Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_atspjhtaq1q4qb2ae7h2pchskh, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
احتساب کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar احتساب کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

احتساب کي تڪراري نه بڻائڻ گهرجي

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي نيب گرفتار ڪري ورتو آهي،جنهن سان ملڪي سياست ۾ هڪڙو مانڌاڻ مچي ويو آهي،مخالف ڌر جي پارٽين انهي گرفتاري کي سياسي انتقام سڏيندي اي پي سي کان پوءِ حڪومت جي بوکلاهٽ قرار ڏنو آهي جڏهن ته حڪومتي ڌر شهباز شريف جي گرفتاري کي احتساب جي اهم ڪاميابي قرار ڏئي رهي آهي.مخالف ڌر جي پارٽين اي پي سي دوران ئي اهڙو خدشو ظاهر ڪيو هو ته مخالف ڌر جي اتحاد کانپوءِ انتقامي ڪارروايون وڌي وينديون جنهن جو اظهار پ پ اڳواڻ آصف زرداري تقرير دوران ڪيو هو ته سڀ کان پهرين هو جيل ۾ وڃي سگهي ٿو . شهباز شريف جي گرفتاري لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان ٿيل ضمانت منسوخ ٿيڻ کان پوءِ عمل ۾ آئي آهي.اسان جي ملڪ نظام جي بدقسمتي رهي آهي ته هتي سدائين احتساب جو عمل تڪراري رهيو آهي جنهن ڪري ڪڏهن به احتساب واري نعري کي عوامي مڃتا ملي نه سگهي آهي پوءِ اهو احتساب نواز شريف جي دور ۾ سيف الرحمان جي صورت ۾ سامهون آيو هجي يا مشرف جي دور ۾ ٿيل احتساب هجي ان تي سدائين اهي الزام لڳندا رهيا ته اهو سياسي انجيئرنگ ۽ مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي.اسان جي ملڪي سياست ۾ ڪرپشن محبوب ۽ مقبول نعرو رهيو آهي، ۽ اڪثر سياسي حڪومتون ماضي ۾ انهي الزام تحت هٽايون ويون آهن،سياست ۽ ڪرپشن جو اهڙو ڳٺجوڙ رهيو آهي جو ٻنهي کي الڳ ڪري ڏسي نه ٿو سگهجي عام ماڻهو کان وٺي مٿئين سطح تائين انهي ڪرپشن خلاف آواز اٿندو ته رهيو آهي پر جڏهن به انهي احتساب کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي ته ان جا منفي نتيجا ئي نڪتا آهن ۽ ملڪي سياست توڙي معيشت تي ان جا ناڪاري اثر پيا آهن،ماض ۾ ته انهي احتساب کي سياسي پارٽين کي ٽوڙڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جا کوڙ مثال موجود آهن جنهن ڪري پ پ مان پيٽرياٽ جهڙا گروپ ٺهيا ته نواز ليگ مان ڪيو ليگ جهڙيون پارٽيون وجود ۾ آيون ۽ الزام هيٺ آيل سياستدان ڏينهن ۾نوازجي احتساب کان آجا ٿي وزير به بڻجي ويا جنهن ڪري اهي نيب زادا سڏجڻ لڳا.هن وقت به ساڳي طرح جا الزام نيب جي احتساب عمل تي لڳي رهيا آهن جنهن ڪري حڪومت ۾ موجود ماڻهو سنگين الزامن باوجود ڪنهن پڇاڻي کان آجا آهن جڏهن ته سڄو عمل مخالف ڌر جي سياستدانن خلاف ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.ڪرپشن واقعي اسان جي سماج جو اهڙو ناسور آهي جيڪو سڄي سماج کي بيمار بڻائي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهيو آهي هاڻي حالت ته اهڙي اچي ٿي آهي جو ٻوڏ ۽ برسات متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ ايندڙ سامان يا ڪورونا دوران طبي سامان ايتري تائين جو ماسڪ ۾ به ڪرپشن جون خبرون اخبارن ۽ ميڊيا جو زينت بڻجنديون رهيون باقي وڏن پراجيڪٽن ۾ حالت ڇا هوندي انهي جو اندازو لڳائڻ ايڏو ڪو ڏکيو ناهي.اسان سمجهون ٿا ته سماج کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ احتساب جي عمل کي شفاف بڻائڻ انتهائي ضروري آهي جيئن ڪير به ان تي آڱر کڻي نه سگهي جڏهن به احتساب جي عمل جي آڙ ۾ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ يا رڳو مخصوص ماڻهن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ته اهو سڄو احتساب جو عمل تڪراري ٿي وڃي ٿو.تنهن ڪري ضروري آهي ته ان احتساب جي عمل ۾ سڌارا آندا وڃن ته جيئن ڪي به حقيقي جوابدار انهي عمل کي سياسي انتقام سڏي پاڻ کي بچائڻ جي ڪوششن ۾ڪامياب نه ٿين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *