تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

آمريڪي اليڪشن ۽ موسمي ڦيرگھير

29 آڪٽوبر تي آمريڪا جي شهر نيو اورلينس ۾ هڪ هوائي طوفان آيو جنهن ڪر ي هزارها ماڻهن کي رات گھر اندر گذارڻ جو چيو ويو. آمريڪا وارن انهيءَ طوفان جو نالو زيٽا رکيو، انهيءَ طوفان ڀر وارين رياستن کي به متاثر ڪيو. انهيءَ طوفان ۾ هوائن جي رفتار 96 ڪلوميٽر في ڪلاڪ هئي. ان طوفان ڪري 20 لک ماڻهن جي گھرن ۾ بجلي نه هئي. جتي اهو طوفان آيو اتي جيڪي رياستون متاثر ٿيون تن ۾ لوسيانا، مسي سپي، پي الباما ۽ جارجيا شامل آهن.
سڄي دنيا ۾ آفتون اچن ٿيون جن کي جدا نالا ڏنا ويندا آهن، سامونڊي طوفان کي Hurricane واچوڙي کي Tornado ڳڙي جو شديد وسڪاري کي Hailstorm ۽ تيز هوائن سان برف جي طوفان کي Blizzard چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ گرمي ۽ سوڪهڙي سبب به نقصان ٿين.
آمريڪا ۾ سال 2005ع ۾ سامونڊي طوفان Katrina آيو هو جنهن ڪري 146 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيو. اهو آمريڪي رڪارڊ موجب وڏي ۾ وڏو نقصان وارو سامونڊي طوفان هو جنهن 9 رياستن ۾ تباهي آندي ۽ لوسيانا رياست جو شهر نيو آرلينس وڌ ۾ وڌ تباهي هيٺ آيو. سال 2008ع ۾ سامونڊي طوفان IKE آيو جنهن ۾ 29 ارب آمريڪي ڊالرز جو نقصان ٿيو ۽ سال 2013ع جي آڪٽوبر جي پڇاڙي ۾ سامونڊي طوفان Sandy آيو جنهن آمريڪا جي مکيه علائقن جھڙوڪ نيويارڪ ۽ نيوجرسي کي متاثر ڪيو. ان طوفان ۾ آمريڪا جي 15 رياستن ۾ 20 لک گھرن جي بجلي فيل ٿي وئي. اٽڪل 109 ماڻهو مري ويا، سب ويز ۾پاڻي ڀرجڻ ڪري ٽرانسپورٽ جو نظام متاثر ٿيو، ٿڌ پوڻ ۽ بجلي فيل ٿيڻ ڪري 30 کان 40 هزار گھرن جي ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي. پيٽرول اسٽيشنز تي (جن کي آمريڪا ۾ گئس اسٽيشن چون ٿا) ماڻهن جون ڊگھيون لائينون لڳي ويون. اها ڳالهه ته هئي آمريڪا جي، اچو پاڪستان تي، سال 1999ع ۾ سامونڊي پٽي ۾ سائيڪلون A-2 آيو جنهن سان ٺٽي، بدين ۽ سجاول ضلعن ۾ ايڏي وڏي تباهي آئي جو ماڻهن جا لاش وڻن ۾ ٽنگيل نظر آيا. سال 2006ع جي سيپٽمبر مهيني ۾ زبردست مينهن پيا. 18 ڪلاڪن جي ساندهه برسات ۾ 7 انچ مينهن رڪارڊ ٿيو. جنهن حيدرآباد جي هوائن واري شهر کي ٻوڙي ڇڏيو. سال 2010ع ۾ خيبرپختونخوا صوبي ۾ زبردست مينهن سبب سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ آئي جنهن ڪري سنڌ ۾ چئني هنڌن تي درياهي بندن کي کنڊ لڳا. انهن مان ٽوڙي واري کنڊ وڏو نقصان ڪيو. خيرپور ناٿن شاهه جو شهر ٻڏي ويو ۽ ڪجھه علائقن ۾ پاڻي ٽن چئن مهينن کان پوءِ نڪتو. سال 2011ع ۾ درياهه جي کاٻي پاسي وچولي ۽ هيٺين سنڌ ۾ زبردست مينهن مهينو کن پوندارهيا جن بدين، ميرپور خاص، سانگھڙ، ٿرپارڪر، ٽنڊو الهيار ۽ شهيد بينظير آباد ضلعا ٻوڙي ڇڏيا. ڪن هنڌن مان پاڻي نڪرڻ ۾ 6 مهينا لڳا. سال 2012ع ۾ اتر سنڌ ۾ زبردست مينهن پيا. جن ڪشمور، گھوٽڪي، جيڪب آباد، شڪارپور، قمبر شهداد ڪوٽ ضلعا ٻوڙي ڇڏيا ۽ پاڻي ڪيتري وقت تائين بيٺو رهيو. هن سال برساتن سڄي سنڌ ٻوڙي ڇڏي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي آفتون ڇو ٿيون اچن؟ اهو مسئلو ڪنهن ملڪ جو ناهي پر سڄي دنيا جو آهي. انهيءَ کي حل ڪرڻ هڪ ملڪ جو ڪم ناهي پر سڄي دنيا جو ڪم آهي. انهيءَ لاءِ سال 1988ع ۾ گڏيل قومن واري اداري ۽ عالمي موسميات کاتي وارن هڪ پينل جوڙيو هو جنهن کي موسمي ڦيرگھير جو عالمي پينل سڏيو ويو جنهن کي مختصر ڪري IPCC (Intergovernmental panel on climate change) چيو ويو. انهيءَ پينل کوجنا ڪري ٻڌايو ته موسمي ڦيرگھير دنيا جي گولي جو گرمي پد وڌڻ ڪري ٿئي ٿو جنهن ڪري )Green House Gases (G.H.Gپيدا ٿين ٿيون. انهيءَ جي وڌڻ ڪري موسمن ۾ ڦيرگھير اچي ٿو. انهيءَ جو سبب 19 صدي ۾ آيل صنعتي انقلاب هو. صنعتي انقلاب ۾ ڪارخانا، فيڪٽريون ۽ بجلي گھر ٺاهيا ويا گاڏيون، سامونڊي ۽ هوائي جهاز آيا. انهن کي هلائڻ لاءِ نامياتي ٻارڻ (Fossil Fuel) ڪوئلي، گئس ۽ تيل جو استعمال ڪيو ويو. ان ڪري تمام گھڻي GHG يعني ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، نائيٽرس آڪسائيڊ ۽ ميٿين پيدا ٿئي ٿي. انهيءَ گئس دنيا جي گولي جي چوڌاري هڪ ڇلو ٺاهي ڇڏيو آهي جيڪو سج جي موٽندڙ شعائن کي روڪي ٿو ۽ ايئن دنيا جو گرمي پد وڌي ٿو. انهيءَ پينل جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين دنيا جي گولي جو گرمي پد 0.85 ڊگري وڌي ويو آهي. جيڪڏهن نامياتي ٻارڻ جو استعمال ايئن ئي ٿيندو رهيو ته هن صدي جي پڇاڙي تائين 5 کان 6 ڊگري وڌي ويندو. اسان 2 ڊگرين جي واڌ سهي سگھون ٿا. انهيءَ کان وڌيڪ واڌ ماڻهو سهي نه سگھندا. تنهن ڪري دنيا ۾ ماڻهن جو جيئرو رهڻ ڏکيو ٿي پوندو.
صنعتي انقلاب ڪري دنيا جي گولي جو گرمي پد 0.85 ڊگري سينٽي گريڊ وڌي ويو آهي. انهيءَ جا ذميوار ترقي ڪيل صنعتي ملڪ آهن. متاثر ٿيل ملڪن ۾ سڄي دنيا اچي وڃي ٿي پر گھٽ ترقي ڪيل ملڪ وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. جيئن مالديپ، بنگلاديش ۽ پاڪستان. دنيا جا صنعتي ملڪ 73 سيڪڙو G.H.G پيدا ڪن ٿا. ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان رڳو 0.34 سيڪڙو G.H.G پيدا ڪري ٿو. اسان کي نامياتي ٻارڻ يعني گئس، تيل ۽ ڪوئلي جو استعمال گھٽ ڪرڻو پوندو ٻئي پاسي صنعتي ترقي کي پوئتي موٽائي نٿا سگھون. ڇاڪاڻ جو انسان جن سهولتن جو عادي ٿي چڪو آهي اهي ڇڏڻ ڏکيو آهي. منعيٰ اسان کي ڪارخانا، بجلي، گاڏيون، سامونڊي ۽ هوائي جهاز، فرج، ايئرڪنڊيشنز لازمي طور کپن. انهيءَ لاءِ اسان نامياتي ٻارڻ جو استعمال گھٽ ڪرڻو پوندو جن مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گھٽ پيدا ٿئي ٻيا متبادل آهن، پاڻي، سج، هوا، سامونڊي لهرون، زمين جي گرمي، نيوڪليئر انرجي وغيره. اهو ڪم سڄي دنيا جي ملڪن کي ڪرڻو پوندو،. خاص ڪري ترقي ڪيل ملڪن کي جيڪي 73 سيڪڙو گدلاڻ پيدا ڪن ٿا.
گڏيل قومن جي اداري جي مدد سان 12 ڊسمبر 2015ع ۾ پيرس ۾ هڪ معاهدو ٿيو جنهن جون خاص ڳالهيو هي آهن.
1.دنيا جي گولي جو گرمي پد صنعتي انقلاب شروع ٿيڻ واري سطح کان 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه وڌڻ کپي.
2.ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گھٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿئي.
3.ملڪن طرفان گئسون گھٽائڻ واري پروگرام کي مڃيو ويو پر انهيءَ کي هر پنجن سالن کان پوءِ ورجايو ويندو ۽ پهريون ورجائڻ سال 2023ع ۾ ٿيندو.
4.گئسون گھٽائڻ بابت امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا رهندا ته جيئن اهي غريب ملڪ نه رڳو گھٽائي سگھندا پر گرمي پد وڌڻ جي صورت ۾ موسمي ڦير گھير تي پاڻ کي هيرائي به سگھندا.
5.جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي ڏنل پروگرام تي عمل نٿو ڪري سگھي ته انهيءَ ملڪ تي ڪو ڏنڊ نه وڌو ويندو.
6.موسمي ڦير گھير جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ملڪ کي ڪو معاوضو نه ڏنو ويندو.
7.ملڪ ڪاربان جو وڪرو ڪري سگھندا.
صدر ٽرمپ جي مخالفت:
جڏهن گذريل دفعي نومبر 2016ع ۾ صدارتي چونڊن جو اعلان ٿيو ته آمريڪي صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي چونڊ دوران موسمي تبديلي کي مذاق چيو جيڪو انهيءَ ڪري ڦهلايو ويو ته جيئن آمريڪا تيار ٿيل مشين کان چين پنهنجي مشينري جي قيمت گھٽ رکي گوءِ کڻي وڃي. هن اهو به چيو ته آمريڪا هن معاهدي مان نڪري ويندو، پيرس واري ڪانفرنس اڃان هلي پئي ته 8 نومبر 2016ع تي آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ٿيون ۽ 9 نومبر تي نتيجي نڪرڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي صدر چونڊجي ويو، صدر ٽرمپ پنهنجي چتاءَ تي قائم رهيو ۽ صدر ٿيڻ کان پوءِ هن جي چوڻ تي آمريڪا انهيءَ معاهدي مان نڪري ويو. آمريڪا جو دنيا ۾ گدلاڻ ڦهلائڻ وارن ملڪن ۾ ٻيون نمبر آهي. هو سپر پاور آهي ۽ معاشي طرح تمام خوشحال. ترقي ڪندڙ ملڪن کي اميد هئي ته آمريڪا انهيءَ بيماريءَ کي ٻيو نمبر هجڻ ڪري انهن ملڪن جي مدد ڪندو، جڏهن هو انهيءَ معاهدي مان ئي نڪري ويو ته هو نه گرين هائوس گيس کي ڦهلڻ کان روڪڻ ۾ مدد ڪندو ۽ نه ئي ترقي ڪندڙ ملڪن جي مالي مدد ڪندو. حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول آهي ته ڪنهن به واپاري کي ملڪ جو حاڪم نه بڻايو. واپاري حڪومت وسيلي پنهنجي واپار کي وڌائي ٿو ۽ اهڙيون پاليسيون ٺاهيندو جيڪي ڀلي ملڪ کي نقصان ڏين پر هن کي فائدو ٿيندو. ٽرمپ به هڪ واپاري آهي ۽ هن جو ڪوئلي جي صنعت سان واسطو آهي، جيڪڏهن بجلي ٺاهڻ لاءِ متبادل ذريعا ٿا استعمال ٿين ته ڪوئلي جي کپت نٿي ٿئي ۽ ڪوئلي وارن کي نقصان ٿئي ٿو جيڪو هن کي نقصان ڏيندو. پوءِ هو ڇو گئس جي اخراج ڏانهن وڃي. ڀلي دنيا ۾ گرمي وڌي ۽ دنيا جا ملڪ آفتن جو شڪار ٿين.
آمريڪي چونڊون:
آمريڪا ۾ نومبر ۾ صدارتي اليڪشن ٿيندي جنهن ۾ جو بائيڊن ۽ صدر ٽرمپ وڙهن پيا، جيڪڏهن هن اليڪشن ۾ جو بائيڊن کٽي ٿو وڃي ته پوءِ هو پيرس معاهدي ۾ موٽي ايندو پر جيڪڏهن ٽرمپ ٻيهر صدر ٿئي ٿو ته موسمي ڦيرگھير جي مخالفت جاري رکندو ۽ دنيا آفتن کان بچي نه سگھندي.
گرمي پد وڌڻ ڪري موسمن ۾ تبديلي هڪ حقيقت آهي تنهن ڪري صدر ٽرمپ واري نه چونڊجي، نه ته ايندڙ چار سال هو وري انهيءَ جي مخالفت ڪندو ته موسمي ڦيرگھير هڪ مذاق آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *