تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

آمريڪي صدارتي چونڊن مٿان ڪارا ڪڪر

هي سٽون لکڻ تائين آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ پيل ووٽن جي ڳڻپ ۾ سستي پئجي وئي آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته رڪارڊ ووٽ پوڻ سبب مڪمل نتيجن اچڻ ۾ ڪيئي ڏينهن لڳي سگهن ٿا. واشنگٽن ۾ رات ٻين وڳي صدر ٽرمپ جي ان تقرير ممڻ مچائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته هو اڳي ئي اليڪشن کٽي چڪو آهي ۽ هاڻي وڌيڪ ڳڻپ جو فراڊ بند ٿيڻ گهرجي جنهن لاءِ هن سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو. جنهن بعد دنيا ۾ آمريڪي جمهوريت بابت خوف ۽ غيريقيني ڇائنجي وئي آهي. جنهن سان نه فقط آمريڪا جهڙي سڌريل ملڪ پر باقي دنيا ۾ اڌوگابري جمهوريتن کي به خطرو پئجي ويو آهي ۽ ان سان آمريتن کي هٿي ملندي. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته ريپبليڪن اڳي ئي اها رٿا ٺاهي چڪا هئا ته جي هو نه کٽيا ته ڪورٽ يا اسٽريٽ جي مدد سان وائيٽ هائوس ۾ پنهنجي بيٺڪ جاري رکندا. FBI به وڳوڙن کان خبردار ڪيو هو ۽ وڏن شهرن ۾ شيشن جي عمارتن کي ڍڪيو ويو هو. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته ٽرمپ روسي صدر پيوٽن ۽ چيني صدر شي جن پنگ وانگر تاحيات صدر ٿيڻ چاهي ٿو پر آمريڪي آئين ۾ اهڙي گنجائش ناهي. جرمني جي وزيردفاع ان صورتحال کي ڌماڪيدار سڏيندي ان امڪان کي رد نه ڪيو آهي ته ملڪ آئيني بحران جي ور چڙهي وڃي. يورپين ميڊيا خدشو ظاهر ڪيو آهي ته آمريڪا تباهي جي ڪناري تي آهي. آسٽريليا جي اڳوڻي وزيراعظم چيو آهي ته ووٽ ڳڻيا وڃن. چيني ميڊيا انهن چونڊن کي ترقي پذير ملڪن جون چونڊون قرار ڏنو آهي. دنيا ۾ آمريڪي جمهوريت جو عڪس خراب ٿيو آهي. برطانوي وزيراعظم جانسن تبصري کان انڪار ڪيو آهي ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو آهي ته اهو فيصلو اميدوار جي هٿ ۾ نه هجڻ گهرجي ته ووٽ ڳڻڻ ڪڏهن بند ڪرڻ گهرجن. البته پرڏيهي وزير اميد ڏيکاري آهي ته آمريڪي نظام جو چيڪ ۽ بيلنس وارو نظام ان بحران کي حل ڪندو ۽ صبر جي اپيل ڪئي آهي. عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ ٻڏتر جو شڪار آهن. غيريقيني ڪري ڊالر ۾ معمولي لاٿ ڏٺي وئي آهي ۽ سو ن جو اگھه چڙهي رهيو آهي.ايران جي رهنما 81 سالن جي خمينائي چيو آهي ته ڪير به اچي ايران تي فرق نٿو پوي ۽ چونڊون ڊرامو آهن. پر ٽرمپ جي ڪري اقوام متحده جي قيادت ۾ يورپي يونين، اوباما جي آمريڪا سان 2015ع ۾ نيوڪليئر معاهدي ڪري وڌل پابندين کي نرم ڪيو هو جنهن کي ٽرمپ يڪطرفه طور ٽوڙي ڇڏيو ۽ ايران مٿان وڌيڪ پابنديون هنيون. پاڪستاني دفتر خارجا چيو آهي ڪير به کٽي هو ان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
هن وقت تائين جو بائيڊن 238 ۽ صدر ٽرمپ 213 سيٽن تي کٽي رهيو آهي جڏهن ته صدر ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 270 اليڪٽورل ووٽ يا سيٽون گهربل آهن. بائيڊن 6ڪروڙ 94 لک ۽ ٽرمپ 6 ڪروڙ 70 لک ووٽ کڻي چڪو آهي۽ اندازو آهي ته اڍائي ڪروڙن کان وڌيڪ ووٽ اڃان پوئتي آهن پر صدارتي چونڊن جو فيصلو پاپولر ووٽن تي نه پر رياستي اليڪٽورل ووٽن يا رياستي سيٽن جي بنياد تي ٿيندو آهي. ڪئليفورنيا ۾ سڀني کان گهڻيون سيٽون55 آهن جتي بائيڊن کٽي چڪو آهي، ٽئڪساس جون 38 سيٽون ٽرمپ کٽي چڪو آهي ۽ فلوريڊا توڙي نيويارڪ ۾ 29-29 سيٽون ترتيبوار ٽرمپ ۽ بائيڊن کٽي چڪو آهي. 8 رياستن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ووٽ آهن جن۾ موناٽا، ورمانٽ، اتر ۽ ڏکڻ ڊڪوتا، الاسڪا، ڊسٽرڪٽ ڪولمبيا، وائمونگ، دلئيورشامل آهن. انکانسواءِ ڇهن وڏين رياستن ۾ زوردار مقابلو آهي جن مان ٽرمپ کي ٽن رياستن جارجيا،اتر ڪئرولينا ۽ پئنسلوانيا ۾ سرسي آهي جنهن سان کيس 41 سيٽون ملي سگهن ٿيون جڏهن ته بائيڊن کي به ٽن رياستن مشيگن، نئويڊا ۽ وسڪونسن ۾ سرسي آهي ۽ جي هو انهن ۾ کٽي ويو ته کيس به 32 ٻيون به سيٽون ملي سگهن ٿيون. واشنگٽن جي وقت موجب رات جو ٻين وڳي صدر ٽرمپ جي ان تقرير تي خود سندس پارٽي وارا به تنقيد ڪري رهيا آهن ڇوته ڪجھه رياستن جي قانون موجب هر ووٽر جنهن اڱاري تائين پوسٽ ۾ بيلٽ وڌو آهي ۽ سندس بيلٽ تي پوسٽ جو ٺپو لڳل آهي ۽ ٽن ڏينهن بعد به اهو بيلٽ اليڪشن آفيس پهچي ٿو سو ووٽنگ ۾ شامل ڪيو ويندو. سندس ان اعلان سان وڪيلن جي چاندي ٿي وئي آهي جيڪي ٻنهي پاسي 1,000 جي لڳ ڀڳ گڏ ٿي قانوني جنگ لاءِ سندرا ٻڌي رهيا آهن ۽ اليڪشن بابت 300 مقدما اڳي ئي ڪورٽن ۾ داخل آهن. پوسٽل بيلٽ پيپرن جي اهليت کي پڻ ڪورٽ ۾ ٽيڪنيڪي بنياد تي چئلينج ڪيو ويو ڇو ته ٽرمپ کي خبر هئي ته انهن جي اڪثريت ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حامين جي هوندي جيڪي پهريون دفعو ووٽ وجهي رهيا هئا پر اها ڪورٽ سڳوري رد ڪري ڇڏي. ڊيموڪريٽڪ پارٽي وارا اڳي ئي رڙيون ڪري رهيا هئا ته پوسٽ ماسٽر جنرل ريپبلڪن پارٽي جو چندو ڏيندڙ همدرد آهي ۽ هو هٿ وٺي پوسٽل بيلٽن پهچائڻ ۾ ڍرائي ڪري رهيو آهي ڇو ته انهن مان گهڻا ووٽ جو بائيڊن جي حق ۾ هئڻ جي اميد آهي. ٽرمپ کان پهريائين ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار جو بائيڊن خطاب ڪندي چيو ته هر ووٽ جيڪو اليڪشن ۾ پيو آهي تنهن کي ڳڻيو وڃي ۽ هو کٽڻ جي راهه تي گامزن آهن. ماڻهن بينر اڀا ڪيا آهن ته People decide the elections, not Supreme Court يعني عوام چونڊن جو فيصلو ڪندو آهي، سپريم ڪورٽ نه! قمبر هجي يا ڪراچي، ٺٽو هجي يا دبئي پاڪستاني اليڪشن رات ته ٽي وي جي اڳيان يا ڪئمپن تي نتيجن جي انتظار ۾ گذاريسون پر آمريڪي صدارتي اليڪشن ۾ پهريون دفعو رات جاڳي گذاري آهي. حالانڪه ماڻهو چون ٿا ته ان سان پاڪستان تي ڪو خاص اثر نه پوندو ڇوته آمريڪي پرڏيهي پاليسي صدر جي تبديلي سان نه بدلبي آهي ۽ فقط ڏيهي پاليسي تي ڪجھه فرق ضرور پوندو آهي پر تنهن هوندي به خبر ناهي ڇو ٽرمپ، جانسن، عمران خان جون ادائون ساڳيون لڳي رهيون آهن. ڏيهي مسئلن ۾ ڪورونا سبب 90 لک ماڻهن جو بيمار ٿيڻ جن مان سوا ٻه لک ماڻهن جو موت، سوا ڪروڙ ماڻهن جي بيروزگاري، هڪ لک ڌنڌن جو بند ٿيڻ، ڊالر جو ملھه 7سيڪڙو گهٽجڻ شامل آهي. هن دفعي ڪورونا جي ڪري آمريڪا ۾ ووٽن جو هڪ صدي جو رڪارڊ ٽٽو آهي ۽ اليڪشن کان پهريائين ئي 25 ڪروڙ اهل ووٽرن مان 10 ڪروڙ ووٽرن روبرو يا ٽپال رستي پنهنجو ووٽ وڌو تن جي اڪثريت نوجوانن آفريڪي لاطيني عورتن توڙي ڪاليج جي پڙهيل ٻاهران آيل ماڻهن جي آهي جيڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جا حامي آهن ۽ جنهنجو نشان گڏهه آهي. جڏهن ته سفيد وڏي عمر وارا ڪاليج تائين نه پهتل مرد اميرن جي اڪثريت روايتي طور تي ريپبلڪ پارٽي جي حامين جي آهي جنهن پارٽي کي GOP يا گرانڊ اولڊ پارٽي به سڏيندا آهن ۽ سندن نشان هاٿي آهي.
آمريڪي صدارتي اليڪشن هر چوٿين سال ٿيندي آهي ۽ نئون صدر اميد ته 20 جنوري تي پنهنجي عهدي جو قسم کڻڻدو. هنن چونڊن جو مرحلو به ڪافي ڊگهو آهي جيڪو پارٽي نامزدگي کان وٺي مختلف مرحلن مان ٿيندو هن ڏاڪي تي پهچندو آهي جنهن تي تقريبن ٻه سال لڳي وڃن ٿا.هن وقت جي حساب ڪتاب موجب بائيڊن کي سرسي آهي پر صورتحال ٻڏتر جو شڪار آهي. عالمي ميڊيا تازي صورتحال بابت خاموش آهي. هن وقت ڪنهن جي کٽڻ کان وڌيڪ جمهوريت جي آئيندي تي خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. ڪير به کٽي اچي افغان امن پراسيس جاري رهندو، وچ اوڀر ۾ اسرائيل سان دوستيون وڌنديون پر جي جو بائيڊن کٽي آيو ته ايران سان معطل ٿيل امن معاهدو بحال ٿي سگهي ٿو جيڪو خطي لاءِ سٺو سنئوڻ ٿيندو ۽ پاڪستان ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جا لاڳاپا بهتر ٿيڻ جي اميد ڪري سگهجي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *