تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اجرڪ وارو ماسڪ ۽ معصوم سنڌي

ڇا لکان؟، ڇا اهو لکان ته سنڌين سان تاريخ جو سڀ کان وڏو فريب ٿي رهيو آهي، يا وري لکان ته سنڌي دوکيبازي واري ڪارڊ تي خوش آهن ته سندن گهر، گهٽيون، زمينون، مفاد ۽ مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهن؟ يا اهو لکڻ جي سنگين غلطي ڪري وجهان ته سنڌين اکيون ٻوٽي “ديواني جو خواب” ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي تعبير جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي ناهي ۽ اهڙا خواب ڏسڻ سان سندن رهيل سهيل سوجهرو به چٽ ٿي ويندو، اسان جو ايندڙ نسل پنهنجن پاڙيسرين جي ڊپ کان گهرن ٻاهران ڇولا کپائڻ جي قابل به نه رهندو ۽ ڇپري واري هوٽل ۾ چانهه جو ڪوپ هٿ ۾ کڻي شهپرن کي وٽ ڏيندي نرڙ تان پگهر اگهي پاراتو ڏيندو ته فلاڻا گهر، فلاڻيون گهٽيون ۽ زمينون اسان جي وڏن جون هيون، جن ڀڳڙن مٺ عيوض کپايون يا قابض ڌرين آڏو بيوسي جو اهڙو روزو رکيو جو اسان جو مستقبل ڀيانڪ بڻجي ويو.
مورخ لکندو ته جڏهن ماڪڙ سنڌ جي هزارين ايڪڙن تي تيار ٿيل فصل ناس ڪري رهي هئي تڏهن بکئي پيٽ سنڌي ، سرڪار طرفان ماڪڙ مارڻ لاءِ خريد ڪيل ڪروڙين رپين جي ويگو گاڏين جا مثال ڏئي واهه واهه ڪري رهيا هئا، خبر تن کي به هئي ته اهي گاڏيون بنگلن تي سجائي بيهارڻ لاءِ ورتيون ويون آهن. ڪنهن ڏاهي لکيو هو ته زنده قومون پنهنجي زمين، ثقافت، ٻوليءَ، لڄ ۽ ٿڃ خاطر مٽجي وينديون آهن پر انهن تي آر اچڻ ناهن ڏينديون پر هتي ته ڪم ئي ابتو آهي، عمل ئي ابتو آ، سوچ تي اهڙا ويراني جا ڪڪر ڇانيل آهن، جن کي مينهن وسائڻو ئي ناهي ۽ نه وري اهي ڪڪر نئون سج اڀرڻ ٿا ڏين.
يا اهو سوچي ماتم برپا ڪيان ته منهنجا مارو گمراهي جي اهڙي واٽ تي نڪري پيا آهن، جتان سندن واپسي ممڪن ئي ناهي، اڳتي هلي صورتحال اهڙي ٿي ويندي جو کين لفظ ڪڇڻ تي زبان ڪٽائڻي پوندي، ٻانهه ڀڃائڻي پوندي، ٻانهه کڻائڻي پوندي، لڄ لٽائڻي پوندي، لکين ڪروڙين ڪونڌرن جو ٻليدان ڏيڻو پوندو پر پوءِ به واپسي ۾ ورهيه لڳي ويندا. ڪاش! ان وقت ڪير انهن مارن جي ڀڳل ٻانهن تي زور سان هٿ رکي کانئن پڇي ته ڀائو! ان وقت اوهان ڪهڙي هنڌ آرامي هئا، جڏهن سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڀڳڙن مٺ عيوض کپائي پئي وئي، سرڪاري ڪاروهنوار تي ڌاريا قابض هئا، اوهان جا نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کڻي روزگار لاءِ منٿون ڪندا هئا ۽ کين جواب ملندو هو ته وڃي ڇولا کپايو ۽ اهڙيون بي تڪيون صلاحون ڏيندڙ پاڻ پيجارو تان لهڻ پسند نه ڪندا هئا، اهو سڀ توهان کي ان وقت ئي سوچڻ کپندو هو جڏهن توهان جي اسڪولن، لائبريرين، ثقافتي ورثن کي ڊاٿو پئي ويو، در اصل توهان جون پاڙون پٽيون پئي ويون.
انهن مسڪينن کي ڇا چئي ماٺ ڪرايان جن جا ٻچا ڪيئي ڏينهن کان بکيا آهن، ڇا اهو چوان ته ماٺ ڪريو، توهان جا حڪمران توهان جي ثقافت اجرڪ جا ماسڪ ٺهرائڻ ۾ رڌل آهن، يا وري اهو دلاسو ڏئي ماٺ ڪرايان ته هاڻي روڊن تي اجرڪ واري نمبر پليٽس واريون گاڏيون هلنديون جن کي ڏسي بکيو پيٽ ڀري وٺجو؟، جناب اعليٰ، هزارين سي ايس ايس پاس نوجوان سوال ڪري بورڪري ٿا ڇڏين ته سرڪار سڳوري کين ڪڏهن ٿي آفر آرڊر ڏي، انهن کي به سمجهڻ گهرجي ته اوهان کي اهي ڊگريون ڦٽيون ڪري پنجاب، ڪي پي يا بلوچستان مان وفاداري جا سرٽيفڪيٽ آڻڻا پوندا جن جي آڌار تي ئي اوهان کي پوسٽنگ ملي سگهندي.
سلجهيل معاشرا بهادر، ايماندار، فرض شناس حڪمرانن کي جنم ڏيندا آهن ۽ الجهيل معاشرا جاهل، ظالم، بي ايمان، احساس فراموش، دوکيباز حڪمرانن کي ڄڻيندا آهن، پوءِ اهي اڳتي هلي اهڙو گابو بڻجي ويندا آهن، جنهن آڏو ڪڇڻ به ڪفر بڻجي ويندو آهي ۽ نسل تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن، امير ويتر امير ۽ غريب ويتر غريب ٿي ويندا آهن، هاري، پورهيت ۽ مزدور جو پٽ ماني ڳڀي لاءِ واجهائي واجهائي مري ويندو آهي ۽ حڪمرانن جي نسلي ڪتن لاءِ طعام تيار ٿيندا آهن، اهو لڪاءُ ڏسي اهي ڪتا به روئي پوندا آهن پر بي حس معاشرو اکيون کولڻ جي زحمت نه ڪندو آهي.
سنڌ ۾ گذريل هڪ ڏهاڪي کان سنڌ جي نمائنده جماعت پيپلز پارٽي حڪمراني جا مزا وٺي رهي آهي پر جڏهن ڪو ٻار ٿر ۾ بک ۽ بيمارين وگهي مري وڃي ته ڏوراپو اسلام آباد وارن کي ڏيڻ لاءِ چيو ويندو آهي، سنڌ ۾ آفيسر ڇو سڀ ڌاريا آهن جي سوال تي وزير عجيب منطق پيش ڪندا آهن، جڏهن مٿن ڏکيو وقت ايندو آهي ته اٻوجهه سنڌين کي اهڙي واٽ تي گهلي بيهاري ڇڏيندا آهن، جتي عام ماڻهن جو دماغ جواب ڏئي وڃي، اهڙو ڪارڊ کيڏندا آهن جو ڪير ڪڇي ئي نه سگهي، يا ايئن کڻي چئجي ته “نانگ به مري وڃي ۽ لٺ به نه ڀڄي” واري چوڻي تي ڀرپور عمل ڪندا آهن.
سنڌو جي ڀومي ۾ جنم وٺندڙ ماضي جي عظيم ديس جي رهاڪن کي هاڻ پنهنجي سوچ جا بند دروازا کولڻ کپن، تباهي ڏانهن ويندڙ لنگهه بند ڪري ڇڏڻ گهرجن، ڪٿي ايئن نه ٿئي جو سندن ايندڙ نسل سڄي ڄمار کين پٽون ۽ پاراتا ڏيندو رهي!.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *