تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

اسٽيبلشمينٽ خلاف پنجاب مان بغاوت

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف عمراني دور حڪومت ۾ لاڳيتو ٻيون ڀيرو نيب هٿان گرفتار ٿيو آهي جڏهن ته سندس پٽ پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز کي به قيد ڪاٽيندي هڪ سال کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي. سندس هڪ ڌيءَ پاڪستان ۾ آهي اها به نيب ريفرنس ۾ عدالتن ۾ پيشيون ڀوڳي رهي آهي جڏهن ته هڪ پٽ سلمان شهباز، ڌيءُ رابعه ۽ بيگم نصرت شهباز پرڏيهه ۾ آهن ۽ ٽنهي کي عدالت اشتهاري قرار ڏنو آهي. پنهنجي تازي گرفتاري کان هڪ ڏينهن اڳ سينيئر صحافين سان ملاقات ۾ شهباز شريف جو چوڻ هو ته هو مزاحمت بدران مفاهمتي سياست جو حامي آهي. انهي کانسواءِ به ڪجهه وقت کان لاڳيتو پنهنجي اڳوڻي حڪومتي ڪارڪردگي جو هر فورم تي وري وري اظهار ڪري رهيو آهي. گرفتاري کان اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ گرفتاري کانپوءِ احتساب عدالت ۾ ججز صاحبن سامهون به شهباز شريف پنهنجي وزيراعليٰ طور ڪارڪردگي کليل نموني بيان ڪئي. ماضي جي ابتڙ شهباز شريف هن ڀيري احتساب عدالت ۾ نيب جي جسماني ريمانڊ وٺڻ جي درخواست جي مخالفت نه ڪئي ۽ نه ئي هن ڪنهن وڪيل کي پنهنجي پاران عدالت ۾ پيش ٿيڻ ڏنو. احتساب عدالت جي جج نيب پراسيڪيوٽر جا دليل ۽ شهباز شريف جي ڪارڪردگي جو بيان ٻڌڻ کانپوءِ نيب جي استدعا منظور ڪري جوابدار کي 14 ڏينهن جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو. شهباز شريف جي گرفتاري کان اڳ تائين مسلم ليگ ن مفاهمتي سياست تي ئي عمل ڪري رهي هئي ۽ پارٽي رڳو ڊرائنگ روم تائين محدود هئي پر جيئن ئي شهباز شريف کي 28 سيپٽمبر تي لاهور هاءِ ڪورٽ مان ضمانت رد ٿيڻ تي عدالت جي ڪمري مان نڪرندي ئي گرفتار ڪيو ويو ته مريم نواز فوري طور عملي ميدان ۾ لهي آئي. هن شهباز شريف جي گرفتاري تي سخت ترين رد عمل ڏيندي پريس ڪانفرنس ۾ کليل لفظن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته شهباز شريف جنهن جو پيءُ ڄاتل سڃاتل بزنس مين هو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به هو ڪاروبار ڪندا هئا کانئس پڇيو پيو وڃي ته اثاثا ڪٿان آيا، عاصم باجوه جيڪو پگهاردار هو ان کان ڇو نه ٿو پڇيو وڃي ته اوهان ۽ اوهان جي زال ۽ ٻارن وٽ اربين رپين جي ملڪيت ڪٿان آئي؟ هن چيو ته گرفتاري عاصم سليم باجوه جي ٿيڻ گهرجي ها پر شهباز شريف کي گرفتار ڪيو ويو. مريم نواز کانپوءِ ميان نواز شريف به هڪ عرصي کانپوءِ عملي ميدان ۾ آيو ۽ لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن به شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪئي ۽ عاصم سليم باجوه جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
شهباز شريف جي گرفتاري کانپوءِ مسلم ليگ ن تي هڪ ڀيرو ٻيهر ميان نواز شريف جو بيانيو ڇانئجي رهيو آهي. نواز شريف گذريل ڏينهن کان لاڳيتو وڊيو لنڪ تي جارحاڻي انداز ۾ اسٽيبلشمينٽ خلاف بغاوت جو علم اوچو ڪري رهيو آهي. پاناما ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ هو لاڳيتو خاموش رهيو، ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ ٿيل اپوزيشن جي اي پي سي ۾ هن دونهيندار تقرير ڪئي ۽ مسلم ليگ ن جي بي جان جسم ۾ روح وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان اڳ مريم نواز جي نيب آفيس پيشي جي موقعي تي ن ليگ ڊگهي وقت کانپوءِ لاهور ۾ طاقت جو مظاهرو ڪيو. ان دوران ليگي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ۽ پٿراءُ کانپوءِ نيب طرفان مريم نواز سميت 300 کان وڌيڪ ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن جون پيشيون ڪيپٽن (ر) صفدر، راڻا ثناءُالله سميت ٻيا دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ڀوڳي رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ ٻين عدالتن ۾ ليگي اڳواڻن خلاف مختلف ڪيس گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ٻڌڻي هيٺ آهن ۽ پيشيون هلي رهيون آهن. جن ۾ پاڻ مريم نواز به شامل آهي جيڪا اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت ٻين عدالت ۾ پيش ٿي رهي آهي. انهن پيشين سان گڏوگڏ هاڻي ن ليگ جي حڪمت عملي مڪمل طور تي تبديل ٿي وئي آهي. نواز شريف ۽ مريم نواز ٻئي اسٽيبلشمينٽ خلاف باغي طور تي اڀري سامهون آيا آهن. نواز شريف جيڪو ڊگهي وقت تائين اسٽيبلشمينٽ جو حامي ۽ وفادار رهيو پاناما ڪيس ۾ نااهلي کانپوءِ جهڙي ريت هن جلسن ۾ اسٽيبلشمينٽ کي ٽارگيٽ ڪيو ۽ ان جو بيانيو ليگي ڪارڪنن ۾ مقبول ٿيو آهي هاڻي نواز شريف جا روايتي مخالف به سندس بدليل تيور ڏسي کيس “اسٽيبلشمينٽ جو باغي” سمجهي رهيا آهن. جڏهن ته مريم نواز پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات کان ئي اسٽيبلشمينٽ جي سياسي معاملن ۾ مداخلت کي پسند نٿي ڪري. نواز شريف کانپوءِ ليگي ڪارڪنن ۾ مريم نواز جي بيانيي ۽ انداز بيان کي موٽ ملي آهي. مريم نواز جي سڏ تي جهڙي ريت ليگي ڪارڪن لبيڪ چون ٿا ۽ گهرن مان نڪرن ٿا ان کي ڏسندي لڳي ٿو ته هاڻي حڪومت خلاف “پي ڊي ايم” جي پليٽ فارم تان هلندڙ تحريڪ هڪ وڏي مزاحمتي جدوجهد بڻجي سگهي ٿي ۽ هاڻي ن ليگ مزاحمتي جدوجهد جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي جنهن لاءِ صفبندي به ڪئي وئي آهي. ميان نواز شريف لنڊن ۾ رهندو جتي به ميڊيڪل علاج مڪمل ٿيڻ تائين رهندو ۽ هي هڪ ڊگهو ميڊيڪل ٽريٽمينٽ آهي ان دوران هو وڊيو لنڪ ذريعي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو، پارٽي کي گائيڊ لائين ڏيندو اپوزيشن پارٽين جي اعليٰ ترين قيادت سان سڌي ريت رابطا ڪندو ۽ تحريڪ جي سموري شڪل شبيهه ۾ سندس مشاورت شامل رهندي. پنجاب جي محاذ تي مسلم ليگ ن فرنٽ لائين سنڀاليندي ۽ هتي ئي هاڻي وڏو سياسي ميدان سينگاربو. مريم نواز اهم ترين اجلاسن ۾ شامل ٿيندي ۽ پارٽي جي مشاورتي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندي جڏهن ته پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ پارٽي ذريعي انتظام ۽ پي ڊي ايم جي انتظام هيٺ ٿيندڙ جلسن ۾ شرڪت به ڪندي. مريم نواز سموري پنجاب جا دورا ڪندي ۽ پارٽي کي منظم ۽ سرگرم ڪندي جڏهن ته سڀني اسيمبلي ميمبرن، ٽڪيٽ هولڊرز، پارٽي تنظيمي عهديدارن کي به پنهنجن پنهنجن تڪن ۽ ضلعن ۾ فعال ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سڀني کي هڪ وڏي مزاحمتي جدوجهد جو اشارو ڏنو ويو آهي. پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ ڄاڻايل جلسن کانسواءِ پنجاب ۾ ن ليگ جي مقامي تنظيمن طرفان ورڪرز ڪنوينشن ۽ عام رابطن جا جلسا منعقد ڪيا ويندا جن کي مريم نواز ۽ پارٽي جا ٻيا اهم اڳواڻ خطاب ڪندا جڏهن ته گرفتارين جي صورت ۾ به پارٽي قيادت بابت معاملا طئه ڪيا ويا آهن. شهباز شريف به 28 سيپٽمبر تي ذهني طور تي گرفتاري لاءِ تيار هو ۽ هاڻي مريم نواز به چئي چڪي آهي ته جيڪڏهن حڪومت مون کي به گرفتار ڪرڻ چاهي ٿي ته شوق پورو ڪري مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت نه ڪرائينديس ۽ جيڪڏهن اسان جي ٻي قيادت کي به ڪوڙن ۽ بي بنياد ڪيسن ۾ پڪڙڻ چاهي تڏهن به اسان ڊڄڻ وارا نه آهيون.
ليگي قيادت کليل ڳالهين ۽ اسٽيبلشمينٽ کي ٽارگيٽ ڪرڻ مان اها ڳالهه ته واضح ٿي وڃي ٿي ته هاڻي مسلم ليگ ن حتمي ويڙهه جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان جي شروعات به گهر کان ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ پارٽي پاليسي خلاف هلندڙ پارليامينٽرينز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان لاڳيتو شوڪاز نوٽيس باوجود وزيراعليٰ پنجاب سان وري وري ملاقاتون ڪندڙ پنجاب جي پنج ايم پي ايز کي به پارٽي مان ڪڍيو ويو آهي جڏهن ته کين آئين موجب ڊي سيٽ ڪرڻ لاءِ قانوني دڳ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙي قدم سان ٻين ميمبرن کي واضح پيغام ڏنو ويو آهي ته جيڪو پارٽي پاليسي سان نه هلندو ان لاءِ وڌيڪ ڪا رعايت ناهي. هي پهريون موقعو هوندو جڏهن پنجاب اسٽيبلشمينٽ خلاف ميدان ۾ هوندو ۽ اها پارٽي اسٽيبلشمينٽ خلاف روڊن تي نڪرندي جيڪا هميشه ان جي طرفداري ڪندي رهي آهي. بنا شڪ لاهور ۽ پنجاب جي سڀ کان وڏي ۽ مقبول پارٽي مسلم ليگ ن ئي آهي جنهن جون پاڙون عوام ۾ آهن. تحريڪ انصاف هن وقت پنجاب ۾ اقتدار ۾ آهي پر ان جي پنجاب ۾ مقبوليت ن ليگ کان گهٽ آهي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪارڪردگي ته پاڻ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي به مايوس ڪري ڇڏيو آهي. عوام هر ڏينهن وڌندڙ مهانگائي ۾ پيسجي رهيو آهي، ضرورت جون شيون، دوائون ۽ ٻين بنيادي سهولتن جا اگهه ڪيترائي ڀيرا وڌي ويا آهن، بيروزگاري وڌڻ سان غربت جي شرح ۾ به واڌ ٿي آهي. وزيراعظم عمران خان اپوزيشن اڳواڻ طور جيترا به عوام سان واعدا ڪيا هئا اهي سڀ هڪ هڪ ڪري پاڻ ئي ٽوڙي رهيو آهي ۽ نه رڳو واعدا ٽوڙي رهيو آهي پر سرعام پنهنجن يوٽرنز کي جائز به قرار ڏئي رهيو آهي هاڻي جڏهن حڪومتي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ هجي، وزيراعظم عوام کي وڌيڪ ڏکيائيون برداشت ڪرڻ جي تلقين ڪري رهيو هجي ته پوءِ اپوزيشن جي تحريڪ ۾ عوام جي شموليت وڌيڪ ڏکيو ڪم نه هوندو ۽ اسٽيبلشمينٽ به ڪڏهن گرم جاءِ تي پير نه رکندي آهي. ماضي گواهه آهي ته هنن ڪمزور ٿيندي ئي پرويز مشرف جو ساٿ ڇڏي ڏنو هو.
هاڻي نواز شريف جهڙي ريت سرگرم ٿيو آهي اهو به ڪنهن طاقتور طبقي جي آشيرواد جو اثر ٿي سگهي ٿو. زندگي جي هر طبقي ۾ گروهه بندي موجود آهي، هڪ ئي اداري ۾ مختلف خيال جا ماڻهو موجود آهن ۽ سڀني جون همدرديون ڪنهن هڪ سان ناهن هونديون. ويجهي ماضي ۾ جنرل پرويز مشرف جو مثال موجود آهي. جيستائين سڀ ساڻس گڏ هئا ته هو وردي کي پنهنجي کل چوندو هو ۽ پوءِ اها کل لهي وئي ڇو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ جهڙي ريت ملڪي ۽ عالمي سطح تي مشرف تي دٻاءُ وڌيو ته آهستي آهستي سندس حمايت ۾ به گهٽتائي ٿي ۽ نتيجو پهريان کل لٿي پوءِ هو صدارت تان به لهي ويو. اڄ ڪلهه ڪهڙين حالتن جو شڪار آهي اهو سڀ ڄاڻين ٿا.
نواز شريف جي لنڊن روانگي کانپوءِ پنهنجي هڪ ڪالم ۾، مون مشهور فلاسافر ارسطو جي قول جو ذڪر ڪيو هو جنهن ۾ هن قانون جي سولي تشريح هن ريت ڪئي هئي “قانون جي حيثيت ڪوريئڙي جي ڄار جيان آهي، جنهن ۾ ننڍا جيت جڻيا مکيون مڇر ڦاسن ٿا جڏهن ته وڏا ۽ طاقتور جانور انهي کي چيري ڦاڙي نڪري وڃن ٿا”. نواز شريف وزيراعظم هو پاناما جو هنگامو ٿي ويو. وزارت عظميٰ مان نڪتو، ڌيءُ سميت جيل وڃڻو پيو. پوءِ جسماني ريمانڊ تي هوندي به عدالت مان ضمانت وٺي لنڊن هليو ويو. منهنجي خيال ۾ ٻنهي موقعن تي طاقتور جي حمايت ۽ سامهون اچڻ آهي. هاڻي لنڊن ۾ ويٺو آهي، کلي ڪري سياست ڪندو، حڪومت هر طرح جي ڪوشش باوجود واپس نٿي آڻي سگهي ڇو ته هتي بنيادي حقن سان قانوني معاملا به حڪومت لاءِ موزون نه آهن. علاج سندس بنيادي حق آهي ۽ جيڪڏهن قانوني دڳ وٺندو ته پوءِ جج ارشد ملڪ جو معاملو به لنڊن جي عدالت ۾ واضح ڪرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *