Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_u6a9gpecn0v23obb4fe6bm9lda, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اسڪولي تعليم بنا روڪ جي جاري رکڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اسڪولي تعليم بنا روڪ جي جاري رکڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

اسڪولي تعليم بنا روڪ جي جاري رکڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

انھي ۾ ڪوئي شڪ نه آھي ته ڪورونا دنيا کي تبديل ڪري ڇڏيو آھي، 2020ع وارو سال دنيا ۾ رھندڙ انسانن لاءِ نه صرف مختلف پر خطرناڪ رھيو آھي ۽ اھڙي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ دنيا جا سڌريل ملڪ به تيار نه ھئا ۽ نه وري دنيا کي ڳالھه سمجھه پئي آئي ته عالمي وبا يعني ڪورونا کي ڪيئن منھن ڏجي. ڪورونا جو وائرس ته چين جي شھر ووھانکان پکڙيو پر ڏسندي ڏسندي ھن وائرس پوري دنيا کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ پوري دنيا لاءِ رڳو زندگي کي بچائڻ ئي اھم ٿي ويو ۽ زندگي جو ٻيو وھنوار بري طرح متاثر ٿيو، دنيا ۾ لکين ماڻھو مارجي ويا ۽ ماڻھن جي مرڻ جو سلسلو اڃان تائين جاري آھي. ڪورونا جيئن ته دنيا جي سڀني شعبن کي نقصان ڏنو اھڙي طرح تعليمي نظام کي به پڻ درھم برھم ڪري ڇڏيائين ۽ دنيا جا اسڪول ۽ يونيورسٽيون بند ٿي ويون. جڏھن ته دنيا جي سڌريل يا ترقي يافته ملڪن ۾ زندگي جو نقصان غريب ملڪن کان وڌيڪ ٿيو آھي مگر تعليمي حوالي سان وري غريب ملڪن جو تمام وڏو نقصان ٿيو آھي ۽ انجو سبب غريب ملڪن ۾ ھڪ ته تعليم تي خرچ گھٽ ٿيندو آھي ٻيو وري تعليمي ادارن ۾ بنيادي سھولتون به نه ھونديون آھن. سنڌ به غريب ملڪ جو ھڪ غريب صوبو آھي انڪري سنڌ جي تعليم کي به ڪورونا جي ڪري تمام وڏو ڌڪ لڳو آھي ۽ انھي نقصان جو ازالو ڪافي سالن تائين مشڪل ٿي سگھي.
سنڌ جي ھاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن کي کوليو ته ويو پر انھن اڪثر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڊبليو ايڇ او وارا ايس او پيز فالو ئي نه ڪيا ويا انڪري وزير صاحب کي چوڻو پئجي ويو ته اسڪول بند ڪرڻا پوندا ۽ پرائمري اسڪولن کي ھڪ ھفتي تائين وڌيڪ بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. رڳو بخار چيڪ ڪرڻ يا سينيٽائزر يا ماسڪ جو ھئڻ ڪافي ناھي جيڪو اصل مسئلو آھي اھو آھي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مفاصلي رکڻ جو جنھن کي حڪومت کي ڏسڻو پوندو. اوھان کي رڳو ھڪ ڪاليج جو مثال ڏيان جيئن ميرپورخاص جو مشھور ڪاليج شاھه عبدالطيف آھي ان اسڪول جي گذريل سال جون 1500 نيون داخلائون ھيون ۽ انٽر جا شاگرد ان کان اڳ تقريبن 2000 موجود آھن ته اھو ممڪن ئي ناھي ته ڪاليج جي ڪلاسن ۾ ايترا ٻار ويھي سگھن، نه ڪاليج وٽ ايترو فرنيچر آھي نه وري ڪلاس رومس يا ليبارٽريون آھن جتي ٻارن ۾ مفاصلي جو خيال ڪيو وڃي جيڪا ڊبليو ايڇ او وارن جي سفارش ڪئي آھي. سنڌ حڪومت جي ايس او پيز جي مطابق 20 ٻار ڪلاسن ۾ ويھارڻا آھن انجو مطلب آھي ته 50 سيڪڙو ٻارن کي ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ ئي نه ڏبو انھن جي تعليم جي تباھي جو ذميوار ڪير ھوندو.؟ اھڙي طرح سنڌ جي اڪثريتي اسڪولن جي به اھا حالت آھي جتي ٻارن وٽ فرنيچر ويھڻ لاءِ نه آھي اتي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ناممڪن آھي.
اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون نه ھجڻ جو سبب سمجھه ۾ اچڻ جھڙو آھي ته حڪومت سنڌ اسڪول لاءِ بجيٽ ته رکي ٿي مگر اھا ليپس ٿي وڃي ٿي جيئن 2013ع کان وٺي 2018ع تائين اسڪول اسپيسفڪ بجيٽ جيڪا 6 بلين تائين ھئي اھا مسلسل ليپس ٿيندي رھي پر اسڪولن ۾ غير موجود شين لاءِ خرچ نه ٿي سگھي. اھڙي طرح ون ٽائيم گرانٽ جي 1.75 بلين جي بجيٽ به اسڪولن تائين نه پھچي سگھي. 2019ع ۽ 2020ع جي بجيٽ ۾ وزيراعليٰ اسڪولن کي رڳو فرنيچر ڏيڻ لاءِ 6.6 بلين جي خاص بجيٽ رکي ۽ 5 بلين اسڪولن جي مرمت لاءِ رکيا آھن پر افسوس سال پورو ٿيڻ وارو آھي، ڪورونا جي ڪري اسڪول بند ھئا پر فرنيچر ته وٺجي سگھيو پئي ۽ اسڪولن جي مرمت به ٿي سگھي پئي پر نه فرنيچر ورتو ويو ۽ نه وري اسڪولن جي مرمت ٿي سگھي.
ٻيو وڏو سبب ٽرانسپورٽ جو آھي، ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ ٻار پري پري کان پبلڪ ٽرانسپورٽ تي ايندا آھن جتي ڪنهن به ايس او پيز استعمال نٿو ٿئي جنهن ڪري اتي به ٻار ڪورونا جو شڪار ٿي سگھن ٿا .
سنڌ جي ڪجھه ضلعن ۾ ڪورونا سان گڏ وڏين بارشن به تباھي آندي آھي جنھن جي ڪري برسات جا متاثر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ اچي رھيا آھن جن ۾ ڪافي ماڻھو ھاڻي نڪري ويا پر ڪٿي ڪٿي اڃان به برسات جا متاثر ماڻھو رھيل آھن. برسات جا متاثر اسڪولن کي وڏو نقصان ڏين ٿا. پويون تجربو ٻڌائي ٿو ته اسڪولن ۾ رھندڙ ماڻھن اسڪول جي فرنيچر کي ٻارڻ طور استعمال ڪيو ۽ در ۽ دروازا پڻ انھن ٽوڙي ڇڏيا ھئا سو حڪومت کي اھڙي اسڪولن ۾ پڻ خاص بندوبست ڪرڻا پوندا جتي برسات متاثر رھيل ھئا يا آھن.وڏن ٻارن کي ته پوءِ به مينيج ڪري سگھجي ٿو پر مونکي نٿو لڳي ته پرائمري يا پري پرائمري جي ٻارن لاءِ ڪا ايس او پيز فالو ڪري سگھجي ٿي، ڇو ته ننڍڙا ٻار ماسڪ پائن يا وري ھڪڙي جڳھه تي ويھن اھو ناممڪن آھي، ننڍڙا ٻار ھر وقت چر پر ڪندا رھندا آھن ۽ انھن کي سرڪاري اسڪولن جي ننڍڙن ڪمرن ۾ 20 ٻارن کي ويھارڻ استادن لاءِ وڏو مشڪل ٿيندو. اڪثريت اسڪولن ۾ استادن جي تمام وڏي کوٽ آھي تنھنڪري ھڪ استاد 100 يا ان کان وڌيڪ ٻارن کي پڙھائي ٿو انڪري اھو ممڪن نٿو لڳي ته ڪورونا جي ڊپ واري صورتحال ۾ مائٽ پنھنجي ٻارن کي اسڪول موڪلين.
ايڏي وڏي چئلينج کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي ڪجھه تجويزون ڏجن ٿيون جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ته اسڪول ھلي سگھن ٿا.
پھريون ڪم ته وزيراعليٰ جيڪي بجيٽ فرنيچر لاءِ رکي آھي ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ غيرروايتي طريقو استعمال ڪري جيڪڏهن ان لاءِ ڪو قانون
يا آرڊيننس جاري ڪري ڪنھن غير ملڪي ساک واري ڪمپني کي ٺيڪو ڏجي ته جيئن اسڪولن ۾ فرنيچر جي کوٽ کي جلد از جلد پورو ڪري سگهجي ڇو ته روايتي طريقي سان اھا بجيٽ به استعمال نه ٿي سگھندي.
جتي اسڪولن ۾ ڪمرن جي گھٽتائي آھي اتي ٿوري وقت لاءِ ٽينٽ لڳايا وڃن جيئن اسڪولن ۾ اسپيس جو مسئلو حل ڪجي.
جيڪڏهن حڪومت چاھي ته استادن جي کوٽ کي ٽن مھينن ۾ پورو ڪري سگھجي ٿو ۽ استادن جي ڀرتي ايمرجنسي بنيادن تي ڪئي وڃي، اشتھار ڏيئي 15 ڏينھن اندر ٽيسٽ ڪرائي ان ۾ پاس ٿيل اميدوارن کي جلد اسڪولن ۾ آرڊر ڏنا وڃن جيئن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪري سگھجي.
اسڪولن ۾ 8 سالن ۾ ڪو به نان ٽيچنگ اسٽاف ڀرتي نه ڪيو ويو آھي، ان جي ڀرتي به ايمرجنسي جي بنياد تي ڪئي وڃي، جيئن استاد نان ٽيچنگ اسٽاف کي استعال ڪري سگھي.
اسڪولن ۾ مسئلا ايڊھاڪ بنيادن تي حل نه ٿيندا آھن، جيڪڏهن اھو ويھي سوچجي ته ڪورونا ختم ٿي ويندو ۽ مسئلا حل ٿي ويندا اھا وڏي بيوقوفي چئبي انڪري تعليم کي بچائڻ لاءِ ھنگامي بنيادن تي مٿي ڏنل تجويزن تي عمل ڪري سنڌ جي تعليم کي بچايو وڃي ٻي صورت ۾ جيڪڏهن ڪورونا موجود رھيو ته اسڪولن کي بند ڪرڻو پوندو ۽ انجو ايندڙ نسل کي تمام وڏو نقصان ٿيندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *