تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

استادن جا مسئلا ۽ پ ٽ الف جون چونڊون

پرائمري استادن جي تنظيم پرائمري ٽيچرز ايسو سيئيشن (پ ٽ الف )جي تعلقي ميهڙ جي عهديدارن جي چونڊ 18 آڪٽوبر تي ٿي رهي آهي جيئن جيئن چونڊن جي تاريخ ويجهو اچي رهي آهي تيئن تيئن چونڊن ۾ بيٺل اميدوار پنهنجي چونڊ مهم کي تيز کان تيز ڪندي ووٽر استادن کان ووٽ وٺڻ لاءِ نوان نوان واعدا ڪرڻ سان گڏ  اسڪولن تو ڙي استادن جي گهرن تائين منٿ ميڙ قافلا وٺي چونڊ مهم هلائي رهيا آهن. پ ٽ الف تعلقي ميھڙ جي چونڊ جي حوالي سان مليل ڄاڻ موجب پ ٽ الف تعلقي ميهڙ ۾ 2 ڌريون  پنهنجو پينل جوڙي آمهون سامهون مقابلي ۾ اچي ويا آهن جنهن ۾ هڪ گروپ جا اميدوار شھيد مخدوم بلاول پينل جي نالي سان چونڊن جي ميدان ۾ لٿل  آهي جنهن جا هيٺيان اميدوار آهن،  صدر عبدالصمد ٻگھيو، سينيئر نائب صدر زاھد حسين سومرو، نائب صدر فيميل آمنه ڪانڌڙو، جنرل سيڪريٽري مجاھد علي سومرو، جوائنٽ سيڪريٽري فيميل خالده بيگم سومرو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري شمس الدين مھيسر، انفارميشن سيڪريٽري اطھر علي ڪلھوڙو، ماليات سيڪريٽري الھجڙيو لاشاري ۽ آفيس سيڪريٽري خادم حسين ڏھر شامل آهن. جن پنهنجو چونڊ منشور جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ميهڙ تعلقي جي استادن مٿن اعتماد ڪري ڪامياب ڪيو ته هو چونڊ کٽڻ کان پوءِ  ميھڙ ۾ پ ٽ الف جي آفيس قائم ڪندا، جي پي فنڊ،  قرض، جبري بدلين جا مسئلا حل ڪرائيندا ،تعليم جي بھتري لاءِ ڪوششون ڪندا ۽ ان کان علاوه ايجنٽ سسٽم جو مڪمل خاتمو ڪندا  ۽ پرائمري استادن جي حقن لاءِ ڏينهن رات جاکوڙ جاري رکي ويندي. 
جڏهن ته استادن جو ٻيو گروپ شاهگ لطيف پينل جي نالي سان چونڊن جي ميدان ۾ لٿل آهي. شاھه لطيف پينل جا عهدن لاءِ هيٺيان  اميدوار آهن، جنهن ۾ صدر جي عهدي تي اعجاز علي چانڊيو، سينئر نائب صدر تي مطلوب احمد ناريجو، جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي اعجاز  منگي ،ڊپٽي سيڪريٽري جي عهدي تي پرويز احمد لاکير، خزانچي جي عهدي تي محرم  جتوئي ، پريس سيڪريٽري جي عهدي تي  سيد غلام شبير شاھه، ۽ آفيس  سيڪريٽري جي عهدي تي  محمد ابراھيم مھيسر اميدوار بيٺل آهن اهي به پنهنجي چونڊ مهم دوران ووٽر استادن سان واعدا ڪري رهيا آهن ته استادن جيڪڏهن ووٽ ڪري سندن پينل کي ڪامياب ڪيو ته هو ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ  استادن جا ٽائيم اسڪيل جا رھيل آرڊر ڪرائيندا . اين ٽي ايس جي استادن کي سينارٽي وٺي ڏيندا . اين ٽي ايس جي استادن جي رھيل ڪنفرميشن لسٽ جاري ڪرائيندا. استادن کي گروپ انشورنس ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا . مينيوئل فنڊ روينيو بدران تعليم کاتي کي ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪندا. پ ٽ الف تعلقي ميهڙ جي آفيس قائم ڪئي ويندي. بهرحال ٻئي بيٺل پينل پرائمري استادن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ووٽر استادن سان وڏا وڏا واعدا ڪري رهيا آهن. ان سان گڏ شهيد مخدوم بلاول پينل جي صدر جي اميدوار عبدالصمد ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري مجاهد علي سومرو جي دعوا آهي ته سندن پينل جي مقابلي ۾ شاهه لطيف پينل جا اميدوار اعجاز علي چانڊيو ۽ ٻيا گذريل ڪيترن سالن کان پ ٽ الف تعلقي ميهڙ جا عهديدار رهيا آهن پر هنن استادن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ استادن کي ايجنٽ مافيا حوالي ڪري ڇڏيو هو جنهن سبب ميهڙ جا پرائمري استاد انهن مان بيزار ٿي پيا آهن جنهن ڪري استادن جي اڪثريت 18آڪٽوبر تي کين ووٽ ڪري ايجنٽ مافيا کي شڪست ڏيندي. جڏهن ته ٻئي طرف شاهه لطيف پينل جا اميدوار صدر اعجاز علي چانڊيو، جنرل سيڪريٽري اعجاز علي منگي دعوا ڪري رهيا آهن   ته باشعور استادن  جي سندن پينل کي پڻ حمايت حاصل آهي چونڊن ۾ هو ڪاميابي ماڻيندا. ساڳئي وقت شاهه لطيف پينل جي اميدوارن جو چوڻ آهي ته سندن پينل جي مخالفت ۾ اڳوڻا آفيسر ۽ وڏيرا ميدان ۾ لٿل آهن پر ڪاميابي شاھه لطيف پينل جي ٿيندي. چونڊ مهم تيزي سان جاري آهي پرائمري استاد اهو استاد آهي جيڪو اسان جي قوم جي پيڙهه جو بنياد مضبوط ڪري ٿو. مطلب ته مستقبل جي وارث معصوم ٻارن جي نه رڳو سماجي زندگي بهتر ڪري ٿو انهن کي بهتر تعليم علم ڏئي سماج جو بهتر انسان بنائڻ لاءِ ذهني تربيت ڪري ذهني اوسر ڪري ٿو. اهو استاد طبقو جيڪڏهن انتظامي طور تي مسئلن ۾ ڦاٿل هوندو سياسي سماجي مسئلن ۾ ڦاٿل هوندو ته اهو مستقبل جي معمار ٻارن کي بهتر تعليم نٿو ڏئي سگهي. ان ڪري ووٽر استادن کي پنهنجو ووٽ بهتر اميدوارن کي ڏيڻ گهرجي جيڪي سندن مسئلن کي بهتر نموني حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندا هجن منهنجي صلاح ۽ مشورو اهو آهي ته هن اليڪشن ۾ استاد احتساب ڪن جن استادن جا ماضي ۾ عهديدار هوندي استادن جا مسئلا حل نه ڪيا آهن انهن کي ووٽ ڏيڻ بجاءِ ووٽ تبديلي لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي.جنهن سان استادن جا سدائين رهندڙ مسئلا حل ٿي سگهندا ۽ استاد پنهنجي مسئلن جي حل ڪرائڻ لاءِ روڊن تي هجڻ بدران ٻارڙن جي تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *