تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اظهار جي آزاديءَ آخر ڇو ڏکي آهي..؟؟

ڪنهن به معاشري ۾ تنقيدي شعور ان معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ باغياڻي سوچ ۽ مزاحمتي عمل اڀارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي.اهڙي شعور ۽  عمل کان دنيا جا ڪيئي شهنشاهي سوچ رکندڙ حڪمران هميشه ڊڄندا ئي رهيا آهن.جڏهن به ۽ جتي به اهڙي سوچ ۽ ڪردار جا مالڪ انسان عام ماڻهن منجهان اڀريا ته اهي وقت جي بادشاهن جي مٿي جو سور ئي بڻيا آهن. تاريخ جا پنا جيڪڏهن پلٽبا ته سموري دنيا ۾ اهڙا ملڪ ۽ حڪمران نظر ايندا جن سندن حڪمراني مٿان تنقيدي نظر رکندڙ نظريي جي ماڻهن جي سوچ ۽ فڪر تي پابندي لڳائيندي سندن قلمن جون نبون چٻيون ڪرڻ لئه مٿن  سرڪاري لٺ گهمائيندي سندن سوچون عام ماڻهن تائين پهچائڻ کان اڳ ئي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي .اسان جو ملڪ پڻ هڪ اهڙي رياست آهي،جنهن ۾ رهندڙ ماڻهن کي سڀ کان پهريان ته پنهنجو پيٽ گذر ڪرڻ واري عمل ۾ ڦاسايو ويو آهي.هر دور جي حڪومت ۾ اهڙيون ته حڪومتي پاليسيون اختيار ڪيون ويون،جن ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ غريب کي ويتر غريب بڻائيندي غربت جي سطح واري گراف کي بلند کان بلند ۽ غريب ماڻهن کي غربت جي باهه ۾ ڪيرايو ويو. هٿ ٺوڪين مهانگائي جي  ڄارن ۾ ڦاٿل عام ماڻهو پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهڻ ۾ ئي رڌل رهي ٿو.اهڙن عام ماڻهن لئه حڪومتون ۽ بادشاھه بس ووٽ وٺڻ واريون شخصيتون هونديون آهن ۽ ووٽ ڏيڻ کانپوءِکانئس اهو سڀ ڪجهه وسريو وڃي ته جن کي هو پنهنجو ووٽ ڏيئي اقتداري ايوانن تائين پهچائي آيا آهن،انهن مٿان هن وقت ڪهڙيون ذميوايون عائد ٿين ٿيون،ان سان گڏوگڏ ڪنهن کي به ان سان ڪوئي مطلب ناهي هوندو ته سندن  چونڊيل چڱا مڙس عام ماڻهن لئه هن وقت ڇا ڪري رهيا آهن،نه ئي وري اهي چونڊيل چڱا مڙس سندن حالتون سڌارڻ لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ کڻندي نظر ٿا اچن.بس اهو سلسلو سالن کان ۽ نسل در نسل ايئن ئي هلندو رهي ٿو.
اهڙن ماڻهن ۾ جيڪڏهن ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ئي کانئن سوال پڇڻ جي  جسارت ٿا ڪن ته هو سندن اک ۾ ڪنڊي جيان چڀڻ شروع ٿين ٿا.حڪمران ڌريون ملڪ جي اڪثريتي  تعداد ۾ گگدام رهندڙ ماڻهن جن وٽ ڪنهن اختلافي سوچ رکڻ جو ڪو ئي تصور ناهي،انهن کان ايترا خائف ۽ چڙيل نه  هونديون آهن،جيترو انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترين سوچن مان کين ڊپ ورائي ٿو وڃي.،جيڪي تنقيدي شعور رکندي سندن هر  عمل کي باغياڻي سوچ سان ڏسن ٿا.اهڙن ماڻهن مان به خاص ڪري تنقيدي ۽ باغي سوچ رکندڙ نوجوانن  کان حڪومت ۽ حڪومتي ادارا ايڏا ته ڊنل ڀانئجن ٿا جو سندن سوچ ۽ آواز کي ڪچلڻ  لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
اهڙو حڪومتي عمل صرف هن دور ۾ نه پيو ٿئي،پراها ته  بدقسمتيءَ سان هن ملڪ جي هر دورجي ڪهاڻي آهي،جيڪا مختلف روپن ۾ ورجائي وڃي ٿي ته مزاحمتي سوچ ۽ تنقيدي خيالن کي ڪچليو وڃي. ايوبي آمريت وارو وقت هجي،يا ضيائي مارشلا،مشرف جي اقتدار تي ناجائز قبضا گيري  وارا ڏينهن هجن يا تازي تبديلي  سرڪار،انهن ماڻهن هميشه عام ماڻهن جي خيالن تي پابنديون ئي مڙهيون آهن. ماضيءَ جي کڙڪي کولي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سرڪار هميشه نوجوانن جي باغياڻي سوچ کان  ڊنل ئي ڏسڻ ۾ ايندي.بنگالين جي پنهنجي ٻولي واري تحريڪ کي ڪچلڻ واري ڪهاڻي هجي،يا ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي هڻڻ وارو عمل،ترقي پسند تنقيدي ۽ مزاحمتي اديبن کي جيل موڪلڻ وارا حربا هجن،يا سندن ڪتابن ۽تحريرن تي سرڪاري پابندي واري لڙڪيل تلوار،ملڪي تاريخ سدائين اظهار جي آزاديءَ کي ڪچلڻ لاءِ آتي رهي آهي. شيخ اياز کان ويندي حبيب جالب ۽ فيض احمد فيض  سميت ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن اهڙين پابندين کي منهن ڏيندي ڪڏهن جيل ويا،ته ڪڏهن وري حڪومتي لالچن کي ڌڪيندي شيخ اياز جهڙي شاعر هي سٽون پئي لکيون ته..
“منهنجو اگھه پڇين ٿو آمر، منهنجا گيت ڳنهي سگهندين.”
يا وري ٻئي هنڌ شيخ اياز جي ئي قلم سرڪاري مڙهيل پابندين کي ٽوڙيندي لکيو هو ته..
“روڪ جي روڪي سگهين، 
سڏ کي ڪي هڏ ناهن
ٽوڙ جي ٽوڙي سگهين..”
ويجهڙائيءَ ۾ پڻ موجوده حڪومت،جيڪا آئي ته تبديليءَ جا خواب کڻي ،مگر ماڻهن جون ننڊون ئي ڦٽائي ڇڏيائين،نئون پاڪستان بڻائي ڏيڻ وارو وچن ڏيئي ووٽ وٺندڙ هن تبديلي سرڪار ماڻهن کي پنهنجي ٻن سالن واري دور ۾ رت جا ڳوڙها روئاريا آهن.سرڪار جي غلط پاليسين تي کڄندڙ ماڻهن جو آواز هجي،يا صحافين جا قلم،اديبن ۽ شاعرن جي تنقيدي سوچ هجي،يا نوجوانن جي باغياڻو ردعمل،هي حڪومت انهن سڀني ڳالهين کان ڪافي ڊنل محسوس پئي ٿئي. هن تبديلي سرڪار عام ماڻهن جا وات بند ڪرڻ ۽ سندن سوچن تي تالا لڳائڻ لاءِ جتي ٻيا  کوڙ سارا حربا هلايا،اتي تازو ئي هڪڙو فرمان جاري ڪيو ته وفاقي ادارن ۾ نوڪري ڪندڙ ڪو به ماڻهو پنهنجون سوچون ڪنهن به سوشل،پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي شيئر نه ٿو ڪري سگهي.يعني سرڪاري نوڪري ڪندڙ ماڻهو پنهنجي منهن تي چپ جو تالو لڳائي صرف پگهار ڳڻڻ ۾ ئي پورا  رهن.باقي ڪجهھ به لڇي ۽ ڪڇي نه ٿا سگهن.هي آمريت سان ڀرپور حڪم اظهار جي آزادي ۽ جمهوري عملن جي مڪمل منفي ٿو ڪري. ٻيو حڪومتي حڪم وري اهو صادر ٿيو ته پنجاب صوبي ۾ ڪو به پرائيويٽ پبلشر ڪنهن به ليکڪ جو ڪو به ڪتاب شايع نه ٿو ڪري سگهي،جيسيتائين اطلاعات کاتو ان  ڪتاب ۽ مواد کي ڇپائي جي قابل هئڻ جو سرٽيفڪيٽ نه ڏيئي. اهڙا اعلان صرف عسڪري حڪومتن ۾ ئي ٿيندا آيا آهن،جتي  ماڻهن جون سوچون غلام بڻائي اديبن ۽ ليکڪن  جي قلمن کي آمر قيدي بڻائي ڇڏيندا هئا. جمهوري حڪومت جو ويس اوڍي آمراڻا آرڊر ڪڍندڙ هي تبديلي سرڪار پنهنجي تاريخ جي ڳلي تي پاڻ ئي ڇرو ڦيرائي رهي آهي،ڇو ته ماڻهن جي زبانن تي تالا لڳائيندڙ حڪومتن جو حال به ڪنهن کان ڳجهو ڪونهي..!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *