تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

افغانين سميت ڌارين جو سنڌ تي بار !

سنڌ جي مھمان نوازي سنڌ جي تاريخ وانگر پنج ھزار سال پراڻي آھي. سنڌ جي ڪنھن به ڪنڊ ۾  وڃو اڄ به اوطاقون آباد ملنديون، جتي گھٽ ۾ گھٽ به ھڪ ڇپر يا وڻ ھيٺان ٻه چار کٽون ۽ پاڻي جو گھڙو مھمانن جي انتظار ۾ ھوندو آھي ته شل ڪو واٽھڙو اتي ويھي ٻه گھڙيون سڪون جون گھاري ۽ ميزبان طرفان “جھڙو حال حبيبان تھڙو پيش پريان” ڪيو ويندو آھي. اھا ٻي ڳالهه آھي اڄڪلھه جي موبائيل ، انٽرنيٽ ۽ ڊجيٽلائزيشن جي جديد جي دور ۾ نوجوان نسل جون ترجيحون ۽ مصروفيتون  تبديل ضرور ٿيون آھن پر پوءِ به جتي جتي وڏڙن جو سايو آھي اتي اوطاقون ۽ مھمانوازي جو جذبو شاد ۽ آباد آھي. اڄ به ا ننگر پار ۾  چاچي رسول بخش خاصخيلي جي اوطاق تي پھچو يا ٻانڌي لڳ مرحوم ڀليڏنو ڏاھري جي اوطاق تي وڃڻ جو موقعو ملي يا وري ڪنري ڀرسان حاصل خان رند جي اوطاق، اھڙا کوڙ مثال ملندا جتي سنڌ جي روايتي مھمان نوازي نظر ايندي.  اھا ھڪ تھذيب آھي جيڪا صدين کان سنڌ سنڀاليو پئي اچي، پر 1947ع جي ورھاڱي کان پوءِ سنڌين ھندستان مان ايندڙ مھمانن جي جنھن نموني مھمانوازي ڪئي ، انھن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون انھي جو شايد دنيا ۾  مثال ملڻ مشڪل آھي. انھن مھمانن کي گھڻو تڻو سنڌ جي ريل رستي ايندڙ شھرن سکر، نوابشاهه، حيدرآباد، ڪراچي، ٿر جي بارڊر کان ايندي عمرڪوٽ توڙي ميرپور خاص جھڙي شھرن ۾ ترسايو ويو، انھن مھمانن تڏھن کان پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ۽ سنڌين ۾ ضم نه ٿي سگهيا نه سنڌي ٿي سگھيا ۽ نه وري سنڌي ثقافت  ضم ڪري سگھيا۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضا ڪري ويهي رهيا ۽ ھاڻي سنڌ کي انتظامي يونٽن ۾ ٽوڙڻ جي ايجنڊا تي آھن . انھي کانسواءِ برمي ، بنگالي ۽ ٻيون قومون به گھٽ ئي سھي پر انھن به پنھنجا پير هتي ڄمايا.
ايئن ناھي ته اھو سڀ ڪجهه پنھنجو پاڻ ٿي رھيو آھي، قصور وار ٻاھريان ۽ ٻاھريون قوتون ته آھن ئي آھن پر گھٽ پنھنجن به نه ڪئي آھي.
تاريخ جي ورقن کي اٿلائجي ته ستر اسي  واري ڏهاڪي ۾ آمر ضياءَ جي دور ۾  طالبانائيزيشن کي عالمي قوتن جي مفادن جو پورائو ڪندي سوويت يونين کي ٽوڙڻ واري ايجنڊا تحت 3.1 ملين مطلب ايڪٽيهه لک افغان پناهگيرن کي افغانستان مان  پاڪستان آندو ويو، چيو اھو ويو ته انهن پناهگيرن کي افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن جيڪي گھڻو تڻو بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا سان لڳن ٿيون اتي ترسايو ويندو .  انھن افغان پناهگيرن جي چرپر تي نظر نه رکڻ سبب  اھي سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پکڙجي ويا ۽ آھستي ھستي ٽرانسپورٽ ۽ ھوٽل سميت انھن سڀني ڪاروبارن ۾ ڪاھي پيا جتي اسين ڪمزور ھئاسين. ھڪ ٻئي حڪمران پرويز مشرف جي دور 2002ع ۾ افغان پناهگيرن جا ٻيا ڪٽڪ اچي ڪڙڪيا جنھن وقت ۾آمريڪا افغانستان تي جنگ مڙھي. اقوام متحده جي پناهگيرن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي اپريل 2020 ع ۾ جاري ڪيل انگن اکرن موجب پاڪستان ۾ رجسٽرڊ افغاني پناهگيرن جي تعداد چوڏھن لک آھي جنھن مان ساڍا چار لک پناھگيرن لاءِ ٺاھيل ڳوٺن ۾ آباد آھن جڏھن ته پوڻا ڏھه لک پناھگيرن لاءِ قائم ڪيل ڳوٺن ۾ نه ٿا رھن بلڪه مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ رھيل آھن . جيڪڏھن ٿورو گھرائي سان ڏسنداسين ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ رھندڙ پناھگيرن جو وڏو تعداد انھن لاءِ وقف ڪيل ڳوٺن ۾ رھي ٿو. جڏھن ته سنڌ ۾ رھندڙ افغاني پناهگير آزادي سان “جتي اچي رھي پئو” واري فارمولي تحت رھن پيا جن جو گھڻو تعداد ڪراچي ۾ آھي. اقوام متحده جي رپورٽ موجب سنڌ  ۾ رھندڙ افغاني پناهگيرن جو تعداد صرف 67000  آھي جڏھن ته سنڌ حڪومت مطابق اھو تعداد لکن ۾ آھي. نيشنل ايڪشن پلان تحت 2014ع ۽ 2019ع ۾ اقوام متحده جي پناھگيرن جي اداري سان گڏجي سنڌ حڪومت سنڌ ۾ رھندڙ پناھگيرن جي ڳڻپ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رھي . سنڌ حڪومت موجب افغاني پناهگيرن جو ھڪ وڏو تعداد نه صرف ڪراچي پر ٻين شهرن ۾ رھندڙ آھي جيڪڏهن انھن جي ڳڻپ ٿي وڃي ته اندازو ٿي ويندو آھي ته اسانجي وسيلن تي ڪيڏو بار آھن.انهن ھاڻي وڏن شهرن بدران ننڍن شھرن جو رخ ڪيو آهي . ھن وقت تائين ڪيترن ئي افغان پناهگيرن مختلف علائقن جي چڱن مڙسن ، وس وارن ۽ نادرا جي ماڻھن سان ملي ڪري پنھنجا شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڇڏيا آھن ۽ اسان جا مستقل رھائشي آھن.
ھاڻي سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻھو انھن افغاني  پناھگيرن جي گذريل چاليهه سالن کان مٿي مھمانوازي ڪري ٿڪجي پيا آھن.  انھن پناھگيرن سنڌ کي بدلي ۾ ھٿيار، منشيات، بدامني ۽  وياج خوري ڏني آهي، انھي کانسواءِ ڪمائي جي ذريعن ٽرانسپورٽ ، ھوٽلنگ ، سيڪيورٽي، مزدوري ايسيتائين جو جعلي  ڪارڊن ۽ ڊوميسائيلن تي ننڍن نوڪرين کان وٺي وڏن عھدن تائين رسائي حاصل ڪري ورتي آهي جنھن سبب سنڌ جا ماڻھو بيروزگار آھن.
آخر 30 جون به گذري ويئي خبر ناھي انھن پناھگيرن ۽ اسانجي ماڻھن جو مستقبل ڇا آھي پر ھڪ ڳالھه آھي جھڙي طرح اسانجو ماڻھو سجاڳي طرف وڃي رھيو آھي ته اھو ڪامل يقين آھي ته اھو ڏينھن پري ناھي جو انھن افغاني پناهگيرن کي سنڌ مان ڪڍي سک جو ساھه کڻجي. جيئن  جعلي ڊوميسائيل واري اشو ته سنڌي قوم ھڪ نظر آئي ۽ سماجي رابطن واري سائيٽ ٽوئيٽر تي ھڪ ملين کان مٿي ماڻھن ملي ڪري جنھن ٽرينڊ جو رڪارڊ قائم ڪيو ان جا نتيجا اوھانجي سامھون آھن .اھڙي طرح ئي انھن پناھگيرن خلاف به ھڪ موثر آواز ٿي اٿڻو پوندو . جون ۾ دوستن انھن پناھگيرن خلاف  ٻه ٽرينڊ ھلايا جن ۾ شرڪت حالانڪه لکن ۾ ھئي پر الائي ڇو جعلي ڊوميسائيل واري ٽرينڊ وارا نتيجا نه ڏيئي سگھيو. اسانکي کوڙ مسئلا آھن جن کي وقت بوقت کڻڻو آھي انھي جي لاءِ سڄاڻ ڌرين کي ھڪ ٽرينڊ ڪامياب ڪرڻ کانپوءِ ٿڪڻ نه گھرجي ۽ مسئلن جي حل لاءِ مسلسل اجتمائي جدوجھد ڪرڻ گھرجي. سول سوسائٽي۽ سڄاڻ ڌرين کي گھرجي ته نوجوانن کي رستا ۽ ويزن ڏين ڇوته اڄ جو دور سماجي رابطن جي جديد طريقن کي استعمال ڪري پنھنجي منزل ماڻڻ جو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *