Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_o2n4eqgf93p61rcmb9enev37so, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ادب سمجهڻ سولو آهي پر... - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ادب سمجهڻ سولو آهي پر... - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

ادب سمجهڻ سولو آهي پر…

سنڌ ۾ ادب پڙهندڙن جو هڪ وڏو حصو ۽ لکندڙن جو ان کان به وڌ حصو ادبي ڌارائن ۽ لاڙن کان ته اڻ واقف آهي ئي آهي پر ان وٽ ادب جي تخليقي پهلوئن جي به گهٽ ڄاڻ آهي. اسان مان گهڻا اڃان به رڳو حقيقت نگاري کي ادب سمجهون ٿا ۽ ان کان هٽي لکيل ادب يا تخليق تي اچرج ڪري ليڪا پائي ٿا ڇڏين. اسان مان اڪثريتي “جديديت کانپوءِ” ته پري جي ڳالهه پر “جديديت” واري ڌارا يا ادبي تحريڪ کي به سمجهي ناهيون سگهيا. جيتوڻيڪ انهن حوالن سان سنڌي ۾ اڪبر لغاري، ممتاز مهر، غفور ميمڻ ۽ مبارڪ لاشاري جا ڪنهن حد تائين ڄاڻ يا گس ڏيندڙ ڪتاب به موجود آهن، پر اسان وٽ ڪجهه ادب جا اڪابر بڻيل “چاڪي وارا ڏاند” يا “جهلي” بڻيل آهن. ٻيو ته ٺهيو اسين اڪثر انسان جي نفسيات کان به ڄڻ اڻ واقف آهيون. سچل سرمست چواڻي “ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شينهن” جهڙي اعلى ۽ سادي انساني نفسيات کي به ادب ۾ سمجهڻ کان اڻ واقف آهيون. پاڪستان ۽ هندستان جي ڪيترين ئي مختلف مادري ٻولين ۾ لکندڙن وٽ اهڙي صورتحال آهي پر سنڌ ۾ اڃان ڪجهه وڌيڪ مختلف آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي موضوعن تي انيڪ ڪتاب اچن پيا پر سمجهڻ واري صلاحيت، جنهن کي هنيانءُ سان هنڍائڻ چئجي، سا گهٽ ماڻهن وٽ آهي. هڪ هاڪاري پاسو اهو آهي ته سنڌي ادب ۾ مختلف صنفن توڙي موضوعن تي ڪيئي ڪتاب اچن پيا پر ٻيو پاسو وري تقليد جي گهڻي ڀرمار آهي. اها شاعري ۾ به ٿي پئي ته ڪهاڻي ۽ ناول ۾ به ٿئي پئي جيڪا موضوع بجاءِ صنفن جي بنياد تي گهڻي آهي. تبصرن ۽ تبرن، تنقيد ۽ اڀياس ۾ به تقليد وڌيڪ آهي ۽ سمجهي لکڻ گهٽ آهي. ادب ۾ اهميت تخليقيت جي هوندي آهي، ۽ تخليقيت هڪ اهڙو جهان آهي جنهن ۾ ڪائنات، فطرت، انسان جي زندگي ۽ تصوراتي دنيا جو ميل به هوندو آهي ته شعور کان پوئتي لاشعور يا تحت الشعور جون رمزون به سلهاڙجي وينديون آهن، گنجريل، اڻ ٿيڻيون ڳالهيون به ان جو حصو هونديون آهن. ممڪن ۽ ناممڪن جون ديوارون ٺهنديون ۽ ڊهنديون آهن. ايئن تخليقي ادب سرجيو ويندو آهي يا وري سرجي ويندو آهي.
هاڻي سوال آهي ته ادب کي سمجهڻ ڪيئن سولو بڻائجي؟ ادبي لاڙن يا ڌارائن کي گهٽ سمجهڻ واري معاملي کانسواءِ ڏٺو وڃي ته روايتي انداز ۾ ادب کي سمجهي هرڪوئي وڃي ٿو پر ان کي پُرجهڻ ۾ ڪي غلطيون ڪري وجهن ٿا ۽ جڏهن اهڙو سلسلو ٻين تائين پهچي ٿو ته اهي به ان کي پنهنجي راءِ جوڙڻ بجاءِ ساڳي مغالطي کي اڳتي وڌائين ٿا. اهڙي ريت ادب سمجهڻ ۾ مونجهارا پيدا ٿين ٿا. اها ڳالهه انهن بابت ڪجي ٿي جيڪي ادب پڙهن ٿا يا انهن مان ڪي لکن ٿا، جن جو سنڌ ۾ تعداد ايڏو وڏو نه به آهي پر واڪو وڏو آهي خاص ڪري اڄوڪي ڊجيٽل، سائبر اسپيس ۽ سٽيزن جنرلزم واري دور ۾. هونئن به يورپ کانسواءِ ٻين کنڊن جي اربين ماڻهن جي آبادي ۾ ادب پڙهندڙن جو تعداد مجموعي دنيا جي آبادي ۾ پندرنهن کان ويهه سيڪڙو تائين آهي، پر سنڌ ۾ هر طرح جا ڪتاب پڙهندڙن جو تعداد ڪجهه لکن ۾ ئي مس ٿيندو. ان جو مک ڪارڻ اهو آهي ته پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليمي نظام ۾ جيڪو مواد پڙهايو وڃي ٿو، ان جي آگاهي ادب بجاءِ رڳو نصابي مواد طور ٻڌائي وڃي ٿي. ڪيترن ئي ملڪن جي تعليمي نظام ۾ ابتدائي تعليم کان ئي ٻارن کي نه رڳو الڳ سان ڪهاڻيون، ناول، سفرناما ۽ ٻيا دلچسپ ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا پر ان سان گڏ انهن ٻارن کي ڪتابن تي تبصرا، اڀياس ۽ تنقيد لکڻ لاءِ همٿايو وڃي ٿو.
ان ڪري ئي يورپ، آمريڪا، لاطيني آمريڪا، آفريڪا کنڊ جي ڪجهه ملڪن، آسٽريليا کنڊ ۽ ايشيا جي ڪجهه ملڪن ۾ ادب پڙهندڙن کي ڪتاب مان چس حاصل ڪرڻ جو پورو موقعو ملي ٿو ۽ انهن وٽ اهي رايا نه هئڻ برابر هوندا آهن: “هيئن نه ٿئي ها.”، “اهو ممڪن ئي ناهي…. سمجهه کان مٿانهين ڳالهه آهي”، “اها اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي.” وغيره وغيره. جڏهن ته ادب هڪ اهڙي آزاد دنيا آهي جنهن ۾ داخل ٿي پڙهندڙ ان جو حصو ٿي وڃي ٿو ۽ هر شئي کي پرجهي به ٿو ۽ سولائي سان محسوس ڪري ٿو. سنڌ ۾ سنڌي ادب پڙهندڙ ۽ خاص ڪري ان تي لکندڙ کي ادب جي سمجهڻ واري جهان ۾ لهڻو پوندو. پڙهندڙ کي به تخليقي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سوچ جا درواز کولڻا پون ٿا ڇو ته پڙهڻ به ڪنهن حد تائين تخليقي عمل جو حصو بڻجڻ جي برابر هوندو آهي. يورپ ۾ پڙهندڙ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها هوندي آهي ته ڪنهن به ناول، ڪهاڻي، شاعري يا ادبي اسم ۾ نئين ڳالهه جي ڳولا کي فوقيت ڏئي ۽ سنڌ ۾ ٿورن نقادن يا تبصرا نگارن کانسواءِ اڪثر اها صلاح ڏيندي نظر ايندا ته فلاڻي ناول يا ڪهاڻي ۾ هيئن هيو پوءِ هن ۾ تهڙي ريت ڇو ناهي. جي وري ڪنهن جي ادبي لکڻي ۾ ڪنهن سان ميل رکندڙ ڪا ڳالهه هوندي ته چوندا اها ته هن فلاڻي مان کنئي آهي. مقصد ته ذهني طور چٽائي جي کوٽ هوندي آهي. ذهني چٽائي ادب کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اهم آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *