Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9qfnojn4roush856tigkj71f3s, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ادارن ۾ هراسمينٽ ڪميٽين کي فعال ڪرڻ جي ضرورت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ادارن ۾ هراسمينٽ ڪميٽين کي فعال ڪرڻ جي ضرورت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ادارن ۾ هراسمينٽ ڪميٽين کي فعال ڪرڻ جي ضرورت

ڪنهن به سماج ۾ جيڪڏهن قانون جي بالادستي ناهي ته پوءِ استحصال،ظلم ۽ ڏاڍ جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ڪمزور طبقا ٿيندا آهن پوءِ اهي طبقا مالي ۽ معاشي طور ڪمزور هجن،سماجي طور ڪمزور هجن يا جسماني طور ڪمزور هجن.قانون جي رٽ جي ڪمزوري جو نتيجو انهن کي ئي ڀوڳڻو پوندو آهي چاهي اهي هاري هجن،مزدور يا عورتون يا ٻارڙا. هاري ۽ مزدور معاشي استحصال جو شڪار ٿين ٿا ته ٻارڙا ۽ عورتون وري جنسي ۽ جسماني تشدد جو نشانو بڻجن ٿا، ڇو ته اهي استحصال يا ظلم ڪندڙ قوتن لاءِ آسان شڪار هوندا آهن اهو ئي سبب آهي جو هر روز اهڙيون خبرون ۽ واقعا اسان جي اکين آڏو اچن ٿا جنهن ۾ ڪنهن عورت کي لڄالٽ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪنهن ٻار سان زيادتي ٿئي ٿي،ڪٿي ڪٿي اهي واقعا ته پنهنجن ويجهن رشتيدارن يا ڄاڻ سڄاڻ وارن هٿان ٿين ٿا. جڏهن ته عورتن کي هراسان ڪرڻ جا واقعا گهڻو ڪري ورڪنگ پليسز تي ٿين ٿا،ٻارڙن ۽ عورتن سان ٿيندڙ اهڙين زيادتين کي روڪڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان الڳ الڳ بل به پاس ٿيل آهن ۽ خاص ڪري عورتن کي هراسان ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ يا ڪنهن واقعي جي جاچ ڪرڻ لاءِ آفيسن ،تعليمي ادارن ۽ فيڪٽيرين ۾ جنسي هراسمينٽ ڪميٽيون ٺاهڻيون هيون پر ڪيترا ئي ادارا اڃان تائين انهن تي عمل نه ڪري سگهيا آهن جيڪڏهن ڪٿي اهڙيون ڪميٽيون ٺهيل به آهن ته اهي ايترو ته غير فعال آهن جو ڪٿي ڪو هراسمينٽ جو واقعو ٿئي ٿو ته ان جي جاچ ۾ مهينن جا مهينا ۽ سال لڳي وڃن ٿا ۽ وري اڪثر ڪري جوابدار آجا ٿي وڃن ٿا يا وري ان جاچ جو ڪو نتيجو نه ٿو نڪري. سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت توڙي جو عورتن ۽ ٻارڙن سان ٿيندڙ زيادتين بابت بهتر قانونسازي ڪئي آهي پر اصل مسئلو ان تي عمل ڪرڻ جو آهي يا جن ادارن ۾ اهي ڪميٽيون نه ٺهيون آهن ته انهن کي ان جو پابند بڻائڻ جو ڪم انٽظاميا جو آهي جيڪو اهي نه ڪرائي سگهي آهي جنهن ڪري اهڙن واقعن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي. تازو خانگي اسڪولن واري کاتي جي رجسٽرار خانگي اسڪولن جي سربراهن ڏانهن خط لکيو آهي جنهن ۾ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته هر اسڪول ٽن ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جنهن جو مطلب اهو ٿيو هيستائين خانگي اسڪولن ڪميٽيون ٺاهڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي نه ڪئي هئي ۽ اهي سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ٿيل انهي بل کان ڪن لاٽار ڪندا يا ان جي ڀڃڪڙي ڪندا رهيا. جيستائين صنفي اڻبرابري ختم نه ٿيندي تيستائين عورت کي اهو مقام سماج ۾ نه ملي سگهندو جنهن جي هو حقدار آهي ان لاءِ عورت کي معاشي طور مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت کي اهڙيون پاليسيون ٺاهڻيون پونديون جيئن سماج جي هر شعبي ۾ عورت جي شرڪت کي يقيني بڻائي سگهجي جيڪو عمل ڊگهي منصوبابندي جو گهرجائو آهي پر جيڪي شيون قانون جي شڪل ۾موجود آهن جنهن ذريعي عورت کي جنسي هراسمينٽ جهڙن واقعن کان بچائي سگهجي ٿو انهن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ ته حڪومت جو فرض آهي .
اسان سمجهون ٿا بهتر ماحول نه ملڻ ڪري ڪيتريون ئي عورتون پنهنجي نوڪرين ڇڏڻ کي ترجيح ڏين ٿيون ،جنسي هراسمينٽ جي واقعن ڪري ڪيتريون شاگردياڻيون پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ تي مجبور آهن تنهن ڪري اها حڪومت جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ٺاهيل قانون تي عمل ڪرائڻ جو ادارن کي پابند بڻائي جيئن گهٽ ۾ گهٽ عورت آفيسن،تعليمي ادارن فيڪٽرين ۽ هر انهي ورڪنگ پليس تي بنا ڪنهن خوف جي ڪم ڪري سگهي ۽ جيڪو به ادارو ان تي عمل نه ڪري انهي خلاف قانون تحت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *