Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_3639ng6rpl6dm2g2a0cktklic6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
آمريڪي صدارتي چونڊون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar آمريڪي صدارتي چونڊون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

آمريڪي صدارتي چونڊون

ڏهن ڏينهن بعد اڱاري 3 نومبر تي آمريڪي صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن جنهن۾ موجوده ريپبلڪن پارٽي جي صدر ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار جو بائيڊن، جيڪو اوباما جي صدارت وقت نائب صدر به هو، وچ۾ مقابلو آهي. اهو ڏينهن انهن چونڊن جو مک پر پهريون مرحلو آهي جنهن تحت عام ووٽر هر رياست ۾ پنهنجي پسند جي پارٽي کي ووٽ ڏيندا ۽ جيڪا به پارٽي ان رياست ۾ کٽيندي تنهنکي ان رياست جا مقرر سڀ اليڪٽرول ووٽ يا سيٽون ملنديون، ڀلي کٽيندڙ پارٽي ڪيتري به گهٽ وٿي سان ڇو نه کٽي. گذريل چونڊن ۾ فلوريڊا رياست مان ٽرمپ اوباما کان فقط 2.2 سيڪڙو وڌيڪ ووٽ کنيا پر انڪري کيس فلوريڊا جا مقرر سمورا 29 اليڪٽورل ووٽ مليا جنهن سندس جيت کي يقيني بنايو. چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ جيڪو 14ڊسمبر تي ٿيندو تنهن۾ اهي چونڊيل اليڪٽورل نمائيندا پنهنجو ووٽ باقائده پنهنجي پارٽي جي اميدوار کي ڏئي کيس آمريڪا جو 59 هون صدر ۽ نائب صدر چونڊيندا. آئين جي آرٽيڪل 2 موجب صدارتي اميدوار لاءِ آمريڪي ڄائو هئڻ ضروري آهي جنهنجي گهٽ ۾ گهٽ عمر 35 سال هجي۽ جيڪو 14 سالن کان ملڪ ۾ رهندو هجي، صدارتي اميدوار ٿي سگهي ٿو. جمعي تائين 25 ڪروڙن کان وڌيڪ رجسٽر ووٽن مان 5 ڪروڙ ووٽر پوسٽل بيلٽ وسيلي پنهنجو ووٽ ڏئي چڪا آهن. اهو تعداد گذريل صدارتي چونڊن ۾ ساڳئي مدي تائين وڌل پوسٽل بيلٽن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي آهي جنهنجو مک سبب ڪورونا وبا جو وڌندڙ خطرو آهي. ملڪي سطح تي ٿيندڙ پولنگ سروي جي سراسري نتيجن موجب 78 سالن جي جو بائيڊن کي 52سيڪڙو ۽ 73 سالن جي ٽرمپ کي 43سيڪڙو حمايت حاصل آهي ايئن بائيڊن کي 9سيڪڙو سرسي حاصل آهي پر سروي جي سراسري طريقي تي گهڻو ڀروسو نٿو ڪري سگهجي. هن چونڊ ۾ اهو به نئون رڪارڊ آهي ته ايڏي وڏي عمر جا مرد صدارتي چونڊ وڙهي رهيا آهن. خميس ڏينهن ٻنهي اميدوارن وچ۾ آخري دوبدو بحث ٿي چڪو آهي جنهنکي 7 ڪروڙن کان وڌيڪ ووٽر سڌو ڏسي چڪا آهن. آخري بحث جو طريقو پهرين مباحثن جي مقابلي ۾ سلڇڻو هو ۽ سروي موجب ان۾ 60سيڪڙو کان وڌيڪ ڏسندڙن بائيڊن کي پسند ڪيو. ان بحث ۾ ذاتي حملن ۽ الزامن کان سواءِ سڀ کان وڏو موضوع ڪورونا وبا هئي جنهن۾ هن وقت تائين 225,000 آمريڪي مري چڪا آهن. بائيڊن ٽرمپ ڏي اشارو ڪندي چيو ته “جيڪو به انهن موتن جو ذميدار آهي تنهنکي صدر رهڻ جو حق نٿو پهچي.”جنهنجي جواب ۾ ٽرمپ پنهنجي بچاءَ ۾ چيو ته “ملڪ بندٿيڻ جو متحمل نٿو ٿي سگهي ۽ هاڻي اسان ڪورونا سان گڏجي جيئڻ سکي رهيا آهيون ۽ انکانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو چارو ناهي.” جنهنتي سندس مخالف بائيڊن ٺھه پھه جواب ڏنو ته “گڏجي جيئڻ يا گڏجي مرڻ سکي ورتو آهي!؟” ٽرمپ اهو به چيو ته وئڪسين هفتن ۾ اچي ويندي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته اها 2021ع جي وچ کان پهريائين وڏي پئماني تي اچي نٿي سگهي. هن اهو پڻ چيو ته بائيڊن ڪل وقتي سياستدان آهي ۽ سندس 50 سالن جي عرصي ۾ هن ڪوبه قابل ذڪر ڪارنامو سرانجام ناهي ڏنو. هن سندس پٽ هنٽر تي اهو به الزام هنيو ته هن چين ۽ يوڪرين ۾ نامناسب ڪم ڪيا آهن جنهنجو هن ڪو ثبوت نه ڏنو ۽ جنهن الزام کي بائيڊن بي بنياد چئي رد ڪري ڇڏيو. جو بائيڊن ٽرمپ تي الزام هنيو ته صدر ٿيڻ وقت هو ۽ سندس خاندان هوٽل ۽ ريئل اسٽيٽ جي اهڙي واپار ۾ ملوث هئا جنهنجي مفادن جو صدارتي عهدي سان ٽڪراءَ رهيو آهي.هن اتر ڪوريائي صدر ڪم جنگ اون کي ٺڳ ڪوٺيندي الزام هنيو ته ٽرمپ ساڻس اعليٰ سطحي گڏجاڻي ڪئي جڏهن ته ٻئي پاسي ڏاکڻين سرحد وٽان غيرقانوني طور داخل ٿيندڙن جي ٻارن کي پنهنجي مائرن کان الڳ ڪيو ويو. هن يقين ڏياريو ته هن ڪنهن به ٻاهرين ملڪ کان هڪ پائي به نه ورتي آهي ۽ ٽرمپ ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ اهي بيهوده الزام هڻي رهيو آهي. هن اهو به الزام هنيو ته ٽرمپ ويهن سالن ۾ ڪوبه وفاقي ٽيڪس ادا نه ڪيو آهي ۽ پنهنجا ريٽرن ظاهر ڪري يا ٻين تي الزام نه هڻي. بائيڊن دعويٰ ڪئي ته هن 22 سالن جا ريٽرن ظاهر ڪيا آهن پر سندس جواب ۾ ٽرمپ چيو ته ڊگهي عرصي کان سندس ريٽرن جي آڊٽ هلي رهي آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ بعد هو اهي ظاهر ڪندو پر سندس اڪائونٽنٽ ٻڌايو آهي ته هن ڪيترائي لک ڊالر وڌيڪ ٽيڪس اڳواٽ ادا ڪيو آهي ۽ چيني اڪائونٽ بند ڪري ڇڏيو آهي . مٿس بائيڊن نسل پرستي جو الزام پڻ هنيو ۽ چيو ته هو آمريڪي تاريخ جو بدترين نسل پرست صدر رهيو آهي ۽ هو هميشه نسل پرستي تي تيل هاريندو رهيو آهي. ٽرمپ پهرين مباحثن کان وڌيڪ ضابطي ۾ رهيو حالانڪه هن بائيڊن ۽ سندس خاندان مٿان بدعنواني جا بي بنياد الزام لڳايا. چونڊن ۾ ان کان سواءِ ٻين موضوئن ۾ ميڊيڪل پروگرام، ماحول جي بچاءَ لاءِ پئرس ايگريمينٽ، ۽ چين رهيا.
چين اميد ظاهر ڪئي آهي ته بائيڊن جي کٽڻ سان تبديلي ايندي پر انجو (کٽڻ جو) امڪان گهٽ آهي. پر جي هن کٽيو ته پوءِ واپار، دفاع ۽ ٽيڪنالاجي تي سندس لهجو نرم هوندو پر ڪابه تبديلي سندس اسٽائيل ۾ هوندي نه ڪي خمير ۾. چين سان آمريڪي جا ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾پهريون دفعو ڪورونا، ٽيڪنالاجي، واپار، دفاع ۽ جاسوسي سبب لاڳاپا ٻڏي رهيا آهن. ٻئي آمريڪي پارٽيون چين تي جن معاملن بابت تنقيد ڪري رهيون آهن تن ۾ هانگ ڪانگ، تبت، تائيوان جو مسئلو ۽ ذنجيانگ ۾ مذهبي ۽ نسلي اقليتن کي چيني ڪميونسٽ پارٽي پاران سندن ذهني ڌوپ لاءِ کين ڪئمپن ۾ بند ڪرڻ شامل آهي، جن کي تعليمي ڪئمپون سڏيو وڃي ٿو. 2005ع کان اڪثر معاملن ۾ ريپبلڪين چين کان نفرت ڪري رهيا آهن. چيني اڳواڻ هن اليڪشن ۾ خاموش آهن . گذريل چونڊن ۾ چين ٽرمپ جي حمايت ڪئي هئي جنهنجو مک سبب اوباما جي انساني حقن بابت چين تي دٻاءَ وجهڻ واري پرڏيهي پاليسي هئي. پر بائيڊن جي اچڻ سان چين سان لاڳاپن ۾ گرمجوشي اچي سگهي ٿي. ٽرمپ سندن دشمن انڊيا سان لاڳاپا وڌائي رهيو آهي. انجي ابتڙ اميد آهي ته بائيڊن گهٽ ۾ گهٽ جذباتي ۽ ٻاراڻي روش نه رکندو. انکان سواءِ ڊيموڪريٽڪ گهٽ جهڳڙالو آهن انڪري چين سان لاڳاپا وڌائي بحران کي حل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. آمريڪي جاسوسي ادارا دعويٰ ڪن ٿا ته چين نٿو چاهي ته ٽرمپ ٻيهر کٽي اچي، ڇوته ٽرمپ چيني شين تي ڊيوٽي وڌائي ڇڏي آهي، Huawei تي پابنديون هڻي ڇڏيون آهن، ٽڪ ٽاڪ جهڙن سوشل ائپس تي اهو چئي پابندي مڙهي آهي ته هو آمريڪن جي ذاتي معلومات گڏ ڪن ٿيون. انهن عملن سان آمريڪي پئداوار جي گهٽ وڪرو ۽ نتيجي ۾ آبادگارن ۽ مزدورن جي روزگار کي به ڌڪ لڳي رهيو آهي. چين آمريڪا خلاف ڪوريا، جرمني، فرانس ۽ ٻين ملڪن سان ملي محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر هنن انڪار ڪيو. بائيڊن ماحوليات تي چين سان سهڪار شروع ڪري سگهي ٿو. مبصر چون ٿا ته ان چوڻي جي ابتڙ ته “اڻڄاتل ملائڪ کان ڄاتل سڃاتل شيطان سان رهڻ بهتر آهي”لڳي ايئن ٿو ته چين فيصلو ڪري چڪو آهي ته هن دفعي هو ڄاتل سڃاتل بجاءِ اڻ ڄاتل شيطان سان رهڻ کي اوليت ڏيندو.
جيتوڻيڪ تازين سروي موجب جو بائيڊن کي 30 رياستن ۾ برتري حاصل آهي پر اها ڳالهه جيت لاءِ ڪافي ناهي ڇو ته هر رياست ۾ سيٽن جو تعداد الڳ الڳ آهي. عام طور انهن سيٽن جو مدار آبادي تي آهي پر تنهن هوندي ۾ ان نظام ۾ ڪافي مسئلا آهن. هر رياست کي گهٽ ۾ گهٽ 3 سيٽون مليل آهن. انڪري گهٽ آبادي رکندڙ رياستن اتر ۽ ڏکڻ ڊڪوتا ۽ نيو انگلينڊ کي آبادي کان وڌيڪ سيٽون مليل آهن جڏهن ته ٽئڪساس، ڪئليفورنيا، فلوريڊا جي وڏين رياستن کي گهٽ سيٽون مليل آهن. مثال طور ويومنگ رياست کي في سيٽ 193 هزار آبادي تي جڏهن ته ڪئليفورنيا کي هڪ سيٽ 718 هزارن تي يعني ٽيون حصو مليل آهي. عام طور وڏي عمر، گوري چمڙي ۽ ڪاليج تائين تعليم نه حاصل ڪندڙن جي اڪثريت تاريخي طور ريپبليڪن کي ووٽ ڏيندي آهي. گذريل چونڊن ۾ لووا، مشيگان، فلوريڊا، اوهائيو، پئنسلوانيا، وسڪونسن جتي انهن ووٽرن جي اڪثريت آهي جيڪري ٽرمپ 99 سيٽون کٽيون جنهن سندس جيت کي آسان بنائي ڇڏيو، ڇو ته کٽڻ لاء 538 اليڪٽورل ووٽن يا سيٽن مان 270 ووٽ گهربل آهن. ڪي مبصر آمريڪي صدارتي چونڊن جي نظام تي تنقيد ڪندي چون ٿا ته اهو صحيح طور جمهوري نه رهيو آهي ڇو ته گذريل صدارتي چونڊن ۾ اوباما ٽرمپ کان30 لک ووٽ وڌيڪ کنيا پر پوءِ به ان نظام جي اندر خامين سبب ٽرمپ صدر ٿي ويو. سروي ۽ اندازن کان قطع نظر لاڙڪاڻي جي واشنگٽن ۾ ڪئي ڏهاڪن کان موجود ڊاڪٽر دوست کان فون تي پڇيم ته ڪير کٽيندو ؟ هن يڪدم چيو “سلطان راهي!”ايندڙ هفتي خبر پئجي ويندي ته هو صحيح آهي يا محمد علي ملھه ماري ٿو وڃي.

Bookmark the permalink.

One Response to آمريڪي صدارتي چونڊون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *