تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

اغوا جو انوکو واقعو ۽ سنڌي سماج

سنڌي سماج ۽ تهذيب جا هونئن تي ڪيترائي رنگ آهن.جيڪي صدين کان دنيا جي معروف تهذيبن ۾ پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪريو بيٺل هوندا آهن.انهن حسين رنگن مان مهمان نوازي سنڌي تهذيب جو اهو رنگ آهي جيڪو دنيا جي آڳاٽين تهذيبن منجهه ڪٿي ورلي ئي ملي ٿو. وقت جو ستم ظريف ڦيٿو اهڙو ڦريو آهي جو هاڻ سنڌي تهذيب جا املهه انساني قدر هڪ پاسي مرندا پيا وڃن .جيڪي ڌرتيءَ تي ماڻهپي جي جياپي جا امين هئا.فرد هاڻ انفرادي سوچ سان حياتي گهاري رهيو آهي اجتماعيت جو تصور مرندو پيو وڃي.جنهن ڪري هر ٻئي ٽئين ڏينهن اسان جي آڏو اهڙيون خبرون سامهون اچن ٿيون جو انسانيت مان ويساهه کڄندو پيو وڃي.
خيرپور جي ٺيڙهيءَ ڀرسان هڪ قديمي ڳوٺ پلهه جي پنجن رهواسين جي ڊرامائي انداز ۾ پيش آيل اغوا واري واقعي به خيرپور سميت سنڌ جي حساس ماڻهن جي دلين کي ڌوڏي وڌو آهي. پلهه ڳوٺ جي پلهه برادري وٽ گذريل سال کجين جي فصل جي مزدوريءَ لاءِ ڪنڌ ڪوٽ واسي آيا هئا جيڪي هر سال وڏي تعداد ۾ ايندا رهندا آهن.انهن مزدورن سان سدورو ڀيو نالي مزدور پڻ آيو هو. ٻن ٽن مهينن جي مزدوري لاءِ آيل سدوري ڀيو پنهنجين مٺڙين مٺڙين ڳالهين سان پنهنجي ميزبانن پلهه برادريءَ جي ساجد پلهه ، ميرڻ عرف امير بخش پلهه،زاهد پلهه کي دوستيءَ جي ڏور ۾ ٻڌي ۾ ڇڏيو ۽ اها دوستي جا مراسم ٽيليفونڪ رابطي سان سدوري ڀئي قائم رکيا۽ هڪ ٻئي ڏي تحفن جي ڏي وٺ پڻ ٿيندي رهي.ڪجهه ڏينهن اڳ سدوري ڀيو پاران پلهه برادري جي ساجد پلهه ، ميرڻ عرف امير بخش پلهه،زاهد پلهه کي ڪنڌ ڪوٽ اچڻ ۽ مهمانوازي طور خدمت جو موقعو ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي.سدورو ڀيو ڪنڌڪوٽ ۾ ڏوهاري وارادتن سبب بدنام هو جنهن جي پلهه برادري جي ماڻهن کي ڪا ٻاٻُور ئي ڪونه هئي.ٽيليفونڪ رابطي ذريعي پلهه برادريءَ جي ساجد پلهه ، ميرڻ عرف امير بخش پلهه،زاهد پلهه سدوري ڀيو کان تترڏيڻ جي فرمائش ڪئي ۽ سدوري ڀيو تتر ڏيڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ اچڻ جو چيو .اهڙي طرح پلهه برادري جا ماڻهو سدوري ڀيو جي ڄار۾ ڦاسي پيا ۽ ٻه ڏينهن اڳ ساجد پلهه ، ميرڻ عرف امير بخش پلهه،زاهد پلهه ، ڇهن سالن جو شهاب الدين پلهه ۽ ٽيڪسي ڊرائيور محمد اشرف سولنگي ، غلام قادر چنو سميت 6 ڄڻا پلهه ڳوٺ مان ڪنڌڪوٽ تتر وٺڻ ۽ سدوري ڀيو جي مهماني کائڻ لاءِ اسهيا.جڏهن اٺ پهر ڏينهن جا گذريا ته پويان پلهه برادريءَ جي استاد ابراهيم پلهه ڪنڌڪوٽ ويلن سان فون تي رابطو ڪرڻ جي ڪئي ته انهن سمورن جا فون مسلسل بند پئي مليا.ڳڻتي ۽ پريشاني واري حالت ۾ گھڻائي ٽيليفونڪ رابطا ڪيا ويا پر ڪوبه رابطو نه ٿي سگهيو.ان بعد مزدوري تي آيل ٻين مزدورن سان پڻ رابطو ڪيو ويو جتان اهو انڪشاف سامهون آيو ته سدورو ڀيو هڪ ڪرمنل ماڻهو آهي جنهن سان سندن ڪوبه واسطو ۽ رابطو ناهي رهندو. پلهه ڳوٺ جي ڇهن ماڻهن جي اغوا جي انڪشاف ٿيڻ بعد وارثن ۾ شديد ڳڻتي واري ڪيفيت پيدا وئي آهي جڏهن ته ٻٻرلوءِ ٿاڻي تي اهڙي ڊرامائي اغوا جي اين سي پڻ ڪٽرائي وئي آهي.پلهه ڳوٺ جي رهواسين جي اغوا واري واقعي تي جتي ڪشمور- ڪنڌڪوٽ پوليس کي تحرڪ وٺڻ گهرجي ها ۽ خيرپور پوليس سان مثبت تعاون ڪرڻ گهرجي ها پر ڪنڌڪوٽ پوليس جو موقف حيران ڪندڙ هو ته ماڻهو ڪٿان به اغوا ٿين پر ميڊيا وارا اغوا جو هنڌ ڪنڌڪوٽ ئي ڄاڻائين ٿا. ڪنڌ ڪوٽ پوليس جي ذميوار پوليس عملدار پاران اهڙو غير سنجيده موقف اچڻ تي مغوين جا وارث پڻ مايوسيءَ جي ور چڙهيل آهن ڇاڪاڻ ته جنهن پوليس کي ڪو تحرڪ وٺڻ گهرجي اها رهندو ميڊيا تي الزام هڻي اهو چئي رهي آهي ته ميڊيا غلط بياني پئي ڪري ۽ اغوائن جو محور ڪنڌ ڪوٽ نه آهي.پلهه ڳوٺ جي 6 مغوين جي بازيابيءَ لاءِ خيرپور پوليس سان ڪنڌڪوٽ پوليس کي نه صرف تعاون ڪرڻ گهرجي پر ڪنڌ ڪوٽ ۾ قائم اغوا انڊسٽري کي پڻ ٽوڙڻ گهرجي.پلهه ڳوٺ جي رهواسين جي اغوا واقعي مان جتي پوليس جي ڪمزوري ظاهر ٿئي ٿي اتي ويساهه گهاتي ۽ مرندڙ انساني قدرن جو پڻ افسوس ٿئي ٿو. جنهن ۾ دوستي جي رشتي جو تقدس به پائمال ٿئي ٿو. سنڌ جي مهمان نوازي کي پڻ پلهه ڳوٺ اغوا واقعي داغدار ڪيو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ سماج شديد ڏيوالپڻي ڏانهن وکون کڻي رهيو آهي جنهن ۾ ويساهه گهاتي پنهنجي عروج تي پهتل پئي ڏسجي.اها به سنڌ هئي جتي ماڻهو جيڪڏهن ڪنهن جي گهر جو پاڻي به پيئندو هو ته انهن جي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندو هو. ڪنڌ ڪوٽ جيڪو بلوچي ۽ سنڌي تهذيب جو سنگم بڻيل آهي، ان ئي تهذيب ۾ پلجندڙ سدوري ڀيو جو ڪردار جنهن مهمانوازيءَ جي آڇ ڏيئي ، ويساهه گھاتي ڪري آيل مهمانن کي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ سنڌ جي مهمانوازي واري روايت کي لڄايو آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *