرت جهڙي ڳالهه ته انهي عوام جي نالي تي ڪيل خرچن جي تفصيلن ۽ پنهنجي ڪارڪردگي لاءِ انهن وٽ جواب ئي نه آهن جو عدالتن کي مطمئن ڪري سگهن،اهڙي حالت رڳو ڪنهن هڪ اداري جي ناهي جڏهن به ڪنهن اداري جو معاملو ڪورٽ تائين پهتو آهي ۽ پڇاڻو ٿيو آهي ته اتي انهي اداري جا عملدار يا ڪرتا ڌرتا جواب ڏيڻ جي به قابل نه رهيا آهن .
ڪورونا وائرس جي روڪٿام معاملي تي سپريم ڪورٽ طرفان ورتل پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي شنوائي دوران اين ڊي ايم اي جي جمع ڪرايل جواب تي جڏهن چيف جسٽس پڇاڻو شروع ڪيو ته اين ڊي ايم اي جا عملدار ۽ اٽارني جنرل ڪوبه مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏئي سگهيا جنهن تي چيف جسٽس اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي ڪهڙو تماشو آهي، لڳي ٿو اين ڊي ايم اي کي ختم ڪرڻو پوندو.ڇا ان کي ختم ڪرڻ لاءِ وزيراعظم کي سفارش ڪرڻي پوندي. چيف جسٽس چيو ته شايد گهڻو ڪجهه غلط ٿيو آهي جنهن کي لڪايو پيو وڃي.ڇو نه اين ڊي ايم اي جي چيئرمين خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪجي؟مونکي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اربين رپيا ڪيئڻ خرچ ڪيا ويا جڏهن ته انهي شنوائي دوران ماڪڙ وارو معاملو به آيو.
ڪورونا وائرس عوام جي جان ۽ مال تي حملي آور ٿيو، سمورا ڪاروبار لاڪڊائون ڪري بند ڪرڻا پيا ماڻهو پنهنجا روزگار وڃائي ويٺا،غريب پورهيت پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پريشان ٿي ويا ۽ ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهتو ته مٿان اچي ماڪڙ زرعي آبادي ۽ فصلن تي حملو ڪري باقي رهيل سهيل ڪسر به پوري ڪري ڇڏي.انهي دوران اين ڊي ايم اي کي سرگرم ڪيو ويو ۽ معاشي صورتحال ڏکي هوندي به اربين رپيا جاري ڪيا ويا ته جيئن ڪورنا وائرس ۽ ماڪڙ جي مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي ۽ انهن کان متاثر ٿيل عوام کي ريسڪيو ڪري انهن جي بحالي ۽ گذر سفر جو بندوبست ڪري سگهجي،پر جڏهن شروع ۾ ئي ڪورونا وائرس خلاف ويڙهه ڪندڙ طبي عملي کي پي پي ايز نه ملڻ جون شڪايتون سامهون آيون،وينٽيليٽرن جي تعداد، ڪورونا جي ٽيسٽنگ ڪٽس جا معيار ،لاڪڊائون ڪرڻ يا نه ڪرڻ جاوفاق ۽ صوبائي حڪومتن ۾ تڪرار سامهون آيا ته سپريم ڪورٽ ڪورونا معاملي بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺي ان جي شنوائي ڪئي.انهي شنوائي دوران ئي اهو اڳيان آيو ته اين ڊي ايم اي رڳو نالي ۾۽ ميڊيا ۾ ئي متحرڪ نظر اچي رهي هئي باقي هر هنڌ ڪاري واري ڪک هيا، ايتري تائين جو ڪاغذن ۾ به ان جو پوراءُ نه ڪيو ويو جنهن جو اظهار سپريم ڪورٽ ۾ به ٿيو.
اسان سمجهون ٿا ته ڪورونا ۽ ماڪڙ ٻئي اهڙيون آفتون هيون جن آڏو حڪومت ۽ ان جي ادارن عوام کي بي يار ۽ مددگار ڇڏي ڏنو هو، اهو عوام پنهنجي وسيلن ۽ قوت آهر انهن ٻنهي آفتن سان پنهنجي مدد پاڻ تحت وڙهندو رهيو ۽ ان جي نالي تي جاري ڪيل اربين روپيا الائي ڪٿي خرچ ٿيندا رهيا جنهن جو هاڻي سپريم ڪورٽ پڇاڻو شروع ڪيو آهي. انهي جو جواب ته اين ڊي ايم اي ئي ڏيندي پر انهي سڄي صورتحال مان هڪ ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته اسان جا ادارا عوام جي حياتي ۽ موت وارن معاملن تي به پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ يا ڪجهه ڪرڻ بدران عوام کان لاتعلق هوندا آهن ۽ انهن جو سڄو ڌيان يا دلچسپي انهن پئسن تي هوندي آهي جيڪي عوام جي نالي تي ئي نڪرندا آهن ۽ انهن عوام تي ٽڪو به خرچ نه ڪيو ويندو آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *