تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ادارن جي پنهنجي پيدا ڪيل ايمرجنسي

عوام لاءِ آسانيون ۽ سهولتون پيدا ڪرڻ لاءِ ٺهيل ادارا ئي عوام جي عذابن ۾ اضافو ڪن ٿا،عوام جي ٽيڪس جي پئسن تي پلجندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تسلي بخش ته ٺهيو رهندو مايوس ڪندڙ آهي. جنهن ڪري قدرتي رحمتون ۽ نعمتون به عوام لاءِ زحمتون بڻجي ٿيون پون. اهي ادارا وقت سر مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري سدائين ايمرجنسي جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. ٿوري برسات پئي ناهي بجلي فراهم ڪندڙن کانوٺي نالن جي صفائي ڪندڙ ۽ پاڻي پهچائڻ جي ذميوار ادارن جي ڪارڪردگي ايئن ظاهر ٿي آڏو ايندي آهي جيئن گٽرن جو پاڻي اٻڙڪا ڏئي روڊن تي تلاءُ جي صورت ۾ بيهي رهندو آهي.
سانوڻي جي برساتن جي معمول کان وڌيڪ پوڻ جي اڳڪٿين هوندي ڪي اليڪٽرڪ کان وٺي،سيپڪو ۽ حيسڪو انهي حساب سان پنهنجون تياريون نه ڪيون نه ئي مڪاني ادارن پاڻي جي نيڪال جا بندوبست ڪيا،جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ٿوري پيل برسات ذري گهٽ سڄي سنڌ جي ڪاروهنوار کي بيهاري ڇڏيو آهي.ڪالهوڪي ڪراچي ۾ برسات سبب سڄو ڪراچي رستن تي ڦاسي بيهي رهيو،هر ماڻهو پنهنجي سفر تي پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو،پاڻي جا لنگهه بند هجڻ ڪري رستا تلائن ۽ ڍنڍن جا ڏيک ڏئي رهيا هيا،مٿان وري بجلي جي بندش موٽرن ذريعي به پاڻي جي نيڪال کي ناممڪن بڻائي ڇڏيو ،انهي کانسواءِ حيدرآباد ريجن جا 73 فيڊر انهي برسات سبب بند ٿي ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شهرن مان بجلي گم ٿي وئي.اهو سڀجڪهه انهي ٿوري برسات ۾ ٿيو آهي جنهن جي اڳڪٿي ٿيل هئي ۽ سڀني ادارن کي پنهنجون تياريون ڪرڻ لاءِ اڳ ئي آگاهي ڏني وئي هئي پر لڳي ٿو انهن ادارن ۾ ويٺلن کي ماڻهن کي تڪليف مان بچائڻ اوليت ئي ناهي. اڃان ته اها برسات پئي ناهي جنهن جي اڳڪٿي موسميات کاتي ڪئي آهي جيڪڏهن انهي شدت ۽ زور جي برسات پئي ته پوءِ شهرن جي حالت ڪهڙي هوندي اهو ڪو سمجهڻ ايڏو ڏکيو ناهي .برسات بند ٿيڻ کانپوءِ هن گرمي جي موسم ۾ جيڪا ٻوسٽ ۽ اٻ ٿئي ٿي اها ئي ماڻهن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ ڪافي آهي، جنهن ۾ ماڻهو بجلي کانسواءِ گذارو ئي نه ٿا ڪري سگهن ۽ بجلي نه هئڻ ڪري گهرن ۾ اهي ڄڻ ته ڪڙهي رهياهوندا آهن،انهي کانسواءِ پيئڻ جي پاڻي جو به مسئلو پيدا ٿيندو آهي. اهي سڀ اهڙيون شيون آهن جن جو ماڻهو جي ضرورت سان واسطو آهي پر خبر ناهي ڇو اهي ادارا انهن معاملن کي ايترو معمولي سمجهي انهن کي نظرانداز ٿا ڪن.جيڪڏهن اهي ادارا پاڻ ٿوري تڪليف برداشت ڪري اڳواٽ اهي مرمتي ڪم ڪرائي وٺن ته ماڻهن کي عذاب کان بچائي سگهن ٿا ۽ عوام جي تنقيد کان به بچيل هوندا. انهن ٻنهي ادارن جو واسطو صوبائي حڪومت سان به آهي ته وفاقي حڪومت سان به، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته وفاقي توڙي صوبائي ٻئي حڪومتون عوام کي رليف نه پهچائڻ جون ذميوار آهن .جيڪڏهن بجلي فراهمي جا ادارا يا ڪمپنيون وفاق جي نگراني ۾ آهن ته پاڻي جي نيڪال ۽ فراهمي جا ادارا مڪاني کاتي جي ڪنٽرول ۾ آهن جيڪو صوبائي حڪومت جو کاتو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته هن ٿوري برسات ٻنهي حڪومتن جي عوام کي رليف ڏيڻ ۾ عدم دلچسپي ۽ لاپرواهي کي به ظاهر ڪيو آهي ۽ عوام کي اهو پيغام ڏنو آهي ته ايمرجنسي جي صورتحال ۾ حڪومتون عوام کي ڪجهه ڏيڻ جي لائق ئي ناهن ،پر سوال اهو آهي ته هي ايمرجنسي ته انهن ادارن جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي جڏهن موسميات کاتي اڳواٽ آگاهه ڪري ڇڏيو هو ته پوءِ ڇو بجلي مهيا ڪندڙ ادارن پنهنجي سپلاءِ لائينن جو اڳواٽ مرمتي ڪم نه ڪرايو جو ٿوري برسات ۾ هر هنڌ ۽ هر شهر ۾ فيڊر ٽرپ ٿيڻ لڳا ،ڇو مڪاني ادارن وڏن نالن ۽ ڊرينيج جي صفائي نه ڪرائي جو اهي ٿورو پاڻي نيڪال ڪرڻ جي قابل نه رهيا ۽ شهري انهي ۾ ڦاٿا رهيا. هي ايمرجنسي قدرتي ناهي ادارن جي پنهنجي پيدا ڪيل آهي جيڪڏهن اهي چاهين ها ۽ وقت سر پنهنجا فرض نڀائين ها ته پاڻ کي ۽ عوام کي انهي ايمرجنسي مان بچائي سگهن ها.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *