تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

اقتداري افق تي ايندڙ امڪاني انڌاريون

سياست جي درياهه ۾ اونهن ڪنن ۽ تڙن جو ڪو ڇيھه ئي ڪونهي ،اقتدار جي ناو تي ڪيئي ناکئا اچن ٿا ۽ ھليا وڃن ٿا،ھن وقت پاڪستاني سياست جي درياهه ۾ ڀرپور موج آھي، جيتوڻيڪ ملڪ جي زميني درياهه سنڌو ۾ ڪابه موج مستي ڪونهي، ٻيڻو لاڙ جي پاڇاڙ وارا علائقا اڃان سڪا پيا آھن.
ڪڏھن ڪڏھن دريائي موج مانجهي سميت ڪشتي کي به ٻوڙي ڇڏيندي آھي، هونئن ته سياسي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته ڪيتريون ئي سياسي ڪشتيون ٻڏيون آھن ۽ وانجهي ويرن جي ور چڙھي پنهنجا وجود ئي وڃائي ويٺا آھن، ليڪن ڪڏھن ڪڏھن سياسي ڪشتيون لڏندي لڏندي به ٻڏڻ کان بچي وينديون آھن ۽ وانجهي ٻيڙين کي ڪڍي ڪناري لڳائيندا آھن.
هن وقت اقتدار جي ڪشتي به موج طوفان ۾ نظر ٿي اچي ،جيتوڻيڪ هن وقت موسمي طرح نه ڪا اڃان وڏي آنڌي آئي آھي ۽ نه ئي ڏکڻ مينهن ٻوڙان ٻوڙ ڪئي آھي ليڪن حالتن پٽاندر سياسي اڀ تي نيٺ ته طوفان به اچڻا آھن ۽ مينهن به وسڻا آھن، جڏھن طوفان آنڌي آڻيندا ۽ سياسي بارشن کان پوءِ گپ چڪ ٿيندي تڏھن اسان وٽ ڪهڙي صورتحال هوندي اهو چوڻ قبل از وقت آھي. هن وقت پاڪستان ۾ معيشت جي تڪڙي ردوبدل، ڪورونا بيماري، مهانگائي ۽ بيروزگاري غريب عوام جو حليو ئي بگاڙي ڇڏيو آھي حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب ، غريب ماڻھن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويوآھي. موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جي ڏسيل واٽ تي هلندي ملازمن جون پگهارون به نه وڌايون.
پاڪستان ۾ مخالف ڌر وارن جو حڪومت تي اهو الزام آھي ته پاڪستان تي هن وقت حڪومت آءِ ايم ايف وارن جي آھي موجوده حڪمران فقط مهرا آھن، مخالف ڌر جو اهو الزام پنهنجي جاءِ تي، ليڪن گهرائي سان جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته آءِ ايم ايف جي سخت پاليسين سبب پاڪستان جو غريب عوام ۽ هيٺئين طبقي جا ملازم سخت معاشي مشڪلاتن ۾ گهيريل آھن.
آءِ ايم ايف جو بنياد 1945ع ۾ وڌو ويو، هيستائين ان جا 189 ملڪ ميمبر آھن. ان عالمي تنظيم جو ڪم آھي ڪرندڙمعيشت کي بهتر ڪرڻ واپارکي هٿي وٺائڻ ۽غريب ملڪن کي آسان شرطن تي قرض مهيا ڪرڻ ليڪن هن وقت آءِ ايم ايف قرض ڏيندڙ غريب ملڪن تي نه فقط پنهنجون پاليسيون مڙھي ٿو گڏوگڏ انهن ملڪن کي ايئن قرضي ڪري ڇڏي ٿو ,جيئن اڄڪلھه جو واپاري غريب آبادگارن يا مزدورن کي ٻج ڀاڻ يا وري کاڌ خوراڪ جو سامان وياج تي ڏيئي ان کي هميشھ لاءِ پاڻ وٽ گروي ڪري ٿو ڇڏي. حقيقت ۾ اها به هڪ قسم جي معاشي غلامي آھي، جنهن سان انساني زندگي سکي ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ ڏکي ٿي وڃي ٿي. انساني غلامين جا ڪيترائي قسم هجن ٿا هڪ عالمي ليول جون غلاميون ،ٻيون ملڪي ليول جون غلاميون ، ٽيون معاشرتي ۽ معاشي ليول جون غلاميون ۽ چوٿون ذھني ليول جون غلاميون. پاڪستان ۾ اهڙين غلامين جو عڪس انگريزن جي دور کان به آڳاٽو نظر اچي ٿو جيڪو جاگيردار طبقي کان شروع ٿي اچي سرمائيدار طبقي تائين پهتو آھي. هيٺين طبقي جو استحصال وري هميشه آپيشاهي ڀوتارن ۽ واپارين کان ويندي مختلف پارٽين ۾ به موجود رهندو اچي پيو جيڪو غريب طبقي ۽ ورڪرن کي اڏوهي جيان کائيندو رهي ٿو. آئون معاشي بدحالي ۽ معاشرتي غلامي جي رڻ پٽ مان نڪري پٺتي موٽان ٿو ته منهنجي نظر موجوده ملڪي صورتحال تي پوي ٿي جيڪابدلجندڙ حالتن ڪري ڏاڍي ڀوائتي ٿي لڳي ،هڪ پاسي ڪورونا جهڙو مرض ماڻھن کي موت ڏانهن ڌڪيندو ٿو وڃي ته ٻئي پاسي بک ۽ بيروزگاري هڻي ماڻھن جا لاهه ڪڍي وڌا آھن،ٽئين طرف حڪومت ۽ مخالف ڌر جي سياسي آکاڙن ملڪي ترقي جي امڪانن تي ڄڻ منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو آھي.
موجوده حڪومت جو سارو زور مخالفن کي ڪچلڻ ۾ صرف ٿيندو رهيو ته اڳيان ترقي جون راهون ئي گم ٿي وينديون. ڪنهن به حڪومت جي بهتر حڪمت عملي اها ئي هوندي آھي ته هوءَ ماضي جي سمورن قصن کي ڦلورڻ بجاءِ گڏيل حڪمت عملي سان اڳيان وڌندي آھي جيتوڻيڪ بد قسمتي سان پاڪستان جي سموري تاريخ رساڪشي واري رهي آھي جنهن ڪري ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان اڃان پوئتي ئي رهندا پيا اچون. هن وقت حڪمران پارٽي جا اڳواڻ مخالف پارٽين جا پتا ڪٽڻ لاءِ ايترا ته وائڙا ۽ آتاآھن جو هو جڏھن ايوانن ۾ ڳالهائيندا آھن ته نه فقط سندن ڳالهائڻ تي کل ايندي آھي ليڪن سندن ڪرود ۽ انا ڏسي سندن ساري حڪمت عملي به وائکي ٿي پوندي آھي.
ڪنهن به ملڪ ۾ لساني يا وري انتها پسند تنظيمن جي اقتدار ۾ اچڻ ڪري ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿي ويندو آھي پاڪستان ۾ اهڙا لساني پارٽي جا مثال موجود آھن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي بل تي ڪرايل فساد ۽ اٺاسي ۾ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي ،حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جهڙن وڏن شھرن ۾ ڪرايل رتوڇاڻ ان لساني پارٽي جي وڳوڙن جا جيئرا جاڳندا مثال آھن. ان پڄاڻان به ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ صوبي کي ٽوڙڻ ۽ نت نوان انتشار ڦھلائڻ کان باز نه ٿا اچن.
هن وقت به ايم ڪيو ايم اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي جنهن سبب حڪومت جي ايوانن کان ويندي ٻھراڙين ۾ ڇپرن جي اوطاقن جي آڳند ۾ ويٺل ماڻھن ۾ سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ تي بي چيني موجود آھي نه رڳو ايم ڪيو ايم جي ڪري ليڪن حڪومتي ٻيڙي ۾ سوار ڪجھه حڪمران ڌر جي ماڻھن ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن ڪري به جيڪي ذاتي مفادن خاطر پنهنجي ديس جي ترقي توڙي صوبي جي بقا وارين گڏيل فيصلن تي پٺ ڏيئي ويهي ٿا رهن ۽ ووٽ جو حق پنهنجي فائدي خاطر استعمال ڪن ٿا، جنهن سبب ملڪي توڙي عوامي فائدي وارا قانون پاس ٿيڻ کان رهجي ٿا وڃن. عمران خان جي حڪومت تازو اين ايف سي ۾ ترميم لاءِ سينيٽ ۾ بل پيش ڪيو، جيڪو رد ڪيو ويو آھي مخالف ڌر ان بل کي جمهوريت جي قتل سان تعبير ڪيو آھي. پيپلز پارٽي ، ن ليگ ۽ جي يو آءِ پاران ارڙھين ترميم کي ختم ڪرڻ جي صورت ۾ روڊن تي اچي حڪومت خلاف احتجاج جو چتاءُ ڏنو آھي جيتوڻيڪ حقيقت به اها آھي ته ارڙهين ترميم ۾ صوبن کي خودمختياري ۽ پارليامينٽ کي ڏنل پاور ختم ڪرڻ ۽ اين ايف سي ۾ ردوبدل سان جمهوري قدر پائمال ٿي ويندا ۽ سڌي يا اڻ سڌي طرح صدارتي نظام وجود ۾ اچي ويندو. صدارتي نظام جيتوڻيڪ پاڪستان ۾ مختلف دورن ۾ رهيو آھي ليڪن اهو نظام ناڪام رهيو آھي اختيار هڪ ماڻھو وٽ ھئڻ سان ڪافي ڀيرا پارليامينٽ کي هڪ ئي ڌڪ سان ٽوڙيو ويو آھي.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي پوئين دور ۾ صدر آصف علي زرداري صدارتي اختيار ختم ڪري پارليامينٽ کي با اختيار بڻايو جيڪو جمهوريت جو حسن به آھي.
هن وقت ارڙهين ترميم سان ڇيڙ ڇاڙ جي ڪوشش جمهوريت تي حملو تصور ڪيو پيو وڃي. اها حقيقت آھي ته سياست جا ڪيئي رنگ روپ هوندا آهن ۽ سياست جي دنيا ڏاڍي بي رحم هوندي آھي، سياست جي دنيا ۾ اڪثرسياستدان پنهنجي پنهنجي محسنن کي ڇرو هڻندي دير ئي نه ڪندا آھن. پاڪستا جي سياسي تاريخ ۾ ملڪي اڳواڻن کي سندن سياسي شاگردن پاران پٺن ۾ ايتريون ته سياسي ڇريون لڳل آھن جن جا نشان وزير اعظم هائوس ۽ صدارتي محل ۾ اڃان به موجود آھن، انهن سياسي ڇرين لڳڻ سبب ڪيترائي اڳواڻ هميشه لاءِ دربدري يا وري موت جي هنجھه ۾ وڃي آرامي ٿيا آھن.
هن وقت جڏھن ملڪ انتشار واري صورتحال مان گذري رهيو آھي هڪ پاسي بک ۽ بيماري جا لامارا آھن ته ٻئي پاسي سياسي ڪشمڪش موجود آھي. هڪ پاسي سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جا پتا ڪٽڻ لاءِ سارو سرمايو ۽ ذھني توانائي ان تي خرچ ڪري رهيون آھن ته ٻئي پاسي عوام بيماري ۽ بک ڀوڳي رهيو آھي.جيتوڻيڪ اهڙين مشڪل حالتن ۾ وقت حڪومت جي ذميداري آھي ته عوام کي مشڪل مان ڪڍڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي سان گڏ انهن جي هر معاملي۾ مدد ڪري۽ هر ممڪن ڪوشش ڪري ته جيئن عوام مسئلن جي ڌٻڻ مان نڪري سگهي، ليڪن موجوده حڪومت فقط سکڻن اعلانن تائين عوام سان گڏ آھي باقي ته جتي ڪٿي ڪاري وارا ڪک موجود آھن .
هن وقت ڀل ته ڪوئي مورخ حڪومت جو ڪيڏوئي شيدائي ڇونه هجي پر جڏھن عينڪ اکين تي چاڙھي ويهي تاريخ لکندو ته هو ضرور اهو لکندو ته عمران خان جي حڪومت پاڪستان ۾ ڪنهن نئين تجربي تحت آندي ويئي جيڪو تجربو ڪامياب نه ويو ۽ اڪثر ماڻھو ان جي حڪومت ۾ نه فقط ڪورونا جي ڪري موت جي منهن ۾ ويا ليڪن بک ۽ مهانگائي سبب خودڪشيون به ڪندا رهيا ۽اهو دور سياسي تاريخ ۾ بد ترين دور طور ياد ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *