تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

آمريڪا ۾ ٽرمپستان جي پڄاڻي معنيٰ ؟

مون گذريل ھفتي ھتي ھن ئي ڪالم ۾ لکيو ھو مسئلو اھو ناھي ته ٽين نومبر وارين چونڊن ۾ اسانجو وائيٽ ھائوس ۾ ويٺل عمران خان چونڊ ھارائي ويندو پر اڪثر آمريڪين کي ڳڻتي اھا ورايل آھي جي ڊونالڊ ٽرمپ اھا چونڊ ھارائي ويو ته انجي نتيجن کي الائجي مڃيندو به يا نه! ھاڻ ھي گوءِ آھي، گوءِ جي ميدان ۾ ھارايل ھي ڍڳو آ جنھن ھار مڃڻ بدران پنھنجا سڱ آمريڪي اڪثريتي ووٽر عوام سان اٽڪائي ڇڏيا آھن. ھاڻ وائيٽ هائوس ۾ ويٺل ڏسو دنيا جو طاقتور ترين ماڻھو ۽ حڪمران پيو چوي ته ساڻس ڌانڌليون نه ڌانڌلا ٿيا آھن، دولاب ٿيو آھي ۽ آمريڪا جي گادي واري شھر واشنگٽن ۾ وائيٽ ھائوس ٻاھران هڪ وڏي انگ ۾ سندس مخالف مظاھرين توڻي عام آمريڪي جھڙوڪر ڌرڻو ھنيو پاٺن تي نعرو لکيو پيا چون “يو آر فائرڊ” معنيٰ تون نوڪري مان نڪتل آھين.
اھا آمريڪي تاريِخ جي بيمثال صدارتي چونڊ آھي جنھن ۾ گذريل سو سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ وڌا ويا آھن ۽ ڊونالڊ ٽرمپ جھڙي صدر جو پڻ مثال نه ٿو ملي. جيڪو چوي پيو ته سندس ئي مطالبي تي ته ٽن رياستن ۾ ڳڻپ ٻيھر ڪئي وڃي، ھاڻ چوي پيو ته ووٽن جي ڳڻپ جي ڳالھه ئي ناھي ھو کٽيو ويٺو آھي ۽ اھو به ته ٽپال ۾ آيل لکين ووٽن جي کلڻ ۽ ڳڻپ جي به مخالفت پيو ڪري چئي کيس خبر آھي ته اھي ووٽ “ڪوڙا” آھن. ھوڏانھن آمريڪي تاريخ جا سڀ کان گھڻي ۾ گھڻا ڪي هڪ سو ملين ووٽ پيا آھن. باوجود ڪورونا جي آمريڪي ماڻھو ٻاھر نڪتا ۽ ھنن منهنجي ھڪڙي دوست چواڻي پنھنجي گذريل چونڊن ۾ ڪيل غلطي درست ڪئي.
اوھان آمريڪي جمھوريت جي ڪهڙين ڪھڙين نعمتن کي ٿڏيندا! پر ڊونالڊ ٽرمپ جھڙا صدرآمريڪا ۾ نه پر ٿرڊ ورلڊ جي آپيشاھين ۽ مطلق العنان بادشاھتن يا وري اتر سنڌ جي سردارين لائق ھئا. هونئن به نيويارڪ ۾منھنجي پاڙي واري ڪائونٽي ڪوئنز ۾ ھڪڙي جرمن تارڪ وطن جي گھر ۾ڄمندڙ ۽ وڏي ٿيندڙ ھن “ڏنگي ٻار” جو خواب اھو ھو ته سندس نالي واري نيون سائين سونھري اکرن ۾ نيويارڪ وچان وھندڙ درياءَ ھڊسن درياءَ جي پاڻين مٿان راتين جو جرڪي سا واقعي جرڪي . پر سترھزار ڊالر پنھنجي ھيئر ڊريسر يا وارن جي سنوارت تي سنوارت ڪندڙ کي ادا ڪندڙ پر فقط اکرين ساڍا ست سو ڊالر آمدني جو يا انڪم ٽئڪس ادا ڪندڙ ارب نه کرب پتي ڊونالڊ ٽرمپ آمريڪا جو نالو ٻوڙي ڇڏيو. نوم چومسڪي جنھنکي مان آمريڪا جو ضمير سڏيندو آھيان تنھنجو چوڻ آھي ته سموري انساني تاريخ ۾ ڊونالڊ ٽرمپ جھڙو ڏوھاري پيدا ئي نه ٿيو آھي.
جڏھن ته هتي ھنن چونڊن کان ٻه ڏينھن اڳ آمريڪا جي ڳاڻ ڳڻيي ايڊيٽر بل ماھر ھفتيوار نيويارڪر ۾ لکيو “ ڊونالڊ ٽرمپ چونڊن ۾ ھار افورڊ ئي نه ٿو ڪري (اھا دٻ ئي نه ٿو جھلي )سگھي ڇاڪاڻ ته چونڊن ۾ ھن جي ھار جو مطلب آھي سندس جيل وڃڻ”. هفتيوار نيويارڪر پنھنجي سرورق تي ڊونالڊ ٽرمپ جو خاڪو ڏنو جنھن ۾ سندس جسم جي ھڪڙي پاسي سوٽ ۽ ٻئي جسم جو اڌ جمپ سوٽ يعني قيدين جو لباس پھريل ڏيکاريل آھي.
پر اھڙو ڪو مثال آمريڪي تاريخ ۾ ناھي جنھن ۾ ڪڏھن، ڪو آمريڪي اڳوڻو صدر جيل ويو ھجي پر جتي ڊونالڊ ٽرمپ تاريخ جي شرابي ٽن ڊرائيور وانگر غلط پاسي تي رھندي آمريڪي تاريخ جا ڪيئي خراب مثال قائم ڪيا آھن، اھو به ممڪن آھي. سندي اليڪشن مھم دوران هڪڙي ھنڌ ڀوڳ ۾ ھن چيو جي ھن چونڊون ھارايون ته ملڪ ڇڏي ويندو تنھن تي سي اين اين تي ھڪڙي تجزيي ڪار چيو ملڪ ڇڏي وڃي ڪنھن عرب ملڪ ۾ رھي سگھي ٿو ڇو ته آمريڪا ۾ ته سندس لاءِ جيل آھي. منھنجي ننڍپڻ ۾ آمريڪا ۾ صدر رچرڊ نڪسن ھو ۽ پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ھئي. انھن ئي ڏينھن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي آمريڪا جو دورو ڪيو ھو ۽ کيس صدر نڪسن وائيٽ هائوس ۾ بيگم نصرت ڀٽو سميت مانجھاندو پڻ ڏنو ھو.
انھن ئي ڏينھن ۾ بينظير ڀٽو آڪسفورڊ جي ڊبيٽنگ سوسائٽي جي صدر ھئي ۽ سندس ھڪڙي مباحثي جو موضوع صدر نڪسن پڻ ھو. بينظير سندي جوشيلي تقرير ۾ چيو ھو “صدر نڪسن آمريڪا ۾چوي ٿو ته ھن لا اينڊ آرڊر قائم ڪيو آ. اصل ۾ ھن لا ٽوڙيو آ ۽ ڊس آرڊر پيدا ڪيو آ. صدر نڪسن اصل ۾ وائيٽ ھائوس کي ڪرائيم سين ۾ بدلائي ڇڏيو آ.
بينظير جي چيل اُھا ڳالھه اڄوڪي (ھاڻ اميد ته ڪالھوڪي) آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ تي به ٺھڪي اچي ٿي.
قلم تازو؛ ھن ڪالم جي لکجڻ تائين جو بائيڊن سندس ۽ اسانجي اعزازي سنڌياڻي آمريڪڻ پياري ايملي ھائوز جي رياست پينسلوانيه ( جيڪا ان کان اڳ ڳاڙھي يعني ريپبليڪن رياست ھوندي ھئي) اتان پڻ ھاڻ جو بائيڊن جي سرسي ٿي رھي ھئي. معنيٰ صدارتي چونڊ ۾ جنگ جو ميدان بڻيل رياست مان جو بائيڊن جي کٽي اچڻ جو مطلب کيس وائيٽ هائوس پھچڻ ڪاڻ اليڪٽورل ڪاليج ۾ فقط گھربل ووٽن (شايد ڇھن ، مونکي انگ اکر سمجھه ۾ نه اچن حقيقتون اچن معنيٰ فگرس نه فيڪٽس) لاءِ ٻين رياستن جي به گھرج نه پوي.
پنھنجا پاڻ ۾ آھيون ھن ايڪويھين صدي ۾ پڻ آمريڪي ڊيموڪريسي ۾ اھو اليڪٽورل ڪاليج ڄڻ آھي افغان لويا جرگا. ڄڻ ته انکي بي ڊي سمجھو. پاپولر ووٽ ته آھي ئي جو بائيڊن جو. پرھن ڀيري ته ٽرمپ نه پاپولر ووٽ کٽي سگھي ٿو نه وري اليڪٽورل ڪاليج ئي.
سو اجھو ٿيو آمريڪا ۾به ٽرمپستان جو خاتمو . آمريڪا ۾ ٽرمپستان جو خاتمو معنيٰ غائبستان جو خاتمو.
اهو به ٻڌائيندو ھلان ته برطانوي اخبار گارجين لکيو آهي ته آمريڪي سيڪريٽ سروس جوبائيڊن کي سندس لاءِ حفاظتي اسڪواڊ پڻ موڪليو آھي جيڪو عام طور ھو ان اميدوار لاءِ اماڻيندا آھن جنھنجي آمريڪا جي صدر ٿيڻ جا سگھارا امڪان ھوندا آھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *