تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

اعليٰ تعليمي ادارن جي اڳواڻي جو سوال

تاريخ ۾ اسانکي ڪيترن ئي تاريخ ساز انسانن جا مثال ملندا، جن عام حالتن کان هٽي تمام مختلف ڪم ڪيا. هنن پنهنجي اک سان، اهي امڪان ڏٺا جن جي باري ۾ ٻين جي سوچ اڃان وانجھيل هئي. هي اهي ماڻهو هئا جن پنهنجن وسيع تصورن کي حقيقت جو رنگ ڏنو، جن سان انيڪ انسانن جي زندگين ۾ مثبت تبديليون آيون. انهن ماڻهن مان ڪي پنهنجن پنهنجن ادارن جا اڳواڻ پڻ هئا، اهڙن اڳواڻن جي وڃڻ کانپوءِ انهن ادارن جو ڇا ٿيو؟ ان سوال کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ اڳواڻي (Leadership) جي تناظر ۾ ڏسنداسين. نثار احمد صديقي جي راهه رباني تي وڃڻ کانپوءِ سندن جوڙيل ادارن ۽ ورثي جو ڇا ٿيندو! ان اهم سوال کي جذباتي لڳاءَ، پنهنجن انومانن ۽ وسوسن ۽ پنهنجي ذاتي پسند سان ڏسڻ نه گھرجي. جڏهن به هڪ قدآور شخص هليو وڃي ٿو/ٿي ته اهو سوال سامهون اچي ٿو. ان سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ هڪ ننڍي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان کي اڳواڻي جي ميراث يا ورثي (Leadership legacy) سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. انگريزي لفظ ليگي جي معنيٰ “ورثو” کان وڌيڪ آهي، اهو مفهوم پڻ ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي. ان اڳواڻي جي ورثي کي واضع ڪندي، هڪ ليکڪ جيف باس (Jeff Bass) لکي ٿو ته “ڪنهن به انسان جا، پنهنجي بنيادي قدرن تي ٻڌل اهي تاريخي فيصلا ۽ عمل، جن جي نتيجي ۾ ادارو جڙيو، روايتون، نالو، برانڊ (Brand)، عزت ٺهي (يا ڊهي) ان کي اڳواڻي جو ورثو چئجي ٿو”. رابرٽ گيلفورڊ (Robert M. Golford) پنهنجي ڪتاب Leadership Legacy ۾ لکي ٿو ته “ جڏهن ڪا/ڪو اڳواڻ ڪنهن اداري کي ڇڏي ۽ پنهنجي ورثي کي پٺ ورائي ڏسي ته هن کي ڪجهه شيون نظر اچڻ کپن:
ڪم تي سندس ڇڏيل ڏور رس اثر ۽ ان جا لاڳاپيل سماجي حصي تي اثر. (ii)سندس اتساهه ۽ جذبو جنهن سان هن اداري ۾ ڪم ڪيو. (iii) جن ماڻهن سان گڏجي هر ڏکيائي کي منهن ڏئي، اڳتي وڌيو، انهن ماڻهن ۽ مرحلن جو احساس ۽ (iv) هو پنهنجو پاڻ کي چئي سگھي ته “آئون اهو ڪجهه ڪري سگھيو آهيان، جنهن تي منهنجو ڪٽنب ۽ منهنجا دوست فخر ڪري سگھندا..”.
مون نثار احمد صديقي جي اڳواڻي واري ورثي کي سندس ڪيل ڪمن جي روشني ۾ بنا ڪنهن ذاتي لاڙي جي، عالمي سطح تي ڪيل معتبر تحقيق جي حوالي سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان ۾ اڳواڻي ۽ انتظام ڪاري جي مڃيل ماهرن جيمس ڪوزيز (James Kouzes)، ڊاڪٽر بئري زين پونسر (Barry Zane Ponser)، ڊاڪٽر ڪيري فيئرڪ(Karry K. Fierke)، رابرٽ گيلفورڊ، ريجينا فازيو ماروڪو(Regina Fazio Maruca) ۽ ڊاڪٽر سائمن بليڪ جا ڪتاب ۽ تحقيقون شامل آهن. نثار احمد صديقي جي حوالي سان هڪ اهم تجزيو هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي ڊاڪٽر طارق بنوري ۽ ڊاڪٽر فتح مري، وزير اعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ ٻين ساڃاهه وندن جن ۾ فضل الله قريشي، ڊاڪٽر اي قيو مغل، ناهيد دراني، ڊاڪٽر منظور سومرو، ڊاڪٽر مدد علي شاهه، زاهد کنڊ، امتياز سولنگي، نذر مهر، ڊاڪٽر رضا ڀٽي، ڊاڪٽر جنيد عالم، نصير ميمڻ، فياض صديقي (نثار صاحب جو وڏو فرزند) ۽ ڊاڪٽر ڀواني شنڪر ۽ ٻيا نالا شامل آهن. ان کان سواءِ مختلف مضمون، انٽرويو ۽ سوشل ميڊيا تي آيل پروگرامن ۽ مواد کي ڦلهوريو آهي. عالمي تحقيقي مواد ۾ جيڪي ڪامياب ادارتي اڳواڻي، خاص ڪري اعليٰ تعليمي اداري جي اڳواڻي جي گڻن ۽ ورثي جي باري ۾ اهم عنصر ڏنل آهن، تن ۾ ڪمال جي حد تائين صديقي صاحب جي شخصيت هڪ بهترين اڳواڻ جي صورت ۾ اڀري اڃان نروار ٿئي ٿي.
مٿين ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي، اچو ته ڏسون ته نثار احمد صديقي جي جاءِ تي يا ڪنهن به اعليٰ تعليمي اداري جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ ڪهڙو ورثو، صلاحيتون، گڻ ۽ گر هجڻ کپن. انهن سان لاڳاپيل ڇهه عنصرن جو هيٺ مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
ڏور رس خواب ۽ اولين مقصد هجڻ (Vision and Goal)
ادارتي اڳواڻ ۾ اها صلاحيت هجڻ کپي ته هو آئيندي جو عڪس ذهن ۾ ويهاريندي هڪ خواب ڏسي سگھي ۽ ان جي تعبير جا رستا ڳولي لهي، ان ڪم ۾ ٻين کي پاڻ سان شامل ڪري. جنهن علمي کيتر سان هو لاڳاپيل آهي، ان ۾ “ڇا ڪيئن ۽ ڇو” ٿي رهيو آهي جا جواب ڳولي لهي، ان ۾ خامي يا بهتري جي سببن کي تنقيدي ۽ تعميري سوچ سان پرکي سگھي. هو صرف ڳالهير نه هجي ۽ منزل تائين رسڻ لاءِ وڏن ٽپن جو نه سوچي بلڪ وچٿرا مقصد ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ جا طريقا ڳولي لهي. جيڪي به ادارا ۽ انسان هن جي مقصد سان سلهاڙيل آهن، انهن جي راين کي مان ڏيندڙ هجي. هن جا ساٿي/ٽيم مقصد ۽ اتساهه ۾ هن سان گڏ بيٺل هجن. ڪو مقصد جڏهن بلڪل واضع ٿي پوي ته ان کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته ان کي حقيقت تائين پهچائڻ لاءِ هر گھيڙ ۾ گھڙي پوي. هو و ک وک تي پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪارڪردگي ۽ بهتري کي ماپڻ جا ماڻ اپنائي سگھي. شاگرد، استاد، عملو ۽ بهتر ادارتي مستقبل هر وقت هن جي نظر ۾ هجن. هو شفافيت ۽ بهتر انتظام ڪاري جو دائي هجي ۽ نيٺ وڃي انهن شين جو اهڃاڻ ٿئي.
عملي اڳواڻي ۽ اعليٰ قدرن تي بيٺل بنياد (Hands` on Leadership and Foundation)
هي هڪ اهم گڻ آهي، جنهن تحت اڳواڻ سڀني سان گڏ هٿ وٺي ڪم ڪري ٿو، انتظام سنڀاريندي پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري ٿو ۽ عملي سان گڏ ڪم ۾ جنبي ٿو وڃي. ڪهڙو ڪم ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪجي جهڙا سوال هن جي ذهن ۾ هر وقت رهن ٿا ۽ هو ان طريقي سان ترجيحن جي ترتيب ٺاهي ٿو وٺي. هڪ فعال اڳواڻ کي ڀلي ڀت خبر هجڻ کپي ته سندس ساٿين /ٽيم مان ڪنهن جون ڪهڙيون صلاحيتون آهن، ڪير ڪهڙي هنر/ڪم ۾ ڀڙ آهي. ان اهم ڄاڻ سان هو عملي/ٽيم جون توانايون صحيح ڪمن ڏانهن موڙي سگھندو. وقت سان گڏ صحيح ماڻهوءَ کي صحيح جاءِ تي رکڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. ان سان ٽيم جو شوق ۽ اتساهه پڻ قائم رهندو. هڪ اڳواڻ کي ماڻهن جي ثقافتي، علاقائي ۽ سماجي طور تي مختلف روين جو ادارڪ پڻ هئڻ گھرجي. ان سان ئي هو هر ميمبر جو احترام ۽ عزت قائم رکي سگھندو. اڳواڻ لاءِ هر ڪنهن کي ٻڌڻ جي صلاحيت اهم آهي. هو ٻه طرفي ڳالهه ٻولهه واري ميٽنگ جو عادي هجي. ايئن نه ٿئي ته رڳو “ وائس چانسلر” ڳالهائيندو رهي ۽ ٻيا ويٺا ڪنڌ ڌوڻين! اڳواڻ جو ڪم آهي ته هو بامقصد شموليت کي يقيني بڻائي، پنهنجي ڳالهين کي چٽي ريت واضع ڪري ته جيئن ڪو ابهام نه رهي. هن ۾ اها پڻ صلاحيت هجڻ کپي ته جيڪي اداري جي اندر مختلف شعبا آهن، انهن جا سربراهه پڻ هڪ نظر ايندڙ ۽ اثر وجھندڙ اڳواڻي ڪري رهيون/رهيا هجن، اسٽاف ۽ شاگردن کي وقت ڏيئي رهيا هجن ۽ عملي طور سندن مدد پڻ ڪري رهيا هجن.
بهتري ۽ سکيا (Important and learning)
اڳواڻ جو پنهنجي ٽيم ۽ عملي تي جيڪڏهن چٽو ڌيان هوندو ته هو انهن مان هرڪنهن ۾ بهتري آڻڻ جو سوچيندو/سوچيندي، هو ان ڳالهه جي پڪ ڪندو ته بهتري آڻڻ جا موقعا وقت سر ميرٽ جي بنياد تي، هر ڪنهن کي ملن ٿا. اڳواڻ ۾ اهو گڻ هجڻ کپي ته هو پنهنجي عملي ۽ ساٿين ۾ اها جرئت پيدا ڪري سگھي ته هو چئلينج ڪري سگهن، پنهنجا رايا، ڳالهيون، حل کليل نموني بنا ڊپ جي ٻڌائي سگھن ۽ پنهنجي غلطين مان سکي سگھن. اڳواڻ اڳڀرائي ضرور ڪري پر تڪڙ نه ڪري ۽ اها سمجھه رکي ته ادارا پڻ ارتقائي مرحلن مان گذرن ٿا. هن کي ڏکاين ۽ خطرن کي اڳواٽ سمجھڻ جي حس هجي ۽ هو بدلجندڙ حالتن جي حساب سان رٿابندي ۽ عملن ۾ تبديليون آڻي سگھي. اڳواڻ هميشه نظام/سرشتي کي پروڙيندا آهن نه ڪي ماڻهن کي، هو ذاتيات کان مٿان اڀري نڪتل هوندا آهن. ڪنهن به اعليٰ تعليمي اداري ۾ بهتري جا محور “بهتر شاگرد، بهتر تحقيق ۽ بهتر ۽ مضبوط تدريسي عمل” هوندا آهن. جيڪڏهن ڪوبه اڳواڻ اهو برپا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو ته هو هڪ عاليشان ليگيسي/ورثو ٺاهي چڪو هوندو. اڳواڻ ۾ اها ڏاهپ هجڻ کپي ته هو سمجھي نا اهلي ۽ نڪمائپ ۾ ڪهڙو فرق آهي، ان کانسواءِ بهتري ۽ سکيا آڻڻ ڏکي ٿيو پوي.
ننڍن جزن کي جوڙيندي هڪ وڏي تصوير ٺاهڻ:
اڳواڻ پنهنجي اداري سان لاڳاپيل عملن کي عالمي اک سان ڏسي ٿو. اهو عمل کيس اداري جي بهتري کي مقامي حالتن جي هوندي، عالمي ترقي ۽ نواڻ سان ڳنڍڻ ۾ مدد ڏي ٿو. هڪ ڄاڻو اڳواڻ کي پنهنجي اداري جي اثر انداز ٿيڻ جي حدن جي خبر هوندي آهي، ان اثر انداز ٿيڻ جي سگھه کي هو پنهنجي اداري جي واڌويجھه لاءِ مثبت طريقي سان استعمال ڪندو آهي. ادارن کي هلائڻ لاءِ ذريعا (Resources) ضروري هوندا آهن. خاص ڪري بجٽ هجڻ ضروري آهي. ان جي حصول کي يقيني بنائڻ لاءِ هن وٽ واضح حڪمت عملي ۽ پلان هجڻ کپن. هن جي عمل ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ اها سگھه هجي جنهن جي نتيجي ۾ هن کي بجٽ، گرانٽون، فيون، حڪومتي ۽ خانگي مدد ملي سگھي. اڳواڻ جي شفافيت جي نتيجي ۾ پئسا ملڻ ڏکيو نه رهندو آهي. شفافيت، شفافيت ۽ شفافيت بجٽ وٺڻ ۽ بجٽ خرچ ڪرڻ جي واحد ڪسوٽي آهي.
ڏکاين کي منهن ڏيڻ جي سگھه ۽ سهپ (Resiliency)
هي مضبوط اڳواڻي جي هڪ اهم نشاني آهي. ڏکاين کي منهن ڏيئي رنڊڪن کي اڪري پار ڪري وري منزل واري رستي تي چڙهڻ واري ڪرت اڳواڻ ۾ سهپ پيدا ڪري ٿي ۽ سگھه ڏئي ٿي. ڏکايون ڪامياب اڳواڻن جا روشن مينار هوندا آهن، جن جي روشني ۾ هو پنهنجن ساٿين سان گڏ وڌيڪ عزم ۽ حوصلي سان اڳتي وڌندا آهن.
جٽاءُ داري (Sustainability)
اڳواڻي جي جٽاءُ داري، اڳواڻ جي ڪيل ڪمن جي ساک، واکاڻ، نتيجن ۽ کيس وڃڻ کانپوءِ ياد ڪرڻ جي ذريعي بيان ٿئي ٿي. ياد رکڻ کپي ته اها پائيداري ان شخص جي اڳواڻي جي باري ۾ آهي. ان جي هجڻ سان ادارو ڪنهن شخص جي وڃڻ کانپوءِ ساڳي ساک ۽ صلاحيت سان هلندو رهي ٿو.
اعليٰ تعليمي اداري جي سربراهه جي مقرري جو جيڪو به قانوني طريقو سنڌ حڪومت استعمال ڪري ٿي، ان سان مٿيان بيان ڪيل عالمي تجربن، ميرٽ ۽ شفافيت جي حوالي سان ٺهڪندڙ هجڻ کپن. مٿين عنصرن جي باري ۾ پروڙ ۽ ثابتيون ڏسڻ ايڏو ڏکيو ڪم نه آهي. ڇاڪاڻ ته اڳواڻي لاءِ هڪ وڏو تجربو گھربل هوندو آهي، ان ڪري اميدوارن کي سندن ڪيل پوين ڪمن مان اهي گر ۽ گڻ ظاهر ٿي سگھن ٿا. ڪنهن ڪهڙي اداري ۾ ڪهڙيون روشنيون ڦهلايون آهن، اهي پرکي سگھجي ٿو.
هڪ ٻي ڳالهه ته نثار احمد صديقي سان جن ماڻهن ۽ ٽيم ان اداري کي، پروفيسر ڀواني شنڪر چواڻي “هڪ ننڍڙي ٻوٽي کان ميويدار وڻ تائين” پهچايو آهي، انهن ماڻهن ۾ اها صلاحيت ضروري هوندي ته هو ان اڳواڻي واري ورثي کي هڪ جاندار، مثبت ۽ شفاف طريقي سان اڳتي وڌائين.
سنڌ جي سڀني اعليٰ تعليمي ادارن جي سربراهن، بلڪه سنڌ جي سڀني ادارن جي سربراهن جي مقرري صلاحيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي ڪئي وڃي. سنڌ جي مستقبل کي تباهي کان بچائڻ لاءِ اهو ڪرڻ اڻٽر آهي.

Bookmark the permalink.

One Response to اعليٰ تعليمي ادارن جي اڳواڻي جو سوال

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *