تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

احتساب جي نئين قانون جي خواهش !

پاڪستان ۾ سياسي جماعتن ۽ انهن جي اڳواڻن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ ڪا هاڻوڪي ڳالھه ناهي، قيام پاڪستان کان اها روايت هلندي اچي .انتقام جي گنگا ۾ نه رڳو آمرن پر سويلين حڪمرانن به دل سان هٿ ڌوتا آهن. پاڪستان ۾  ناپسنديده سياستدانن خلاف هر دور ۾  پهرين شدت سان ميڊيا تي هڪ منظم  مهم هلائي ويندي آهي. ان کان پوءِ انهن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ويندي آهي، جڏهن اها ڪارروائي شروع ٿيندي آهي ته عام ماڻهو جو ردعمل نه هجڻ جهڙو هوندو آهي، پهرين چور چور جو گوڙ ڪيو، ۽ جڏهن عدالت ۾ چوري ثابت ڪرڻ جو وقت اچي ته ڪياڙي کنو. اهو ئي سبب آهي ته اسان جي احتساب جي ادارن اندر اها صلاحيت ئي نه رهي ته هو ڪرپٽ سياستدانن خلاف عدالتن ۾ ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هجن.
پاڪستان ۾ 80ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن  ايران  ۾ شيعه اسلامي انقلاب آيو ته پاڪستان ۾ رياستي سطح تي ان جي مخالف هجڻ جي باجود  چوڪن تي ٽنگيل لاشن جون تصويرون ملڪ جي مختلف اخبارن ۾ شايع ڪرائي عام ماڻهن جو ذهن تيار ڪيو ويو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾  ڪرپٽ ماڻهن کي چوڪن تي ڦاهيون ڏيڻ وارو عمل شروع ڪيو وڃي ته ملڪ باغ بهار ٿي ويندو. افغانستان ۾  جڏهن ڊاڪٽر نجيب جو لاش ٽنگيو ويو ته پاڪستان ۾ ان تصوير کي هڪ خوبصورت مثال بڻائي پيش ڪيو ويو. پر وقت ثابت ڪيو ته انهن سزائن سندن معاشرن تي ناڪاري اثر ته ضرور ڇڏيا پر معاشري جي بڻ بڻياد ۾ انسانيت کي اوتڻ ۾ ناڪام ويا.
مخالف سياستدانن کي نااهل قرار ڏيارڻ جي روايت پراڻي ضرور پر ايوب خان ان قانون جو ڀرپور استعمال ڪيو، يحييٰ ملڪ ٽوڙيو ،ڀٽو صاحب به مخالفن سان گهٽ نه ڪئي، ضياءَ ايوب کي به مات ڏني، محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف هڪ ٻئي خلاف ايترو اڳتي نڪري ويا جو اسٽيبلشمينٽ جي ايجنڊا پوري ڪندا رهيا، وقت ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن کي مجبور ڪيو ته هو پنهنجو ميدان  ٻين کي نه ڏيندا.محترمه جي شهادت بعد نواز شريف هڪ وڏي تجربي ۽ اقتدار مان نيڪالي ۽  ٻيون   ڀيرو جيل وڃڻ  بعد ان نتيجي تي پهتو ته کين سدائين استعمال ڪيو ويو.هاڻي  پاڪستان جي سياسي جماعتن ( تحريڪ انصاف کانسواءِ) سپريم ڪورٽ ۽ سول سوسائٽي  کي واضح طور ان ڳالھه جو ادراڪ ٿيو آهي ته نيب سواءِ انتقامي ڪارروائي ۽ سياسي انجينئرنگ جي ٻيو ڪجھه به نه ڪيو آهي، خود نيب جي اداري طور جيڪا ڪارڪردگي رهي آهي ان ثابت ڪيو آهي ته مختلف ڪيسن ۾ کيس جيڪي جاچ جا ڪاغذ ڏنا وڃن ٿا، ان جي  پنهنجي ليکي  جاچ بدران جيئن جو تيئن عدالت جي روبرو پيش ڪيا وڃن ٿا. نتيجي ۾ نيب جا عدالتن ۾ ڏنل دستاويز گهڻو ڪري درست ثابت نٿا ٿين. نيب هيستائين جن جن ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن جو ميڊيا ٽرائل ڪيو ۽ سڄي ملڪ ۾ انهن کي بدنام ڪيو، سالن کان جيل ۾ رکڻ جي باوجود جيڪڏهن ڪي به ثبوت نه ڏئي سگهيو ته اهو ماڻهو ڪنهن وٽ دانهن کڻي وڃي ته هن سان جيڪا تعدي ڪئي وئي ان جو ازالو ڇا آهي؟
 ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي قيادتن خلاف نيب جي لاڳيتي ڪارروائي ۽ ان دوران سپريم ڪورٽ جي  تازي آبزرويشن سياسي جماعتن ۾  نيب خلاف ويڙھه ۾ ساھه وجهي ڇڏيو آهي، لاڳيتي دٻاءَ سبب هاڻي حڪومت ان ڳالھه تي راضي ٿي آهي ته هو نيب قانون ۾ ترميم لاءِ تيار آهي، پر ان راضپي پويان ڪهڙي حڪمت عملي آهي ان باري ۾  مستقبل ۾ خبر پوندي ته هو  ان جي راضپي ۾ ڪيتري حقيقت آهي.  
ملڪ جي ٻن وڏين سياسي جماعتن پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کي اهو احساس ڪجھه سالن کان پوءِ  ٿيو هو، جڏهن سندن قيادتون نيب جي ڪاٺ ۾ هيون،  تحريڪ انصاف ان ڪري تاڙيون وڄائي رهي هئي ته اها نيب جي قهر  هيٺ نه آئي هئي. پارليامينٽ اندر هاڻي ان قسم جون سرگرميون ان گمان کي هٿي ڏين ٿيون ته شايد احتساب جو قانون وڌيڪ بهتر ٿي سگهي. پر اها ان وقت تائين خام خيالي آهي جيستائين تحريڪ انصاف پاڻ کي چٽو نٿي ڪري.
پيپلزپارٽي گذريل ڪافي عرصي کان ان ڳالھه جو مطالبو ڪندي رهي آهي ته احتساب جي قانون ۾ فوج ۽ ججن جو به احتساب شامل ڪيو وڃي. ن ليگ ان انداز ۾ چٽي ريت اهڙو مطالبو نه پئي ڪري پر هاڻي جن مرحلن مان هو گذري آئي ۽ گذري رهي آهي ، ان مطالبي جي مخالف به ناهي رهي، پر تحريڪ انصاف ان مطالبي جي مخالف آهي، ن ليگ پنهنجي آخري دور ۾ نيب قانون ۾ تبديلين لاءِ هڪ پارلياماني ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جي سربراهي ان وقت جي قانون واري وزير زاهد حامد ڪئي پئي. ان وقت تحريڪ انصاف جو چوڻ هو ته فوج جو پنهنجو احتساب جو نظام آهي، جيڪڏهن ان مطالبي تي سياسي پارٽيون گڏ به ٿي وڃن ته به ان لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي، جڏهن ته ساڳي ريت ججن واري معاملي ۾ به ايئن ڪرڻو پوندو.  تحريڪ انصاف ڪنهن به صورت ۾ ان جي حامي نه هئي، جيڪڏهن هو حامي ڀري ها ته اها ترميم ٿي وڃي ها، پر ان دور ۾ ن ليگ به احتساب ڪميشن ۽ ججن ۽ جرنيلن لاءِ هڪ ئي قانون ٺاهڻ لاءِ ان ڪري به راضي نه هئي ته هو هارايل جواري وانگر ان اميد ۾ هئي ته شايد اسٽيبلشمينٽ راضي ٿي پئي ، پر ايئن نه ٿيو فيض آباد ۾  ڌرڻي  ن ليگ جي پوزيشن کي وڌيڪ ڪمزور ڪري ڇڏيو. نتيجي ۾ زاهد حامد کي وفاقي وزير جي عهدي تان استيعفي ڏيڻي پئي.
 سپريم ڪورٽ پاران نيب جي حوالي سان جيڪا راءِ آئي آهي ان نيب کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي، خود ماضي ۾ چيئرمين نيب جي اخلاقي حيثيت تي به سوال اٿيا آهن، پر هن ان باري ۾ ڪڏهن به ان جي وضاحت نه ڪئي آهي، ويڊيو اسڪينڊل کي لئه مٽي ڪرايو ويو، هاڻي جڏهن خواجا سعد رفيق ضمانت ڪيس ۾ نيب جي حوالي سان  سپريم ڪورٽ  تفصيلي فيصلي  ۾ جيڪا راءِ ڏني آهي ان ثابت ڪيو آهي ته نيب جو ادارو سياسي انجنيئرنگ ۽ سياسي انتقام لاءِ وڌيڪ استعمال ٿيو آهي، حيرانگي جي ڳالھه اها آهي ته نيب هيستائين جن به سياسي ليڊرن ، ڪامورن يا ڪاروباري ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي ان خلاف هو مستند قسم جا دستاويز عدالت ۾  پيش نه ڪري سگهيو آهي، خود نيب اندر جيڪا ڪرپشن ٿئي ٿي، پاڪستان اندر ڪو به اهڙو ادارو ناهي جنهن کي ان زيادتي جي دانهن ڏئي سگهجي، هن وقت تائين آصف زرداري، خورشيد شاھه ، نواز شريف  ،شهباز شريف ، شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جا جيڪي به ڪيس نيب ۾ آهن، انهن ۾ به نيب کي جيڪي شاهدين جا دستاويز ڏنا وڃن ٿا اهي ئي پيش ڪيا وڃن ٿا. معمولي پگهارن ۽ ماهر وڪيلن جو عدالت جي روسٽرم سامهون مقابلو ڪرڻ ڏکيو آهي، پاڪستان ۾ عام هجي يا خاص ڪنهن به ان ڳالھه کي محسوس نه ڪيو آهي ته نيب جي ايتري تحرڪ جي باوجود ملڪ اندر بدعنواني ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن هي ادارو قائم ڪيو ويو هو ته ان جي قيام پويان نيت سياسي مخالفن خلاف ڪارروائي هئي، جيڪڏهن ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي نيت هجي ها ته صورتحال بهتر هجي ها. هڪ جمهوري آئيني رياست ۾ لامحدود اختيار خود جمهوريت جي روح جي خلاف هوندو آهي، پر پاڪستان ۾ سياسي جماعتن ڪڏهن به ان قانون ۾ سڌارن لاءِ سنجيدا ڪوشش نه ڪئي آهي.
رٽائرڊ برگيڊيئر اسد منير جو آپگهات نيب مٿان وڏي چارج شيٽ هئي، پر بدقسمتي سان سپريم ڪورٽ ان باري ۾ ڪوبه نوٽيس نه ورتو، برگيڊيئر اسد منير آپگهات کان اڳ ۾  پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته “ هو خودڪشي ان ڪري ڪري رهيو آهي ته جيئن هٿڪڙيون لڳڻ ۽ ميڊيا سامهون بي عزت ٿيڻ کان بچي سگهي،سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي درخواست ڪريان ٿو ته هو نيب آفيسرن جي روئي جو نوٽيس وٺي.” حيرانگي جي ڳالھه اها آهي ته سوا سال گذري وڃڻ جي باوجود ان باري ۾ نه ڪڏهن نيب کان ڪنهن اداري سوال ڪيو ۽ نه حڪومت ڪجهه ڳالهايو. اهڙي ريت هٿڪڙين ۾ نيب جي جوابدارن جي موت جون تصويرون حڪومت کي جنجهوڙڻ لاءِ ڪافي هيون، پر بي حسي انتها تي پهتل آهي.
نيب جو اصل مسئلو ان جا لامحدود اختيار ۽ پنهنجي ڪم ۾ مهارت جو نه هجڻ آهي، سياسي انجنيئرنگ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت هوندو ته نيب جي اڳوڻي اسپيشل پراسيڪيوٽر عمران شفيق جو بي بي سي جي ويب سائٽ تي اڄ به هڪ  انٽرويو موجود آهي، جنهن ۾ هن ان ڳالھه جو اعتراف ڪيو آهي ته،
“ جولاءِ 2018ع ۾ جڏهن عام چونڊون ٿي رهيون هيون ته ان وقت “ گمنام ” درخواستون تمام گهڻيون اينديون هيون، انهن جي جاچ بدران صوابديدي اختيار استعمال ڪندي انهن درخواستن کي فوري طور تي انڪوائري ۾ تبديل ڪيو ويندو هو، اوهان ايئن سمجهو ته شڪايت جي تصديق جو پورو مرحلو ئي احتساب جي عمل مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو”
ماضي ۾ ميان نواز شريف ۽ ان بعد جنرل مشرف ان قانون کي پنهنجي ذات لاءِ استعمال ڪيو، هاڻي ن ليگ کي ان ڳالھه جو شدت سان احساس ٿيو آهي ته لامحدود اختيارن جي ڪري نيب جي ڪوڙي يا سچي، جيڪا به ڳالھه ڪئي وڃي ٿي ان کي ڪٿي چئلينج ئي نٿو ڪري سگهجي. ملڪ جو وزيراعظم پارليامينٽ آڏو جوابده آهي، پر نيب چيئرمين ان پابندي کان به آجو آهي، اهو ئي سبب آهي ته لامحدود اختيارن جي ڪري هن اداري جي ڪنهن به عمل کي چئلينج ڪرڻ مسئلو بڻيل آهي، هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ خواجا سعد رفيق ڪيس ۾ نيب قانون ۽ ان جي عمل تي جيڪا راءِ ڏني آهي ان نيب جي اداري ۽ قانون مٿان سوال اٿاري ڇڏيا آهن، نيب جي ساک عدالتي فيصلي بعد مڪمل طور تي بي اثر ٿي چڪي آهي.
 اسلام آباد ۾ ايندڙ هفتي کان نيب قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪم شروع ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ حڪومت جي خواهش تي اسپيڪر هڪ پارلياماني ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آهي، جنهن جي اڳواڻي پرڏيهي معاملن وارو وزير شاھ محمود قريشي ڪري رهيو آهي، هي ڪميٽي مختلف قانونن جنهن ۾ خاص طور تي ايف اي ٽي ايف ۽ نيب قانون جو جائزو ورتو ويندو، جيڪڏهن ملڪ جون سياسي جماعتون ڪنهن نقطي تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيون ته ضرور نيب قانون ۾ نه رڳو  سڌارا ايندا پر سياسي انجنيئرنگ جو رستو به بند ٿي ويندو، پاڪستان ۾ سياسي انجنيئرنگ سياسي جماعتن خلاف استعمال ڪئي وئي آهي، اهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجو هٿيار ڪيئن سياسي جماعتن حوالي ڪرڻ ڏيندي؟  سياسي ڌرين جو امتحان آهي ته هو سمورين رڪاوٽن کي اورانگهي ڪيئن هڪ نئون قانون ٺاهي سگهن ٿا جيڪو ملڪ ۾ هڪ شفاف احتساب جي روايت کي جنم ڏئي ۽ سياسي انتقام جا رستا بند به ڪري، هن وقت تحريڪ انصاف جتي بيٺل آهي، ان مان ان ڳالھه جي اميد ته گهٽ آهي، پر ڏسجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿو ٿئي؟    

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *