تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

احتساب جي صحيح واٽ عام چونڊون ئي آهن

سپريم ڪورٽ ۽ ملڪ جي اڪثر سياسي پارٽين هاڻوڪي نيب کي صفا ناقص قرار ڏنو آهي پر ستم ظريفي اها آهي جو ڪير به هاڻوڪي نيب مان جند ڇڏائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه نيب جي قانون ۾ سڌارن لاءِ ڪا بنيادي ترميم ڪرڻ لاءِ راضي آهن. نيب قانون ۾ حڪومت جي تجويز ڪيل ترميمن جو جيڪو مسودو سامهون آيو آهي ان موجب هن ۾ بنيادي تبديلي نظر نٿي اچي. حڪومت جي ان تجويز ڪيل مسودي ۾ زور نيب جي چيئرمين، ڊپٽي چيئرمين ۽ پراسيڪيوٽر جنرل جي ملازمت جي مدي ۾ چئن سالن جي واڌ تي ڏنو ويو آهي. اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته سپريم ڪورٽ نيب ۾ جن خامين جي نشاندهي ڪئي آهي حڪومت جي تجويز ڪيل ترميمن ۾ ان جي درستي جي لاءِ ڪا تجويز شامل ناهي. سپريم ڪورٽ واضح طور تي چيو آهي ته نيب جي جاچ آفيسرن ۾ اهليت ۽ صلاحيت ئي ناهي. خامين سان ڀريل رپورٽ ريفرنس ۾ تبديل ڪئي ويندي آهي. جاچ آفيسرن کي قانوني رخن جي ڄاڻ ناهي ۽ جتي فيصلا 30 ڏينهن ۾ ٿيڻ گهرجن اتي 30 سال لڳي وڃن ٿا.
سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته نيب جو هاڻوڪو ادارو هڪ آمر پنهنجي اقتدار کي برقرار رکڻ لاءِ قائم ڪيو هو ۽ اها به حقيقت آهي ته هن آمر کانپوءِ جي حڪومتن به نيب کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو ۽ اها ڳالهه بدبوءِ جيان سياست جي پاڙن ۾ گهڙي وئي وئي ۽ انهي بدبوءِ کي ڪير به ختم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
پاڪستان شايد واحد ملڪ آهي جتي سياست ۽ معاشري جي ٻين حصن ۾ بدعنواني ۽ ڳنڀير ڏوهن جي خاتمي لاءِ احتساب جو هي عمل اختيار ڪيو وڃي ٿو. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ بدعنواني ۽ ڏوهن تي احتساب جو جيڪو طريقو آهي اهو هڪدم مختلف آهي.
هندستان جي مثال تي ماڻهونڪ ڄبو ڪري ڇڏيندا آهن . اتي سياستدانن ۽ ڌانڌلين ۾ ملوث ماڻهن جي احتساب جو طريقو بلڪل مختلف آهي جيڪو وڏي حد تائين عوام ۾ مقبول آهي. اتي بدعنواني، مالي گهوٻين ۽ ڳنڀير ڏوهن جي پهريان سي بي آءِ جو ادارو گهرائي ۾ وڃي جاچ ڪري ٿو ۽ ان جاچ جي نتيجي جي بنياد تي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ ڪنهن قسم به جي رعايت يا رک رکاءُ نٿو ڪيو وڃي. گذريل مئي ۾ سي بي آءِ (CBI) هندستان جي ميجر جنرل بابا جي راو ۽ ڪيترن فوجي آفيسرن خلاف بدعنواني جي الزام ۾ جاچ کانپوءِ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيا آهن. سي بي آءِ هڪ اڳوڻي مرڪزي وزير چدمبرم جي خلاف بدعنواني جي الزامن جي جاچ ڪري رهيو آهي. گذريل سال سي بي آءِ چار هزار کان وڌيڪ سرڪاري آفيسرن خلاف بدعنواني ۽ رشوت وٺڻ جا ڪيس داخل ڪيا هئا. هندستان ۾ احتساب جي اهڙي طريقيڪار تي ڪنهن کي اعتراض ناهي ۽ نه سي بي آءِ جي سربراهه جي مقرري تي به ڪو گوڙ ڪري ٿو. سي بي آءِ جو سربراهه وزيراعظم ڪنهن اعليٰ سرڪاري آفيسر کي مقرر ڪري ٿو ان جي چونڊ وزيراعظم جي صدارت ۾ هڪ سليڪشن ڪاميٽي ڪري ٿي، پاڪستان جيان نيب جي سربراهه جي چونڊ حڪمران ۽ مخالف ڌر اڳواڻ نٿا ڪن.
آمريڪا ۾ به بدعنوانين ۽ ڳنڀير ڏوهن لاءِ نيب اهڙو ناهي. اتي ايف بي آءِ جاسوسي کان وٺي 200 ڏوهن جي جاچ ڪري ٿو جنهن کانپوءِ ايف بي آءِ پنهنجي جاچ جي بنياد تي ڪيس عدالت ۾ پيش ڪري ٿو. ايف بي آءِ جو سربراهه صدر ڏهه سالن لاءِ مقرر ڪري ٿو اهو سربراهه اٽارني جنرل ۽ انصاف واري وزارت ماتحت هوندو آهي ۽ ان کي ئي جوابده هوندو آهي اهڙي ريت هن عمل ۾ ڪنهن سياستدان خلاف انتقامي ڪارروائي جو ڪو خدشو يا خطرو نٿو رهي.
برطانيا ۾ به پاڪستان جي نيب جيان احتساب جو ڪو ادارو ناهي. برطانيا ۾ سياستدان هجي يا ڪو ٻيو شخص هجي، ان خلاف جيڪڏهن ڪنهن بدعنواني، مالي گهوٻين ۽ دوکيبازي جو الزام هجي ته ان جو معاملو ايس ايف او سيريس فراڊ آفيس کي پيش ڪيو ويندو آهي ، جيڪو پاڻ ڪا سزا نٿو ڏئي پر اهو معاملو جاچ کانپوءِ عدالت سامهون پيش ڪندو آهي . عدالت جي فيصلي کانپوءِ سياستدانن ۽ اڳوڻن وزيرن جي ڪنهن احتساب جي گنجائش نٿي رهي. ها جيتوڻيڪ حڪومت ۽ وزيرن جي احتساب جو طريقيڪار واضح آهي جنهن لاءِ ڪابينا جي مختلف کاتن لاءِ پارليامينٽ جون سب ڪاميٽيون آهن جن جي باقاعده ٻڌڻي ٿئي ٿي ۽ وزير انهن ڪاميٽين سامهون جوابده هوندا آهن پنهنجين وزارتن جي پاليسين ۽ حڪمت عملي جي خامين ۽ ڪوتاهين بابت. ان طريقيڪار سان احتساب جو عمل ساڳئي وقت جاري رهي ٿو ۽ وزارت جي خاتمي کانپوءِ ڪنهن “نيب” جي ضرورت باقي نٿي رهي.
هڪ حقيقت جنهن جو نيب ۽ ان جي طريقيڪار تي بحث ۾ ڪٿي ڪو ذڪر ناهي اهو هي سوال آهي ته سياستدانن ۽ حڪمرانن جي احتساب جو صحيح طريقو ڇا هجڻ گهرجي. بنا ڪنهن شڪ جي سياستدانن، اڳوڻن وزيرن ۽ موجوده حڪمرانن جي احتساب جو صحيح رستو رڳو هڪ آهي. اهو آهي عام چونڊن جو رستو ۽ جمهوري نظام ۾ اهو ئي رستو درست رستو آهي. عام چونڊن ۾ عوام پنهنجي تجربن جي بنياد تي صحيح احتساب ڪري سگهندو ۽ ان ئي بنياد تي پنهنجا صحيح نمائندا چونڊي سگهندو، شرط اهو آهي ته اهي چونڊون بنا ڪنهن مداخلت جي آزاداڻيون ۽ شفاف ٿين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *