تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

اشتراڪي فلسفو عام ڪندڙعظيم دانشور سبط حسن

سبط حسن ننڍي کنڊ جو عظيم مارڪسي دانشور، نقاد، تاريخدان ۽ صحافي ھو. سندس جنم 31 جولاءِ 1916ع ڌاري ھندستان جي مشھور رياست اترپريش جي شھر اعظم ڳڙھ جي وسندي امباري ۾ ٿيو. ننڍي کنڊ جو سرت ۽ ساڃاھه وارو طبقو سبط حسن کي ڪيترن ئي مستند حوالن کان سڃاڻي ٿو.سندس ڪريڊٽ تي صحافت، انجمن ترقي پسند مصنفين، نظرياتي آبياري ۽ ننڍي کنڊ ۾ کاٻي ڌر جي سياست کي اوج وٺرائڻ جو سھرو ته موجود آھي، پر انھن سمورن حوالن جي مٿان جيڪو تاريخي حوالو موجود آھي، اهو آھي سندس مارڪسزم جي عظيم نظرئي جي تعليم جي حوالي سان رات ڏينھن ڪيل علمي ۽ آدرشي جدوجھد جي ڪري سبط حسن کي شاگردي واري زماني کان پراڻن ويچارن تي وري وري ويچار ڪرڻ جو رنگ لڳي ويو ھو. جنھن جو ھڪ سبب سندس ڀاڳ ۾ آيل اھي استاد به ھئا جيڪي رڳو فارمل تعليم ڏيڻ جو وسيلو نه ھئا، پر اھي استاد ننڍي کنڊ جا عظيم دماغ پڻ ھئا، جن ۾ خاص طور تي امرناٿ ۽ فراق گورکپوري جو ذڪر ڪرڻ ضروري آھي. فراق گورکپوري جنھن جي عالمانه حيثيت کان سمورو ننڍو کنڊ متاثر ٿيڻ کان رھي نه سگھيو. فراق نه رڳو تمام وڏو شاعر ھو پر ساڳي وقت تمام وڏو نقاد به ھو ۽ امرناٿ وري وڏو تعليمي ماھر هو. امرناٿ اڳتي ھلي الھ آباد يونيورسٽي جو وائيس چانسلر بڻيو. اھڙا استاد جڏھن سبط حسن جي نصيب ۾ آيا ته سندس ادراڪ نئين روشني جي راھه تي ھلي پيو. جنھن وقت سبط حسن جو شعور پنھنجا پر پکيڙي رھيو ھو، ان وقت ننڍي کنڊ جي اندر انگريز سرڪار ڪانگريس ۽ مسلم ليگ اڳواڻن جي ڳٺ جوڙ جو فارمولا پنھنجي عروج تي پھتل ھو، جڏهن ته ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿي انگريزن جي تڏاويڙهه کان سواءِ ڪوٻيو آپشن قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. ٻئي پاسي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جنھن جو بنياد ننڍي کنڊ ۾1925ع ڌاري پئجي چڪو هو، پر ڪميونسٽ پارٽي جي عوام دوست سياست مٿان انگريز سرڪار پاران پابندي مڙهيل هئي. جيڪا اڳتي هلي سيڪنڊ ورلڊ وار دوران نازي ازم جي خلاف سوويت يونين ۽ برٽش حڪومت ۾اتحاد ٿيڻ ڪري، ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا مٿان اها پابندي هٽائي وئي.
اھڙين ٽھڪندڙ حالتن جي نبض تي ھٿ رکي سبط حسن پنھنجي سياسي،صحافتي ۽ علمي سفر جو آغاز ڪيو سندس چواڻي ته انهن ڏينهن دوران سندس ملاقات عالمي شهرت رکندڙ مارڪسي دانشور، محقق ۽ تاريخدان ڊاڪٽر محمد اشرف سان ٿي، جنهن کيس سوشلزم جي بنيادي اصولن کان واقف ڪرايو. جنهن جو ذڪر سبط حسن پنهنجي مشهور ڪتاب “موسيٰ سي مارڪس تڪ” ۾ ڪيو آهي. سبط حسن پنهجي علمي، ادبي، صحافتي ۽ نظرياتي زندگي جي شروعات ڪميونسٽ پارٽي جي اخبار “قومي جنگ” ۽ مخزن “نيا ادب” کان ڪئي. نيا ادب ۾ ھن 1943ع ڌاري ھڪ اھڙو مضمون لکيو جنھن سندس سينئر سوچيندڙ ھڪ وڏي حلقي جو ڌيان ھن ڏانھن ڇڪائي ورتو. ان مضمون جو عنوان ھو. ھندستان جو پھريون فاشسٽ دشمن اديب، ھي مضمون رابندر ناٿ ٽيگور جي دفاع ۾ لکيو ويو ھو. جيڪو ان وقت انگريز سرڪار جي ھٽ لسٽ تي ھو. مضمون جو تناظر انگريز سرڪار جي حوالي سان ڏاڍو loud ھو پر ان مضمون سبط حسن کي ليفٽ اورينٽيشن جو آواز بڻائي ڇڏيو. سبط حسن ايئن پنھنجي شعوري ڪرت سان لڳي ويو.جڏھن برصغير جي مٿان ورھاڱي جي وڄ ڪري ته سبط حسن به ھندستان مان دربدر ٿي پاڪستان پھتو.ھتي ھن مارڪسزم جي نشرواشاعت ۾ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو.پاڪستان جي سماج کي ھن گھرائي سان جاچيو ۽ ھن جي ادراڪ ھن کي اڳواٽ ڄاڻ ڏني ته پاڪستان جي سماج مٿان ڊاگميٽزم ڳجھه وانگر لامارا ڏئي رھي آھي. پاڪستان جي اهڙي صورتحال کي ڏسي ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا پنهنجي ڪانفرنس جيڪا ڪلڪتي ۾ منعقد ڪئي وئي، تنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان جي الڳ پارٽي ٺاهي وڃي، 6 مارچ 1948ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي پاڪستان جو بنياد عمل ۾ آڻي سجاد ظهير کي انهي جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو، پارٽي جي پهرين پولٽ بيورو جي جيڪا چونڊ ڪئي وئي، سبط حسن کي پڻ انهي جو ميمبر چونڊيو ويو، جڏهن باقي ميمبرن ۾ ميجر محمد اسحاق، ڪامريد سوڀوگيانچنداڻي، جمال الدين بخاري، سي آر اسلم، فيروزالدين منصور، مظهر علي خان ۽ ٻيا شامل هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي بنياد کان پوءِ سبط حسن اشتراڪي فلسفي کي عام ڪرڻ لاءِ پنهنجي علمي ڪم کي تيز ڪري ڇڏيو. سبط حسن پنھنجين اردو ۽ انگريزي تحريرن ۾ ھڪ اشتراڪي جي حيثيت سان ماضيءَ ۽ پنھنجي عھد جي سماجي ۽ سياسي مسئلن تي تمام وڏي شعوري روشني وڌي، تمام مختصر وقت ۾ سبط حسن پنھنجي سوچ ۽ پختي ارادي جي ڪري وڏو اشتراڪي دانشور ٿي اڀري آيو. سبط حسن جيڪو انداز اختيار ڪيو سو بلڪل معروضي ھو، ھن سائنسي انداز سان معاملن کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جو رواج وڌو ۽ ان انداز کي سولو بنائڻ لاءِ هوءُ مروج علمن تائين رسائي کان ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو. سبط حسن پنھنجي علمي تحقيق جي حوالي سان ميٽافزڪس، مذھبي علمن، ڪلاسيڪي۽ جديد فلسفي جي گھري جاچ جوچ ۽ اھڙين ٻين علمن جي ڳنڍين کي کولڻ لاءِ ڪنھن به تڪليف کان نه ڪيٻايو. تاريخ جو جائزو وٺجي ته جڏهن پاڪستان ۽ هندستان ۾ 1965ع ڌاري جنگ لڳي، شيخ اياز هندستان لڏي ويل پنهنجي دوست ۽ نامياري شاعر نارائڻ شيام کي مخاطب ٿيندي هڪ نظم “ هي سنگرام ! سامهون آ نارائڻ شيام!” لکيو ته وڏا وڏا اديب پاڻ بچائڻ ۾ لڳي ويا، اهڙي ماحول ۾ سبط حسن شيخ اياز جو دفاع ڪيو، بقول شيخ اياز جي سبط حسن واحد اديب هو جنهن بغير ڪنهن پرواهه جي منهنجي حق ۾ لکيو نه ته نارائڻ شيام ته رهيو انڊيا ۾، پر آئون هتي بي يارو مددگار بڻجي ضرور ماريو وڃان ها.
سبط حسن جو تجزيو مڪمل طور تي سائنسي نوعيت جو ھوندو ھيو. سبط حسن پاران ادب، تاريخ، سماج، فلسفي، صحافت ۽ مارڪسزم تي شاهڪار تحريرون ۽ ڪتاب تخليق ڪيا ويا. سبط حسن پاران لکيل 12 ڪتاب ڄڻ هڪ صدي جي سفر کان به تمام وڏو تعميري ڪم بڻيو بيٺا آهن. سندس ڪتاب جن ۾ موسيٰ سي مارڪس تڪ، شهر نگاران، ماضي ڪي مزار، پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا ، انقلاب ايران، نويد ِ فڪر، افڪار ِ تازا، ادب اور روشن خيالي، سخن در سخن، ڀگت سنگهه اور اس ڪي ساٿي، مارڪس اور مشرق جڏهن ته هڪ انگريزي ۾ دي بيٽل آف آئڊياز ان پاڪستان پڻ سندس تخليقي پورهئي جو حصو آهن. ان کان سواءِ 2016 ع ڌاري سندس سوسالن واري جشن دوران شايع ٿيل ٻه ڪتاب جيڪي سندس شاگرد ۽ نامياري دانشور ڊاڪٽر سيد جعفر احمد “ اديب اور سماجي عمل” ۽ “سبط حسن – شخصيت اور فڪر” جي عنوانن سان سهيڙيا آهن. سبط حسن جي قلم منجهان مختلف موضوعن تي لازوال تحريرون پڻ شامل آهن جن کي اڃان سهيڙڻ جي ضرورت آهي. اڄ پاڪستان جي انتهاپسند ۽ بنياد پرستي واري صورتحال ۾ سبط حسن جي فڪر کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، نه ته انتها پسندي ۽ بنيادپرستي هتان جي روشن خيال روايتن جو موت ثابت ٿيندي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *