تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

آهي پنڌ اڙانگو

ممتاز مرزا جي مزمانيءَ ۾ جڏهن هن ٽئگور جي ديس ۾ 1971ع جي ورهاڱي دوران وڌوا ٿيل عورتن اڳيان ڪوهستان جا پهاڙي سُرَ آلاپيا ته اجري دل وارا سانورا بنگالي ان وقت ٻولي جا سمورا بيريئر هٽائي ڪجھه گهڙين لاءِ طالب پالاريءَ جي تنبوري مان نڪرندڙ درد جي درياھه ۾ غوطا کائڻ لڳا هئا. توڙي جو بنگال جون ڳتيل بازارون کيس ڪوهستان جي پهاڙن جيترو پيار نه ڏئي سگهيون هيون پر رونا ليليٰ جي ديس جو اهو دورو کيس دل جي دوري جيان ھميشه چٽو ياد رهندو هيو. پوءِ هو ثقافت کاتي جي ٽڪيٽن تي هيٿرو ايئرپورٽ تي وڃي لٿو هو،  پر سنڌ جي سڀ کان پٺتي پيل علائقي ڪوهستان جي سنگريز سرزمين تي پيرين پنڌ جبل جهاڳي وڏو ٿيل طالب پالاريءَ کي جيڪو سڪون ۽ ساءُ سندس ڳوٺ مهندا پالاري ۾ ملندو هيو سو سڄي دنيا گهمي ڏسڻ کان پوءِ به هو ٻئي ڪنهن به هنڌ ماڻي نه سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو جنهن وقت سندس ساهن جو سڳو ڪنهن اداس اسٽيشن تان موڪلائيندڙ جوڙي جي هٿن جيان هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ٽٽي رهيو هو تڏهن هن جي اندر ۾ هڪ عجيب اطمينان هيو. سڪرات جي پيڙا کان پوءِ به هن جون اکيون ڪانڀو جبل جيان خاموش هيون!
خبر ناهي ته “واٽ ونگي، آهي پنڌ اڙانگو” وارو مورو هن ان سفر بابت ڳايو هيو جنهن سفر تي هو ڪالھه ڪوهستان جي پهاڙن کان موڪلائڻ کان پوءِ روانو ٿيو آهي يا ان سفر بابت جيڪو سفر صدين کان ڪوهستان جا مارو ماڻهو سنگريز سرزمين تي پيرين پنڌ  ڪندا رهن ٿا.
ڇا ڪوهستان جو “ايري لڪ” لنگهي لسٻيلي تائين پيرين پنڌ ويندڙ ڪوهستانين جي زندگي   ان سفر کان مختلف آهي، جنهن سفر تي ڪالھه ايڪاسي سالن جي ڄمار وارو سنڌ جو انوکو لوڪ فنڪار طالب پالاري روانو ٿيو آهي؟
پهڻن وارن پٽن ڀرسان پالارين جي ڪکن واري جهوپڙيءَ اندر اوڻيھه سئو ايڪيتاليھن ۾ اک کوليندڙ طالب پالاريءَ جي وِنگي واٽ وارو اڙانگو پنڌ سندس سڪرات پوري ٿيڻ سان ختم ٿيو آهي يا اکين پورڻ وارو اهو لمحو هڪ نئين سفر جي شروعات آهي سا خبر ته خدا کي، پر وڇوڙن جي ورلاپن کي درد جي وِرد ۾ تبديل ڪندڙ سندس دل جهڙو  دنبورو به طالب جي بي جان جسم وانگر هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو آهي. جهڙي طرح “انڊس آئيبيڪس” ڪرچات جي سونهن سان گڏ کير ٿر جي جبلن جي به سڃاڻپ بڻيل آهن اهڙي طرح ڪوهستانين جي درد کي دنبوري جي تارن سان تاءُ ڏئي پهاڙن ۾ پڙلاءُ بڻائڻ وارا مورا به طالب پالاري کان سواءِ ڪابه سڃاڻپ نٿا رکن. طالب پالاريءَ جا مورا ٻڌي رڳو ڪرچات ۾ پهاڙي هرڻن جي حفاظت لاءِ مقرر ٿيل سرڪاري گارڊ ئي پنهنجيون اکيون ڪونه ڀڄائيندا هئا پر طالب جي تنبوري جي تارن مان نڪرندڙ مٺڙين ٻولين وارا لولين جا آواز ٻڌي ڇپر ۾ رهندڙ انهن مائرن جون اکيون به آليون ٿي وينديون هيون جيڪي ٿاڻي بولا خان جي شهر کي ولايت سمجهن ٿيون. انهي ڳالھه کي ڪهڙو شاعر پنهنجي شاعري ذريعي اکرن ۾ اوتي سگهندو ته ڪوهستاني ناريون پنهنجي محبوبن کي موتين ۽ لونگن جا پوئيل ڪنڊلن وارا هار موڪلڻ مهل طالب پالاري جا جيڪي مورا جهونگارينديون آهن، مورن جا سي اڻ ٻڌل آواز ڇپر جا موڪرين ڇاتين وارا سندن محبوب نه ڄاڻ ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح محسوس ڪري وٺندا آهن!
“مورو وڃان ڏيندو،  پنهل پاڻ ايندو، وٺي ساڻ ويندو…”
جيئن ته ڪرچات جي هيسيل هرڻين کي انساني ٻولي سمجھه ۾ نٿي اچي، نه ئي پکي پنهنجي پيار جي اظهار لاءِ طالب پالاري جي وڇوڙي تي سوڳ ملهائڻ واري ڪيفيت سمجهائي سگهن ٿا ان ڪري ڪوهستان جي جيت جڙن جي ته خبر ناهي پر  طالب پالاري کي برساتي پاڻيءَ تي آباد ٿيندڙ زمينن ۾ هر ڪاهيندڙ هارين کان وٺي وڏيرن جي اوطاقن تي پاڻي ڀريندڙ پيرسنن تائين، ۽ ٽريڪٽر جي ڊرائيورن کي هٿ سان اڻيل اڳٺن جا تحفا موڪليندڙ شرميلين نارين کان وٺي سورجاڻ جبل جي ڀڪن ۾ مال چاريندي ريڊيو ٻڌندڙ ٻڪراڙن تائين سڀ جا سڀ پيار ڪن ٿا. طالب پالاري جي گذاري وڃڻ واري پهرين پوسٽ پڙهي ٿاڻي بولا خان جي ديوانن به پنهنجي فيس بوڪ اڪائونٽ جي ڊي پي چينج ڪري ڇڏي آهي ۽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو “سري” تائين ويندڙ سوارين ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جا من ويڳاڻا ٿي ويا آهن ۽ بصر جو ٻيجو پوکيندڙ ڪوھه ڪاف جي پرين جهڙيون ڪوهستاني ناريون به اڄ اداس ٿي ويون آهن.
“ڪڪر پوءِ مينهن، وڌيا ڇڪ کي ڏينهن…
سڪ جهلي ڪيئن بيهان، جيڪو دمڙو جيئان،
نڪو قاصد وريو، ڪنهن کي نياپو ڏيان..”
اڄوڪين اخبارن ۾ اها خبر لڳندي ته ڪوهستان جي درد کي سرن جو روپ ڏيندڙ، وڇوڙن جي ورلاپن واري انوکي صنف “مورو” ڳائيندڙ مشهور لوڪ فنڪار طالب پالاري 81 سالن جي ڄمار ۾ انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾  بيماري سان جهيڙيندي آخرڪار اسان کان هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو، اهو رڳو هڪ اتفاق ئي آهي ته ڪوهستان جي ننڍڙي ڳوٺ مهندا پالاري جي هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ جنم  وٺندڙ مورن جي بادشاھه طالب پالاري جي ساهن جو سڳو ان ڏينهن تي ٽٽو آهي جنهن ڏينهن تي سڄي سنڌ جيان ڪوهستان جي ماڻهن ۾ سڀ کان گهڻي مقبول سياسي ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي جهموري حڪومت تي راتاهو لڳو هو… هونئن ته طالب پالاري ڪافي سالن کان بيماري جي بستري ڀيڙو ٿيل هو ۽ انتهائي غربت سبب سمورين سهوليتن کان وانجهيل پنهنجي ڳوٺ جي گهر ۾ بي يارو مددگار بڻيل هو پر جبلي ماڻهو ڪيڏا خوددار ٿين ٿا سا ڳالھه سمجهائڻ لاءِ طالب جو اداس تنبورو ڪافي آهي! پر اها ڳالھه سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ قائم ثقافت کاتي جي بلڊنگ ۾ ويٺل وڏا آفيسر سمجهي نٿا سگهن!
ثقافت کاتي جا سينئر آفيسر توڙي وزير ۽ مشير فقط انهن آرٽسٽن جي دانهن ٻڌي سگهندا آهن جن جي لکيل درخواست واري پني کان پهرين کين ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري يار دوست جي فون ويندي آهي. ان ڪري جيئن ته طالب پالاريءَ سان پيار ڪندڙ پي ٽي وي جو جنرل مئنيجر عبدالڪريم بلوچ ۽ اڇن وارن وارو ميان ممتاز علي مرزا هاڻ موجود ناهي رهيو تنهن ڪري طالب پالاري جي خاموش دانهن سنڌ سيڪريٽريٽ تائين پهچي نه سگهي. هونئن ته طالب پالاري جي ذات ۾ سڀ جون سڀ اهي نشانيون موجود هيون جيڪي هڪ فقير منش ماڻهو ۾ هونديون آھن پر پوءِ به طالب پالاري کي ڪوهستان جي نج موسيقي جي صنف “مورن” جو بادشاھه سڏيو ويندو هو. طالب پالاري ڪوهستاني انداز ۾ لوليون به ڳائيندو هو، سندس ڳايل لولين تي فقط اهي ماڻهو پنهنجا لڙڪ روڪي سگهندا هئا جن جون دليون ڪارڙا تتر ماريندڙ مارين جيان مضبوط هونديون آھن. ڪوهستان ۾ شادين مرادين کان وٺي سماجي ۽ ادبي نوعيت جي هر اها محفل اڻ پوري ۽ اڌوري هوندي هئي جنهن ۾  طالب پالاري ڪنهن به سبب جي ڪري شامل ٿي نه سگهندو هو. طالب پالاري جو آواز جبلي ماڻهن لاءِ بلڪل ايئن ئي هيو جيئن ٿر جي مارو ماڻهن لاءِ مائي ڀاڳيءَ ۽ صادق فقير جون صدائون!
توڙي جو طالب پالاريءَ سنڌ سميت ڪيترن ئي پرڏيهي ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪرڻ سان گڏ لطيف ۽ شهباز ايوارڊ سميت ٻيا به انيڪ ايوارڊ پڻ ماڻيا پر کيس مليل  اصل اعزاز مهندا پالاري جي ماڻهن جو اهو پيار هو جنهن جي سهاري هو ايڪاسي سالن تائين سمورن سورن سان اڪيلي سر وڙهندو رهيو. طالب پالاري جبلي ماڻهن جي دل جي درد جو آئيني جهڙو عڪاس هيو!
“سڄڻ ساريان توکي، موران چوان، دل منهنجي ساري، سڄڻ پڪاري، نڪريو سڪ مان نهاريان ٿو، واٽ ونگي، آهي پنڌ اڙانگو، الا، واٽ ونگي…”
هونئن ته طالب پالاري ڪيتري ئي عرصي کان بلڊ پريشر سميت ٻين بيمارين ۾ به ورتل هئو پر ڪانڀو جبل تي اوچي ڳاٽ هلندڙ هرڻن جي رکوال هن خوددار انسان کي اهڙيون بيماريون ايترو جلدي ماري نه سگهن ها جيڪڏهن سندس ديس جا ماڻهو کيس ايئن وساري نه ويهن ها!
ڪوهستان جي سمورن حساس ماڻهن کي اها خبر آهي ته طالب پالاري جا ڳايل مورا صدين تائين ڪوهستان جي درد جو آواز بڻجي کيرٿر ۽ ڪرچات جي پهاڙن ۾ گونجندا رهندا. اڄ جڏهن گجرات کان ايندڙ مون سون جا مينهن ڪوهستان جي ڪنڌيءَ کان ڪو گهڻو ڏور ناهن، تڏهن طالب جي تنوار ڪڪرن جي هن پار به گونجي رهي آهي،
“مولا هاڻ مينهڙا وطن تي وساءِ، اهو عرض منهنجو الله سائين اگهاءِ، اسين ماڻهو مارو، ڏکيا ڏاڍا آهيون، ٻيو ڪجھه نه ڄاڻون، فقط مال چاريون، در ڪنهن جي دانهيون، اسان کي ٻڌاءِ، موٽن منهنجا مارو،  پکن منجھه پنهوار، مولا هاڻ مينهڙا وطن تي وساءِ، اهو عرض منهنجو،  الله سائين اگهاءِ…

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *