Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ppa30m14m4ldenuof3ts6qeu5i, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ارسا جي صلاحڪار ڪاميٽي جا فيصلا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ارسا جي صلاحڪار ڪاميٽي جا فيصلا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

ارسا جي صلاحڪار ڪاميٽي جا فيصلا

پنجاب ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي ورهاست تي جهيڙا انگريزن جي وقت کان هلن ٿا، 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندستان وارن راوي، ستلج ۽ بياس دريائن ۾ ايندڙ پاڻي بند ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ عالمي اداري جي مدد سان انڊس ٽريٽي معاهدو ٿيو جنهن ۾ مٿيان ٽي درياءَ هندستان کي ڏنا ويا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي ڪاميٽيون ۽ ڪميشنون ٺهيون پر جهيڙو ختم نه ٿيو. ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف فيصلو ڪيو ته صوبن وچ ۾ پاڻي ورهاست جو معاهدو ٿيڻ کپي جنهن لاءِ ضروري هو ته صوبن جي نمائندن وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ کپن ته جيئن هر ڪو صوبو ٻئي صوبي جي ڳالهه ٻڌي ۽ هر ڪو صوبو پنهنجي موقف کي وري ڏسي ته ڪيئن ٻين صوبن جي موقفن کي سمجهي ۽ پنهنجي موقف ۾ ترميم ڪري سگهي. ان وقت ڪل دريائن ۾ ايندڙ سراسري پاڻي 102 ملين ايڪڙ فوٽ هو جڏهن ته صوبن وڌيڪ پاڻي پئي گهريو. صوبن جي گهر کي نظر ۾ رکي صوبن ۾ پاڻي ورهايو ويو 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ. پنجاب صوبي جو ان وقت موقف هو ته جڏهن 6 ملين ايڪڙ فوٽ وارو ڪالاباغ ڊيم ٺهندو ۽ منگلا جو ذخيرو ٿيل واڌو پاڻي 3 ملين ايڪڙ فوٽ ملندو ته 114.35 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي ويندو. سنڌ جو موقف هو ته جيڪڏهن ايترو پاڻي نه هوندو ته هر ڪو صوبو اوتري سيڪڙو کوٽ کڻندو. پنجاب وارن ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته ڪنهن نموني ۾ ڪالاباغ ڊيم جو نالو پاڻي ٺاهه ۾ اچي وڃي پر ٻين صوبن جي اعتراضن تي اهو نالو پاڻي ٺاهه ۾ نه اچي سگهيو تنهن کانپوءِ سال 1991ع ۾ صوبن وچ ۾ پاڻي ٺاهه جو معاهدو ٿي ويو هاڻي انهيءُ تي عمل ڪرائڻ ڪا ٻي ايجنسي کپندي هئي. اها ايجنسي ارسا يعنيٰ “انڊس رور سسٽم اٿارٽي” جي صورت ۾ ٺاهي وئي جنهن جو ڪم صوبن وچ ۾ پاڻي ورهائڻ هو.
صوبن وچ ۾ پاڻي ورهائڻ لاءِ هر ڪنهن صوبي جو هڪڙو ميمبر کنيو ويو ۽ وفاق مان الڳ هڪ ميمبر اهي ڪل پنج ٿيا. انهن کي اڪثريت جي بنياد تي فيصلو ڪرڻ جو حق ڏنو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ اهو ادارو خريف يا ربيع مند شروع ٿيڻ کان اڳ ٻه گڏجاڻيون ڪندو آهي. هڪڙي فني ڪاميٽي جي ۽ ٻي صلاحڪار ڪاميٽي جي. فني ڪاميٽي ۾ پاڻي جو ڪاٿو لڳائي ورهاست بابت ٻڌايو ويندو آهي. انهيءَ ۾ صوبن جا فني ماهر شريڪ ٿيندا آهن. تنهن کانپوءِ صلاحڪار ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿيندي آهي جنهن ۾ آبپاشي ايگريڪلچر ۽ واپڊا جي ماڻهن کي گهرايو ويندو آهي. گهڻو ڪري آبپاشي ۽ ايگريڪلچر جا سيڪريٽري انهيءَ ۾ شريڪ ٿيندا آهن.
فني ڪاميٽي جي گڏجاڻي:
اها 25 سيپٽمبر تي ٿي. هر ڪو صوبو ۽ واپڊا رم اسٽيشن تي پاڻي جي دستيابي کڻي آيو جنهن تي بحث ٿيڻ کانپوءِ سراسري پاڻي اچڻ جو ڪاٿو هيٺئين ريت ٻڌايو ويو.
1- سنڌو درياهه (تربيلا وٽ) 8.574 ملين ايڪڙ فوٽ-50 سيڪڙو
2- ڪابل درياهه (نوشهري وٽ) 4.326 ملين ايڪڙ فوٽ-40 سيڪڙو
3- جهلم درياهه (منگلا وٽ) 4.902 ملين ايڪڙ فوٽ-45 سيڪڙو
4-چناب درياهه (هزارا وٽ) 4.442 ملين ايڪڙ فوٽ-40 سيڪڙو
5-اوڀرندا درياهه 1.2000 ملين ايڪڙ فوٽ
ڪل 23.444 ملين ايڪڙ فوٽ
تنهن کانپوءِ نظام ۾ پاڻي جي زيان تي بحث ٿيو. فيصلو اهو ٿيو ته انڊس واري پاسي پاڻي جو زيان 10 سيڪڙو ۽ جهلم چناب واري پاسي پاڻي جو زيان ٻڙي سيڪڙو ٿيندو.
انهيءُ گڏجاڻي ۾ آسٽريليا جي مدد سان هڪ اڀياس ۾ ٿيل پاڻي جو ورهاست جو هڪ ٽول Tool به ٻڌايو ويو جنهن ۾ مختلف حالتن ۾ ايندڙ پاڻي ۽ انهيءَ جي جدا جدا هنڌن تي دستيابي جو ٻڌائي سگهبو.
تنهن کانپوءِ ارسا جي ڊائريڪٽر آپريشن مسٽر خالد رانا بريفنگ ڏني ۽ صلاحڪار ڪاميٽي کان هيٺين ڳالهين جي منظوري گهري.
1-فني ڪاميٽي پاران منظور ٿيل پاڻي جي ربيع لاءِ دستيابي جيڪا 23.444 ملين ايڪڙ هئي.
2- بلوچستان جي حصي کان مٿي ڪڇي ڪينال لاءِ 0.149 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڏيڻ.
3- منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۾ 0.5 ملين ايڪڙ فوٽ ڏيڻ جنهن کي ڪيري اوور اسٽوريج (Carry Over Storage) چيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ربيع ۾ پاڻي کوٽ 3 سيڪڙو وڌي ويندي.
4- ارسا وارا صلاحڪاري ڪاميٽي لاءِ آسٽريليا جي مدد سان ٿيل حساب ڪتاب لڳائڻ واري نظام جي بريفنگ ڏيڻ.
5- منگلا تربيلا ڊيمن ۽ چشما بيراج تي واپڊا جي گهرجن لاءِ ليولن جو طئه ڪرڻ ته اهي ڇا ٿا گهرن.
واپڊا وارن جي گهر.
هنن ٽي شيون گهريون.
1- تربيلا 4 جي واڌ واري پروگرام لاءِ هيٺيون ليولون گهرجن.
15 آڪٽوبر تائين 1059 فوٽ
6 نومبر تائين 1482 فوٽ
8 اپريل تائين 1427 فوٽ
تنهن کاپوءِ انهيءَ کي ڊيڊ اسٽوريج ليول تي رکيو وڃي.
پاڻي جي ليول 30 جون 2021ع تائين 1397ع فوٽ رکي وڃي.
2- منگلا ڊيم تي جاڙي پاڪٽ واري والو گذريل 5 سالن کان ٺيڪ نه ٿي سگهي آهي ليولون مٿي آهن. جيستائين ذخيري جي ليول ڊيڊ ليول تي مهينو نه رکي ويندي ته اهو ڪم نه ٿي سگهندو.
3- چشما بيراج جي پانڊ ليول 638.15 کان 640 فوٽ رکي وڃي ته جيئن ڪم ٿي سگهن.
صلاحڪاري ڪاميٽي جا فيصلا:
صلاحڪار ڪاميٽي هيٺيان فيصلا ڪيا:
1- ربيع 24-2020ع لاءِ پاڻي جي دستيابي منظور ڪئي وئي. ربيع ۾ 10 سيڪڙو کوٽ جو چيو ويو آهي پر جيستائين ڪيري اوور اسٽوريج جو واسطو آهي اها 0.5 ملين ايڪڙ فوٽ نٿي رکي سگهجي. پر جيڪڏهن پاڻي وڌي اچي ٿو ته پوءِ اها زير غور اچي سگهي ٿي. تنهن ڪري ان کي مند وچ ۾ ورجايو ويندو.
2- صوبا پنهنجا پاڻي کڻڻ وارا پلان 15 ڏينهن ۾ موڪلين.
3- صلاحڪار ڪاميٽي بلوچستان جي ڪڇي ڪينال لاءِ 0.149 ملين ايڪڙ فوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني.
4- واپڊا جي تربيلا 4 واڌ واري منصوبي لاءِ اها ڳالهه اڳي ئي مڃي وئي آهي پر جيڪڏهن وهڪرا وڌي ٿا اچن يا صوبا پنهنجو انڊنٽ گهٽائن ٿا ته ارسا وارا انهيءَ ڳالهه جو خيال رکن. پر واپڊا وارن جي جون 2021ع تائين واري گهر صلاحڪار ڪاميٽي جي خريف 2021ع واري گڏجاڻي ۾ ڏٺي ويندي.
5- واپڊا جي چشما بيراج واري گهر اصولن منظور ڪئي وئي پر جيئن ته صوبن پنهنجا پاڻي کڻڻ وارا پلان اڃان نه ڏنا آهن تنهن ڪري ان جو فيصلو صوبن جا انڊنٽ ملڻ تي ڪيا ويندا.
6- صوبن کي کپي ته پاڻي وٺڻ وارو ٽيڪس ارسا کي ڏين. انهيءَ لاءِ هر هڪ صوبي کي انگ اکر ڏنا ويا آهن.
7- جاڙي پاڪٽ وارو مسئلو به جڏهن وچ مند ورجائڻ وارو ڪم ٿيندو ته ڏٺو ويندو.
8- آسٽريليا جي مدد سان ڪيل اڀياس پاڻي جي جدا هنڌن تي دستيابي واري حساب ڪتاب هينئر صوبن کي ڏنو وڃي تنهن کانپوءِ ان جو فيصلو وچ مند ورجائڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *