تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

احتساب يا انتقام

پاڪستان ۾جاري احتساب جو هاڻوڪو عمل شروع کان ئي فوجي آمرن جي زماني ۾ انتقامي مقصدن ۽ سياسي مخالفن کي چٿڻ لاءِ اختيار ڪيو ويو هو. ان جي شروعات ملڪ ۾ فوجي آمريت جي پهرئين دور ۾ ايوب خان ڪئي هئي ۽ اهو پرويز مشرف جي دور تائين جاري رهيو ۽ موجوده حڪمران ان جي باقيات کي سيني سان لڳائي ويٺا آهن ۽ ان مان پنهنجا مقصد ماڻڻ چاهين ٿا.
آڪٽوبر 1958ع ۾ ايوب خان اقتدار تي راتاهو هڻڻ کانپوءِ سياسي پارٽين تي پابندي لاڳو ڪرڻ سان گڏوگڏ سياستدانن کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ ايبڊو جو قانون لاڳو ڪيو هو، جنهن جو نشانو سنڌ ۾ فوجي آمريت ۽ ون يونٽ مڙهڻ جا مخالف هئا. ايبڊو جي تلوار سڀ کان پهريان پيرزاده عبدالستار ۽ ايوب کهڙي تي ڪري. ان دوران سنڌ ۾ گرفتارين جو هڪ طوفان هو جنهن سموري صوبي کي ڌوڏي ڇڏيو هو. سنڌ کانپوءِ اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي اڳواڻن حسين شهيد سهروردي، مولانا ڀاشاني ۽ شيخ مجيب الرحمان کي ايبڊو جو نشانو بڻايو ويو.
پوءِ ايوب جي دور ۾ احتساب جي عمل کي سياسي مخالفن کي ختم ڪرڻ سان گڏ بنيادي جمهوريتن واري عجوبي جهڙي نظام کي مڙهڻ ذريعي سياسي پارٽين جي نظام کي نيست ۽ نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهو ظاهري طور ٻه منهين تلوار جو وار هو پر عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب ناڪارا ثابت ٿيو.
ساڳي ڪوشش جنرل ضياءُالحق جي دور ۾ سڀني سياسي پارٽين تي پابندي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ غير سياسي بنيادن تي عام چونڊون ڪرائڻ ۽ پارليامينٽ جي جاءِ تي شوريٰ قائم ڪئي وئي اهڙي قدم جو به بنيادي مقصد احتساب هو جنهن جي عمل ذريعي شوريٰ ۾ ميمبرن کي نامزد ڪيو ويو هو.
پرويز مشرف جي دور ۾ نيب کي سرعام پنهنجي فوجي اقتدار کي هٿي ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. سياسي پارٽين ۽ سياستدانن تي دٻاءُ وجهي فوجي حڪومت جي حمايت حاصل ڪئي وئي. ان ئي زماني ۾ نيب جو ادارو، عوام ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي ويٺو هو.
مشرف جي دور کانپوءِ جيترين به سياسي پارٽين جون حڪومتون اقتدار ۾ آيون ڪنهن فوجي حڪمرانن جي ان باقيات کي ختم ڪرڻ يا ان ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ماڻهو چون ٿا ته اهڙي بي عملي پٺيان اها خواهش هئي ته جڏهن هو حڪومت ۾ ايندا ته هن اداري مان فائدو وٺي سگهندا. اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ نيب جو ادارو هڪ مذاق بڻجي ويو آهي جنهن کي مفاد پرست حڪمران بدستور جاري رکڻ چاهين ٿا ۽ ان کي سياستدانن تي مڙهيل رکڻ چاهين ٿا.
ڪرپشن جي جاچ ۽ ان جي خاتمي لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي ، سمجهه ۾ نٿو اچي ان کان پاڪستان ۾ پاسو ڇو ڪيو وڃي ٿو. هر ملڪ ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ هڪ مضبوط ادارو قائم آهي. پاڙيسري ملڪ هندستان ۾ سي بي آءِ آهي. آمريڪا ۾ ايف بي آءِ آهي، برطانيا ۾ اي سي يو اينٽي ڪرپشن يونٽ آهي ان جا سربراهه صدر يا وزيراعظم مقرر ڪندا آهن.
پاڪستان ۾ نيب جي سربراهه جي مقرري جو انوکو ۽ کل جوڳو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو آهي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ گڏجي نيب جو سربراهه چونڊين ٿا جنهن ۾ هڪ ته دير ٿئي ٿي ۽ اڻ ڳڻيا مونجهارا پيدا ٿين ٿا. هن چونڊ کي غير جانبدار ڪنهن صورت ۾ قرار نٿو ڏئي سگهجي. ان جي جاءِ تي وزيراعظم يا صدر اعليٰ آفيسرن جي ڪاميٽي جي سفارش تي ڪنهن تجربيڪار ۽ ايماندار آفيسر کي سربراهه ڇو نٿو مقرر ڪري سگهي. پاڪستان ۾ اهڙن تجربيڪار ۽ ايماندار آفيسرن جي کوٽ ناهي جن کي احتساب جي اداري جي سربراهي سونپي وڃي.
بنا شڪ جي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته فوجي حڪمرانن جي قائم ڪيل اداري نيب مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو وڃي، ڪيڏي وڏي بيوقوفي جي ڳالهه آهي جو جيڪڏهن ڪو نيب جي موجوده اداري ۾ سڌارن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان تي الزام لڳايو وڃي ٿو ته ان پٺيان اين آر او جي خواهش آهي. اهو اصل ۾ سڌارن لاءِ بامقصد ڳالهه ٻولهه ۽ بحث کان فرار ٿيڻ جو اظهار آهي. جمهوري ملڪن ۾ اهو ڏسي واقعي حيرت ٿئي ٿي ته هتي هر مسئلي تي مختلف سطحن تي ۽ مختلف رخن کان ڪيترو غور، بحث ۽ مباحثو ٿئي ٿو. ان جو احساس مون کي ان وقت ٿيو جڏهن مون برٽش لائبريري ۾ ننڍي کنڊ جي آزادي ۽ اقتدار جي منتقلي بابت پراڻن تاريخي فائلن جو مطالعو ڪيو. هر فيصلي کان اڳ هر هڪ نقطي جي سڀني رخن تي وڏي تفصيل سان بحث ٿيندو هو ۽ رڳو لنڊن ۾ ئي نه پر هندستان ۾ گورنر جنرل کان وٺي هر صوبي جي گورنر کان صلاح وٺبي هئي. پوءِ گورنر جنرل پنهنجي عملي سان ۽ سياسي اڳواڻن سان هڪ هڪ نقطي تي صلاح مشورو ڪندا هئا. ايتري قدر جو ڊگهي صلاح مشوري جو اهو سلسلو جاري رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو هو ته هي فيصلو نه ڪري سگهندا. ڪاش پاڪستان ۾ سياستدان گهرائي ۾ وڃي ڳالهه ٻولهه ۽ صلاح مشوري جو طريقو اختيار ڪن.
حقيقت اها آهي ته نيب جي تڪراري اداري تي سياستدانن کانسواءِ عدالتن کي به اعتماد ناهي رهيو تنهن ڪري ان صورت ۾ هن اداري کي بنا سڌارڻ جي ئي برقرار رکڻ سياسي ظلم هوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *