تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

آن لائين تعليم: سنڌ ۾ شاگردن جي محرومي وڌائي رهي آهي!

ڪورونا وبا زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي، پر هتي حڪمران طبقي ان انساني الميي کي ڪاروبار ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. لاڪ ڊائون بليڪ مارڪيٽنگ، رشوت خوري ۽ غير سنجيدگي ۾ بدلجي ويو. سنڌ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيڻ باوجود ٽرانسپورٽ ۽ ڪاروبار کي کليل ڇوٽ ڏيڻ جو مطلب وڌ کان وڌ عام ماڻهو متاثر ڪرڻ آهي! شاپنگ مالز ۾ ڪهڙي پورهيت جو ڪاروبار آهي؟ تاجر مافيا اڳيان گوڏا کوڙيندڙ حڪمران پورهيتن جي زندگيءَ جا محافظ ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ وبائون، بيماريون، قدرتي آفتون ۽ بحران هن نظام جي معيشت کي ٽيڪو ڏين ٿا، ان ڪري نظريه ضرورت تحت هڪ طبقي جي مفاد لاءِ هي نظام وبائن ۽ آفتن جي آجيان ڪندو رهندو؟ ڇا وڌندڙ آبادي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪورونا کي ڇوٽ ڏني وئي آهي؟ سڀاڻي حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته ڪنٽرول ڪيئن ٿيندو؟ ذميوار ڪير هوندو؟ عوام اضافي آهي، ڀلي ڇانٽي ٿئي؟اسان اڳ به ڏٺو ته سنڌ سرڪار هر شهر ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. ٽرانسپورٽ ۽ مارڪيٽون ايس او پيز تحت کوليون ويون، پر ڪٿي به ايس او پيز تي عمل ٿيندي نظر نٿو اچي، ان ڪري وبا تيزي سان ڦهلجي رهي آهي. ايس او پيز محض هڪ بهانو آهي، پر اصل ۾ هي نظام لاڪ ڊائون افورڊ نه پيو ڪري ۽ زندگيءَ تي سرمايي کي فوقيت ڏني وئي آهي. حڪمران ڪلاس چاهي ٿو ته سرمايي جي گردش جاري رهي ۽ ڪاروبار هلندو رهي. ان ڏس ۾ ادارن ۾ ڊائون سائيزنگ ڪرڻ ۽ پبلڪ سيڪٽر کي نجي شعبي ۾ تبديل ڪرڻ جو به عمل جاري آهي 
سرمايه داراڻي نظام واضح ڪيو آهي ته انسانيت ۽ زندگيءَ کان وڌ معيشت جي اهميت آهي. ڪاروباري مافيائن ۽ سرمائيدارن کي ٽيڪو ڏئي ڪورونا کي ڇوٽ ڏني وئي. سرمائيدار طبقي جا حق ۽ واسطا محفوظ آهن.  پهرين مارڪيٽون کوليون ويون، پوءِ ٽرانسپورٽ ۽ مال پڙيون لڳائڻ جي اجازت ڏني وئي. هوٽل ۽ شاپنگ مال به کلي ويا آهن. آخر ۾ تعليمي ادارا به کلندا. اها آهي ڪورونا مخالف حڪمت عملي؟ سنڌ ۽ وفاق جا مسند نشين ته پنهنجي پنهنجي مفادن جي دفاع ۾ آهن. پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي وزيرن مشيرن جو گهڻو وقت هڪ ٻي تي تنقيد ڪندي گذري ٿو. هو هڪ ٻي جي ڄنڍا پٽ ۾ عوام کي مصروف رکن ٿا.
ڪووڊ 19 طبقاتي تعليمي نظام کي ڪافي حد تائين وائکو ڪيو آهي. سنڌ ۾ تعليم جا ترا اڳي ئي نڪتل هئا، مٿان هن وبا ڪم پورا ڪري ڇڏيا آهن. ‘سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي، ان کي ڪيئن بچائجي؟’ ان سوال تي نه اسيمبلي ۾ بحث ٿئي ٿو ۽ نه ئي ميڊيا تي. حقيقت هي آهي ته حڪمران ڪلاس جي تعليم جي ترقي ۾ ڪا خاص دلچسپي ڪونهي، سواءِ ڊونرس کان فنڊنگ حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ جي. طبقاتي تعليمي نظام سماج جي طبقاتي بيهڪ کي گهرو ڪري ٿو. ايف پي ايس سي ۽ پي سي ايس جهڙا ادارا هڪ مائينڊ سيٽ رکندڙ بيوروڪريسي جا اپائيندڙ آهن ۽ هڪ طبقي جي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا. انهن ڪميشنن جي قابل بڻائڻ لاءِ الڳ پرائيويٽ تعليمي نظام آهي. اهو تعليمي نظام مافيائون هلائن ٿيون، بلڪه تعليم مافيائن جو ڪاروبار آهي. اهي ڪاروباري مافيائون ڪڏهن به نه چاهينديون ته ڪاروبار بند ٿئي. تعليم کاتو به مافيائن اڳيان مجبور هوندو آهي. ان ڪري ڪورونا هجي يا ڪانگو وائرس، مافيائن کي ڪاروبار ڪرڻو آهي. تعليمي ادارا کلڻ کانپوءِ جيڪڏهن مڪمل احتياط نه ڪيو ويو ته ٻار ٻچا به هن نظام جي رحم ڪرم تي هوندا، بلڪل ايئن جيئن هاڻ مارڪيٽ مافيا معرفت ڪورونا سڄي سماج کي وڪوڙي ويو آهي.
اڍائي لک کان ڪورونا جا ڪيس ٿيڻ باوجود سيپٽمبر ۾ ايس او پيز تحت اسڪول کولڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. اسڪول کلن يا نه ان بابت پنهنجي راءِ نٿو مسلط ڪريان، پر انتظاميه لاءِ بهرحال هي فيصلو ڪرڻ ڏکيو هوندو. امير طبقي جو ٻار مهانگين اسڪولن ۾ آن لائن تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، هو پنهنجا ٻار اسڪول موڪلي رسڪ کڻندو؟ پرائيويٽ اسڪول مافيا سرڪار تي دٻاءُ وجهي رهي آهي، سندن ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ۽ ايس او پيز تحت اسڪول کولي ڌنڌو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان تناظر ۾ ڪجهه بنيادي حقيقتن کان آگاهه هجڻ ضروري آهي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جتي فرنيچر ڪونهي يا گهٽ آهي، استادن جي کوٽ آهي، واش روم ۽ ٻين سهولتن جي اڻهوند آهي، اتي ايس او پيز تي عمل ڪيئن ٿيندو؟ ايس او پيز ته ڪٿي به عمل لائق ناهن! ايس او پيز تحت اسڪول کولڻ لاءِ ٻن شين جي خاص ضرورت آهي: هڪ استاد ۽ ٻيو فرنيچر. استادن ۽ فرنيچر جي کوٽ سبب جسماني فاصلو رکڻ مشڪل آهي. گهٽ ۾ گهٽ ۾ پنجويهه شاگردن جي ڪلاس ۾ هڪ ئي وقت هڪ استاد پڙهائي ته بهتر آهي، ٻي صورت ۾ ڪورونا ڦهلجڻ جا خدشا سچ ثابت ٿي پوندا. ان کانسواءِ تعليم کاتو هر هڪ اسڪول کي سينيٽائزر، هينڊ واش، ڊيٽول ۽ ماسڪ مهيا ڪندو؟ اهي بنيادي شيون مهيا ڪرڻ کانسواءِ ڪهڙين ايس او پيز تي ‘سخت’ عمل ٿيندو؟ ڪجهه ڏينهن اڳ نوٽيفڪيشن نڪتو ته ھيڊ ماستر/ پرنسپل حاضر رهن، ادارن ۾ صفائي برقرار رکي انفرااسٽرڪچر جو تحفظ ڪن، پر ان تي عمل نه ٿيو. اسڪول ۽ ڪاليج گندگي ۾ ڀرجي ويا آهن، فرنيچر ۽ ٻيون شيون تباهه ٿي رهيون آهن. اڪثر ادارن مان هيڊ ماستر، پرنسپل ۽ ٻيو عملو غائب آهي؟ آن لائين ڪلاسن واري تجربي تي شاگرد سراپا احتجاج ٿي پنهنجا مسئلا پيش ڪري رهيا آهن. اڪثر شاگردن وٽ ليپ ٽاپ، موبائيل، نيٽ پيڪيج، بجلي ۽ نيٽ سروس جهڙا مسئلا آهن. ڪجهه شاگرن جو چوڻ آهي ته استاد وقت تي آن لائن نٿا ٿين، انتظار ڪرڻو پوي ٿو. ڪي شاگرد اهو به ٻڌائن ٿا ته استاد آن لائين ٿيڻ کانپوءِ وري غائب ٿيو وڃن. کٿابين جا ويچار ٻڌڻ کانپوءِ پتو پيو ته صرف وڏن شهرن جي بنگلن ۽ فليٽن ۾ رهندڙ بورجوا طبقو ئي اهي ڪلاس اٽينڊ ڪري سگهي ٿو، باقي پرولتاري شاگردن جي کڻڻ کان اهو بنڊ ڳرو آهي. ڇا آن لائن ڪلاس شروع ڪرڻ جو مقصد سيمسٽر/ سال جي في وصول ڪرڻ آهي؟ 
آن لائن ڪلاس هلائڻ جا ٻه خاص سبب آهن: هڪ ايڇ اي سي کان فنڊ وٺڻ ۽ ٻيو شاگردن کان فيس وصول ڪرڻ
معاشي طور غريب ۽ پوئتي پيل علائقن جا شاگرد ڪهڙن مسئلن کي منهن ڏين پيا؟
* ليپ ٽاپ ۽ اينڊرائيڊ فون ڪونهي.
* اينڊرائيڊ فون ۾ گهربل  Version ڪونهي.
* ٿري جي يا فور جي سهولت ڪانهي.
* سگنل ۽ نيٽ ورڪ ڪونهي.
* بجلي ڪانهي 
* آن لائين ٿيڻ لاءِ گهر ۾ گهربل ماحول ڪونهي.
* نيٽ پيڪيج مهانگو آهي. 
سچ اهو آهي ته هاڻ سرڪاري يونيورسٽيز به پرائيويٽ يونيورسٽيز جيتريون مهانگيون ٿي پيون آهن. سنڌ جي پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽين جي Fees پرائيويٽ يونيورسٽيز سان ڪلهو هڻي پئي. گذريل ڪجهه سالن ۾ مختلف يونيورسٽين غير معياري تعليم عيوض فيس ۾ ٻيڻو اضافو ڪيو آهي. معاشي طور هيڻا شاگرد سهولتن ۽ معيار کان وانجهيل يونيورسٽين جي به في افورڊ نٿا ڪري سگهن. پبلڪ سيڪٽر يونيورسٽيز جو مقصد  به پئسا ڪمائڻ ٿي پيو آهي. ڪجهه شاگردن جي ڏنل اها تجويز به قابل غور آهي ته پهرين هر هڪ شاگرد کي يونيورسٽي طرفان ليپ ٽاپ ۽ نيٽ پيڪيج ڏنو وڃي، پوءِ ڪلاس شروع ڪرايا وڃن. آن لائن ڪلاس هلڻ تائين في معاف ڪئي وڃي. سهولتن کانسواءِ ڪلاس هلائڻ انهن شاگردن جي حق تلفي آهي، جيڪي مٿي بيان ڪيل سببن جي ڪري ڪلاس وٺڻ کان قاصر آهن. 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *