تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

آڪٽوبر جي اترادي هوائن ۾ اميد جو ڪرڻو

آڪٽوبر جو وچ گذري رهيو آهي پر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اتر کان روايتن جي ابتڙ ٿڌيون نه پر گرم هوائون گهلي رهيون آهن. اتر وزيرستان ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۾ 20 جوان شهيد ٿيا آهن. باڙا خيبر ۾ ڪراچي ايندڙ ناٽو جون چار فوجي گاڏيون ساڙيون ويون آهن. قومي اسيمبلي ۾ سرڪاري پارٽي خلاف احتجاج وزيراعظم کي مجبور ڪري ڇڏيو ته هو هائوس ڇڏي هليو وڃي. سندس پارلياماني پارٽي ۾ پڻ مهانگائي ، اناج جي قلت ۽ وزيرن جي نااهلي خلاف آواز اٿيو آهي پر عمران خان امتحاني پيپر ۾ پڇيل نون سوالن جو اهو ئي پراڻو جواب ڏئي رهيو آهي ته هو NRO نه ڏيندو. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هاڻي هو حڪومت کي NRO نه ڏيندا ۽ پارليامينٽ اندر تبديلي سان نه پر نئين چونڊن سان ئي ملڪ جي نجات آهي. پهلوانن جي شهر گجرانوالا ۾ PDM جي پهرين جلسي ۾ ماڻهن جي هجوم ۽ نواز شريف جي ميڊيا تي نشر نه ڪيل وڊيو تقرير ۾ ٻن مقتدر شخصيتن کي نالو وٺي نشانو بنائڻ ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته معاملو تمام گهڻو اڳتي وڌي هاڻي سڌي ٽڪر ڏانهن وڃي رهيو آهي. سنڌين جي دلين ۾ ٻيٽن جي “ترقي” جي نالي ۾ ماحول ۽ ماڻهن جي تباهي تي بضد مرڪزي سرڪار جي هٺ ۽ آئيني حدن کي اورانگهڻ سبب ڪاوڙ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خاص طور خميس ڏينهن ابراهيم حيدري مان هوڙن تي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن ڏانهن روانو ٿيندڙ پرامن ساڃاهه وندن کي سفيد وردي ۾ ملبوس سرڪاري هٿياربندن پاران ٻيٽن تي وڃڻ کان روڪڻ، ٻيٽن جي “ترقي” لاء ماسٽر پلاننگ، انجنيئرنگ ۽ مالي ڪنسلٽنٽن لاءِ اخبار ۾ اشتهار ڏئي ملڪي۽ عالمي ڪمپنين کان آڇون گهرائڻ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران اسٽي آرڊر نه ڏيڻ شامل آهن پر کين خاص طور سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جي ٿڌاڻ سمجهه ۾ نٿي اچي جنهنجا ميمبر PIDA آرڊينينس خلاف قومي اسيمبلي ۾ بينر کڻي احتجاج ته ڪري رهيا آهن پر سنڌ اسيمبلي ۾ ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن جنهن لاءِ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد وسيلي انکي رد به ڪرائي سگهجي ٿو . ڪجهه حلقا چون ٿا ته پيپلز پارٽي PDM جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ٻئي جلسي جي تياري ۾ رڌل آهي جيڪو اڄ آچر تي سندس ميزباني ۾ ان ڏينهن تي ٿي رهيو آهي جڏهن 13 سال پهريان 18 آڪٽوبر تي محترمه بي نظير ڀٽو تي دبئي مان جلاوطني مان واپسي تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو هو ۽ جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ نوجوان محافظ شهيد ٿيا هئا. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ان جلسي بعد صوبائي سرڪار ان معاملي تي سنجيده قدم کڻندي ٻي صورت ۾ سنڌ جا باشعور حلقا جيڪي پهريائين ئي خراب گورننس سبب پريشان آهن ۽ متبادل نه هئڻ سبب بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهن، اهي ان ڌٻڻ مان نڪرڻ لاءِ ڪو اٻهرو قدم به کڻي سگهن ٿا ڇو ته کين اهو احساس وڌي رهيو آهي ته سنڌ جي نالي ۾ گهڻي ۾ گهڻا فائدا اقربا پروري ۽ ڪوڙن ڊوميسائيلن وسيلي ٻين کي ڏنا پيا وڃن ۽ بدنامي ڌرتي ڌڻين جي ٿي رهي آهي. ٻيٽن تي غيرقانوني قبضي ان ڳالهه کي به هٿي ڏني آهي ته زمين جي ڪنهن به ٽڪري کي ريئل اسٽيٽ جا سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ملڪي ۽ عالمي ٺيڪيدار ڪنهن به صورت خالي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهن.اها ڳالھه ڪراچي شهر جي نين ۽ نالن تي قبضن، ملير جي ڳوٺن تي غير قانوني قبضي بعد بحريه ٽائون جو نئون شهر اڏڻ مان ظاهر آهي ٻيو ته ڇڏيو پر گرانڊ جامع مسجد به گبولن جي ڳوٺن جي قبضي واري زمين تي اڏي وئي آهي. پاڻي جي قدرتي لنگهن مٿان اڏيل ان شهر جي مستقبل بابت ڪيئي سوال هاڻي کان ئي اٿڻ شروع ٿي ويا آهن. حالانڪه اها هڪ مڃيل سائنسي حقيقت آهي ته کليل ميدان، ويڪرا روڊ رستا، وڻ، باغ، باغيچا، لنگھه ڪنهن به شهر جا ڦڦڙ هوندا آهن.
ٻئي پاسي وچ پنجاب ۾ پاڪستان جي پنجين وڏي شهر ۽ ٽئين وڏي صنعتي مرڪز گجرن جي ڳڙهه گجرانوالا ۾ جتي راجا رنجيت سنگھه پئدا ٿيو ۽ جيڪو 1799ع تائين پنجاب جي گادي جو شهر هو جيڪو بعد ۾ ابدالين جي شڪست بعد لاهور منتقل ڪيو ويو ، ۾ PDM پنهجو پهريون سياسي جلسو ڪيو آهي.گجرانوالا سکن، مغلن، نادر شاهه، ابدالين وچ۾ جنگ جو ڳڙهه رهيو آهي جتي جاٽ، گجر، ڀٽي، راجپوت ان جنگ ۾ رت جو ريج ڏيندا رهيا آهن. پهلوانن جي شهر جا جانٺا جوان ۽ عورتون خوبصورتي ڪري مشهور آهن. هزارين ماڻهو جناح اسٽيڊيم ۾ PDM جي جلسي ۾ رڪاوٽن باوجود گڏ ٿيا. ان جلسي جي ڪاميابي جي اهميت انڪري به وڌيل آهي جو اهو پٽو ڇانوڻين جو پٽو آهي ۽ هر شهري جو ڪو نه ڪو مٽ مائٽ پرڏيھه يا فوج ۾ آهي. انڪري ملڪي معيشت ۾ گجرانوالا جو حصو 5سيڪڙو آهي. سرڪاري ترجمانن جا بيان ماڻهن جي ڪاوڙ تي ڇنڊا وجهڻ بدران پئٽرول هاري انکي ڀڙڪائي رهيا آهن. ماڻهو مهانگائي سبب پريشان آهن پر مرڪزي سرڪار سوا ٻه سال اقتدار ۾ رهڻ بعد به اڃان تائين ماضي ۾ غوطا کائي رهي آهي. سياسي مبصر جلسي گاهه مان خبرون ڏئي رهيا آهن ته رڪاوٽن باوجود هزارين پرجوش ماڻهو گڏ ٿيا آهن. ڪن مبصرن جو خيال آهي ته ان۾ گهڻو ڪمال مهانگائي جو آهي جيڪا سرڪاري انگن موجب سال ۾ 9سيڪڙو وڌي آهي ۽ کاڌي جي مهانگائي جي شرح 14سيڪڙو آهي پر غير سرڪاري انگن موجب اها تمام گهڻي وڌي وئي آهي. بيضا 190 ،کنڊ 110، 1ٽو 80، پٽاٽا بصر 80 ۽ ٽماٽا 200 رپين تائين پهچي چڪا آهن.انهن اگهن جو ذڪر بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ ته ڪيو پر ٻيٽن جو ذڪر کانئس رهجي ويو. اربين رپين جي سرڪاري رعايتن تي هلندڙ يوٽيلٽي اسٽور تان آهستي آهستي سڀ شيون غائب ٿي رهيون آهن ۽ هوٽلن ، شادي هالن، خيراتي طعام گهرن ٻاهران بچيل سچيل کاڌي لاءِ غريب ماڻهن جون قطارون ڏينهون ڏينهن ڊگهيون ٿينديون پيون وڃن.بجلي، گئس جا اگهه به ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٿي ويا آهن.حالانڪه سرڪار جي دعويٰ آهي ته ڊالر 168 مان گهٽجي 163 ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج انڊيڪس 40 هزارن کان مٿي چڙهي چڪي آهي پر انڪري مهانگائي تي ڪو اثر نه پيوآهي. مهانگائي جو هڪ سبب پاڙيسري ملڪ سان واپار جي بندش، برساتون ۽ بدانتظامي آهي جنهنڪري مهانگائي ضابطي ۾ اچڻ کان انڪاري آهي.
اڌ رات جو جلسي ۾ مک اڳواڻن جون تقريرون شروع ٿيون جنهن۾ مولانا فضل الرحمان ٻيٽن ۽ سنڌ بلوچستان جي سامونڊي وسيلن تي قبضي جي مذمت ڪئي. رات جو 1.30 وڳي خطاب ڪندي مولانا دعويٰ ڪئي ته سرڪاري ڏياٽي اجهامڻ تي آهي ۽ جمهوريت جو سج اڀرڻ وارو آهي. چوراهي تي جمهوريت کي قتل ڪري جعلي حڪمران ويهاريا ويا آهن جيڪي پنهنجي انجام تي پهچڻ وارا آهن. هن گلگت بلتستان جي صوبي جي مخالفت ڪندي چيو ته آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب گلگت بلتستان ڪشمير جو حصو آهي. هن چيو ته جاگرافي جي تبديلي آمريڪي سازش آهي جيڪا جهڳڙا ڪرائي شام، لبيا، سعودي، افغانستان وارو حال ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سندن لڙائي فوج سان ناهي پر جي هو دفاع بجاءِ سياست ڪندا ، آئين ٽوڙيندا، تختا اونڌا ڪندا، ڌانڌلي ڪندا ته پوءِ هو به حق جو ڪلمو پڙهندا. هن چيو ته سوويت يونين معيشت سبب لڙهي ويو پاڪستان ته ان آڏو ڪجهه ناهي.مريم نواز پنجابي ۾ خطاب شروع ڪيو ۽ چيو ته هوءَ نواز، مريم، مسلم ليگ يا اپوزيشن جو نه پر ماڻهن جو مقدمو کڻي آئي آهي. مهانگائي ۾ تڙپندڙ انهن مائرن جي ڳوڙهن جو مقدمو جنجا ٻار بک وگهي مري رهيا آهن، پاپاجونز جي پزا جو مقدمو جنهنجي باجوا کي ڪير نٿو پڇي ۽ عمران خان جي ڪرپشن جو مقدمو جنهنکي لڪائڻ لاءِ ميڊيا کي بند ڪيو ويوآهي. بلاول گجرانوالا جي جيالن يعقوب، قريشي، شاد ۽ ٻين جو ذڪر ڪيو جن ڀٽو جي ڦاسي تي پاڻ کي ساڙيو هو. ڪجھه حلقا هن جلسي کي پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جونئون سرجڻ سڏي رهيا آهن. هن عوام کان پڇيو ته ڇا کين عمران خان جي تبديلي پسند آئي جنهن ٻن سالن ۾ رڪارڊ قرض ورتو، رڪارڊ ڪرپشن، رڪارڊ مهانگائي ڪئي.پشاور جي BRT منصوبي ۾ ڪرپشن جيڪري بسون ازخود سڙي رهيون آهن پر ڪو ازخود نوٽيس نٿو وٺي. هن وڻن مان ڪرپشن، سلائي مشين مان ارب پتي ۽ پاپا جونز پزا مان اربين ڪمائڻ جي ڪهاڻي جو به ذڪر ڪيو. هن سوال پڇيو ته رڳو سياستدان ڇو، جج ۽ جنرل ڇونه ڪرپشن ۾ جهليا ٿا وڃن.هن چيو ته پنجاب جو فنڪار شوڪت علي سنڌ جي شهر گمبٽ ۾ جيري جي پيوند ڪاري جو مفت علاج پيو ڪرائي ڇو ته پنجاب ۾ مفت سهوليت ناهي ڇو ته پنجاب جو وزيراعليٰ خلائي مخلوق مقرر ڪيو آهي يا ڪنهن جادوگرياڻي. صوبن جا حق غضب ڪيا ويا آهن، NFC جا پئسا نٿا ڏنا وڃن ۽ ارڙهين ترميم تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. بلاول چيو ته اپوزيشن وارا هاڻي هڪ پيج تي آهن انڪري عمران خان جي گهٻراهٽ شروع آهي.
جلسي کي پختون ۽ بلوچ قومپرستن محمود خان اچڪزئي، ميان افتخار، ڊاڪٽر عبدالمالڪ به خطاب ڪيو پر سنڌي وطن دوست پارٽين جي نمائندگي نه هئي جنکي گڏجي PDM ۾ پنهنجن مطالبن سان شامل ٿيڻ گهرجي ڇو ته صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ قومي حقن جي جدوجهد جو جمهوري جدوجهد سان گهرو واسطو آهي. ان ڪري سنڌ کي ڪنهن هڪ پارٽي تي ڀاڙڻ بجاءِ هاڻي ئي رومال رکي پنهنجي سيٽ والارڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *