Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_udm0bkuch4oiffd8u311r8od82, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
اليڪشني سياست جي مخالف قومپرستن کان ڪير پڇاڻو ڪندو!؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar اليڪشني سياست جي مخالف قومپرستن کان ڪير پڇاڻو ڪندو!؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

اليڪشني سياست جي مخالف قومپرستن کان ڪير پڇاڻو ڪندو!؟

پي ڊي ايم پنهنجي پوري عوامي قوت سان گوجرانوالا، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ عوامي رابطا مهم جا جلسا ڪري ثابت ڪري رهي آهي ته ملڪ جي اندر عمران خان جي حڪومت خلاف عوام وٽ نه صرف ڪاوڙ موجود آهي پر پاڪستان جو عوام عمران خان جي حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آهي.
پي ڊي ايم جي عوامي رابطا مهم جي حوالي سان مختلف ماڻهن جا مختلف خيال ٿي سگهن ٿا، پر جي پاڻ هن وقت تائين پي ڊي ايم جي ٽن جلسن ۾ ڪيل تقريرن جو جائزو وٺندا سين ته اسان کي هن ڀيري ڪجهه اهڙيون نيون ڳالهيون ملنديون جيڪي ماضيءَ ۾ ملڪ سان غداري جي زمري ۾ سمجهيون وينديون هيون.
مسئلن اهو چوڻ ته“ رياست جي مٿان رياست جوڙي ويئي آهي”. جن کي سرحدن تي محافظ وارو ڪم ڪرڻ گهرجي سي اڻ سڌي طرح ملڪ جي اقتدار تي قبضو ڪري ويٺا آهن، اڃان به وڌي چڙهي اهو چوڻ ته عوام جا نوڪر سليڪٽر بڻجي عوام جو ڏنل ووٽ چورائي، ملڪ مٿان هائبرڊ حڪومت ٿاڦي ويٺا آهن، ڇا اهو بيانو مجموعي عوام جي دائمي جمهوري حقن جي ترجماني نٿو ڪري؟!
هن ڀيري دستور مطابق سيڪيورٽي ادارن جي آئيني حدبندين ۾ رهڻ تي زور ڏيڻ سان گڏ“ ووٽ ڪو عزت دو” جهڙو پاپولر نعرو نه صرف سنڌ ۽ بلوچستان پر پنجاب ۾ پاپولر ٿي رهيو آهي.
ڳالهه رڳو ايستائين هجي ته به چئي سگهجي ٿو ته پي ڊي ايم جي هي تحريڪ قيادت جي طبقاتي موقعي پرستي جي مزاج تحت واپسي کائي اقتدار جي مسند جي سڻڀي ڪرسي تائين رسائي حاصل ڪري چپ ٿي ويندي پر هن ڀيري وفاقي ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ حزب اختلاف جي هنن پارٽين جي مکيه ايجنڊائن ۾ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت سان گڏ پاڪستان ۾ موجوده تاريخي وطنن خصوصي طور سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جي بقا، وفاق جي قبضي جي هٻڇ،جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا ٻيٽ، مسنگ پرسن جي لاءِ گڏيل صدا، بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي جون ڳالهيون ۽ پختونن جي محرومين جو ذڪر به زور شور سان ٿي رهيو آهي. پي ڊي ايم نه رڳو ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي ڳالهه ڪري ٿي پر ملڪ ۾ موجود قومي ايڪائين جي تاريخي حقن بابت به خير جو ذڪر ڪرڻ نٿي وساري.
پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته نائين اليون کان پوءِ افغانستان ۾ سڌي طرح آمريڪا اچي پنهنجا پير کوڙيا هئا، اڳتي هلي آمريڪا افغانستان ۾ نيٽو کي به مدد ۾ وٺي آيو پر سنڌ جي مها سنڌو ساگر جي گرم پاڻي کان وٺي اڳوڻي سوويت يونين جي آزاد رياستن تائين واپاري رسد جو گس افعانستان مان ئي گذري ٿو اهو ڪيئن ممڪن هو ته آمريڪا کي آسان ۽ سستي طريقي سان اڳوڻي سوويت يونين جي آزاد رياستن تائين خطي جون ٻيون طاقتون پهچڻ ڏينديون ان ڪري افغانستان مستقل طور جنگ جو ميدان بڻيل رهيو آهي .
نائن اليون تائين خطي ۾ سڌي جنگ جو رواج هو ترت پوءِ هن خطي ۾ پراڪسي وار جو دور شروع ٿيو، مختلف ملڪن افغانستان ۾ پراڪسي وار ۾ سيڙپ شروع ڪئي ايران پراڪسي وار ذريعي پهريون ڀيرو افغانستان ۾ داخل ٿيو هن فرقيواراڻي تضاد هڪ پاسي رکي“آمريڪا مشترڪه دشمن” واري پاليسي تي عمل ڪندي جنرل سليماني ذريعي افعانستان جي ڪيترن ئي طالبان گروپن کي پاڻ سان ملائي ورتو ۽ آمريڪا لاءِ ٻيهر افغانستان ۾ ڏکيائون پيدا ڪيون، آمريڪا ان جو حل جنرل سليماني جي قتل جي شڪل ۾ ڪڍڻ جي ڪوشش ته ڪئي پر افغانستان مان ايران جي مڪمل دست اندازي ختم ٿيڻي نه هئي، جنرل سليماني جي قتل کانپوءِ ايران پاران افعانستان ۾ پراڪسي وار ۾ ممڪن آهي اڃان وڌيڪ تيزي آئي هجي. ڇاڪاڻ بدلو وٺڻ ايرانين جي قومي نفسيات جو حصو آهي.
آمريڪا جي افغانستان ۾ جنگ ۾ مصروف هجڻ ڪري چائنا گهڻي وقت کان پوءِ ٻيهر پاڪستان ۾ چائنا راهداري ذريعي وڏي سيڙپ ڪاري سان چائنا بلوچستان جي گرم سمنڊ جي اونهي پاڻيءَ واري گوادر بندر تائين پهچي ثابت ڪيو ته چائنا دنيا جي معيشت جو سپر پاور آهي جيسين آمريڪا اک پٽي تيسين گوادر پورٽ چائنا جوڙي چڪو هو. اڳتي هلي سعودي عرب ذريعي عمران خان جي ئي حڪومت ۾ گوادر ۾ سعودي آئل سٽي جي نالي سان حصيداري ته ڪري ورتي پر ايستائين ريڪو ڊڪ جون سون جون کاڻيون ۽ ٿر جو ڪارو سون چائنا جي هٿ هيٺ اچي چڪو هو. آمريڪا خطي جي پنهنجي پراڻي اتحادي انڊيا سان گڏجي پاڪستان جي، پختونخوا، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ پراڪسي وار جي شروعات ته ڪئي پر پاڪستان جهڙي سيڪيورٽي رياست سان جنهن وٽ هاڻي جديد هٿيارن جي پنهنجي صنعت به آهي ته آءِ ايس آءِ جهڙو منظم جاسوسي ادارو به آهي ۽ چائنا جي جديد سيٽ لائيٽس جي مدد به حاصل آهي تن پاڪستان مخالف پراڪسي وار جي نيٽ ورڪ کي گهڻو تڻو ضرب عضب واري دور ۾ هيڻو ڪري ورتو هو. ان باوجود 2017ع ۾ آمريڪا نئين حڪمت عملي سان پاڪستان ۾ داخل ٿيو، نون امدادن جا اعلان ٿيا، گڏيل فوجي مشقون، فوجي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري سان گڏ جمهوري نظام کي بهتر ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون.موٽ ۾ پاڪستان کي آمريڪا جي فوجن کي افعانستان مان پرامن گس ڏيڻ جي مدد ڪرڻي هئي. پر شايد گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
پي ٽي آءِ جي خيبر پختونخوا جي حڪومت ذريعي حقاني نيٽ ورڪ جي مدرسن کي وڏي تعداد ۾ امداد ته ڏني وئي پر جنگيون مفادن جي طابع وڙهيون وينديون آهن شايد افغانستان مان هن وقت آمريڪا جي واپسي پاڪستان جي سيڪيورٽي مفادن ۾ ناهن ان ڪري افغانستان ۽ خيبر پختونخوا (فاٽا ) جي سرحدي علائقن ۾ پاڪستان پاران خاردار تارن جي ديوار کڙي ڪئي پئي وڃي جنهن تي نه رڳو منظور پشتين جي پي ٽي ايم کي اعتراض آهي پر سرحد پار ڪري سمگلنگ ذريعي ججهو پيسو ڪمائيندڙ پختونن جا سڀئي اڳواڻ به ناراض آهن.
لڳي ايئن ٿو ته آمريڪي نمائندي زلمي جي ٽياڪڙي هيٺ طالبان سان هلندڙ ڳالهين جو به ڪو کڙ تيل نه پيو نڪري ان ڪري هر روز آمريڪا لکين ڊالرن جي خرچ سان افغانستان ۾ طالبان جي سامهون ايئن بيٺل آهي جيئن ٻڪري شينهن جي سامهون بيٺل هجي. آمريڪا کي نه افغانستان مان واپسيءَ جو گس ٿو ملي نه ئي افعانستان جي مڪمل اقتدار تي قبضو ٿو نصيب ٿئي.
آمريڪا افغانستان ۾ هر روز اڻڏٺي خوف سبب معاشي، سياسي ۽ فوجي طور ڏٻرو ٿي رهيو آهي. بدقسمتيءَ سان هاڻي طالبان جا وڏا گروپ پاڪستان جي هٿن مان نڪري ويا آهن. پاڪستان هاڻي افغانستان مان واپسيءَ ۾ آمريڪا جي مدد ڪرڻ جي حيثيت ۾ نه رهيو آهي. انڪري به اهو ويساهه سان چئي سگهجي ٿو ته آمريڪا به چاهي ٿو ته موجود حڪومت سيٽ اپ مان جان ڇڏائجي ۽ پاڪستاني سيڪيورٽي ادارا ڪنهن قدر آئيني حد بندين ۾ رهي ڪم ڪن.
سياست جا به عجيب کيل آهن ڪالھه تائين جنرلن کي اقتدار تائين پهچائڻ وارو آمريڪا هاڻي جنرلن کي پيشوراڻي ڪردار ڏانهن واپسي ويندي ڏسڻ چاهي ٿو.
مقصد آمريڪا سنڌي ٻوليءَ جي چوڻي ته اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني تي عمل ڪندي ڪنن بچائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ۽ عمران خان جي حڪومت جي خاتمي ۽ سڪيورٽي فورسز تي وڌندڙ سياسي دٻاءُ تي ارهو ناهي. اها ڳالهه عمران خان به سمجهي ٿو ته ملڪ جون مقتدر قوتون به ڄاڻن ٿيون ان ڪري عمران خان آمريڪا کي سڌي طرح ميار ڏيڻ بدران اڻسڌيءَ طرح چئي رهيو آهي ته پي ڊي ايم جي تحريڪ انڊيا جي چوڻ تي شروع ڪئي ويئي آهي.
پاڻ کي سمجهڻو پوندو ته پي ڊي ايم ريجنل حالتن جي تناظر ۾ رڳو جمهوري تحريڪ ناهي پر پاڪستان جهڙي سيڪيورٽي رياست جي سيڪيورٽي فورسز مٿان اهڙو سياسي دٻاءُ آهي جيڪو سيڪيورٽي ادارن کي چار پير پوئتي ڪري نئين حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ مجبور ڪندو. پي ڊي ايم جي تحريڪ ۾ گهڻو اڳتي انتها تائين وڃڻ جو ڪم “ن ليگ” ڪندي جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ هن وقت ڪجهه به ناهي پر انڊر ٽيبل ڳالهيون ڪري پوئتي پير ڪرڻ جو ڪم گهڻو ڪري پ پ پ جي حصي ۾ ايندو، ڇاڪاڻ پ پ پ اڳئي سياسي طور سڄي ملڪ مان ٻاهر آهي رڳو سنڌ ۾ ان جي حڪومت وڃي بچي آهي ان ڪري پ پ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ حڪومت وڃائڻ نه چاهيندي .
جيتوڻيڪ هن وقت پي ڊي ايم جي جلسن ۾ بلوچن ۽ پختونن جو ڪيس قومپرست اڳواڻ اختر مينگل، محمود خان اچڪزئي وڏي همٿ سان پيش ڪري رهيا آهن پر سنڌ جي قومي ڪيس جي ايجنڊا پيش ڪرڻ وارو ڪوبه سنڌي قومپرست اڳواڻ موجود ناهي. پ پ وڏي چالاڪي سان سنڌ جي قومپرستن کي ملڪ جي وڏي جمهوري تحريڪ پي ڊي ايم مان ٻاهر رکڻ ۾ ڪامياب وئي آهي پر گڏو گڏ سنڌ جو قومي ڪيس رکڻ ۾ مڪمل ان ڪري به ناڪام ويئي آهي جو سنڌ ۾ پ پ پ جي گذريل ڪيتري عرصي کان حڪومت آهي ان ڪري پ پ پ وٽ سنڌ جو قومي ڪيس مقتدر ڌرين توڙي عالمي ۽ ريجنل قوتن آڏو رکڻ جو ڪو اخلاقي جواز به موجود ناهي.
بدقسمتي چئجي ملڪ ۽ خطي جي تبديل ٿيندڙ حالتن ۾ سنڌ جا ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر اڪيلائي ۽ نراسائي جي حالت ۾ ٻاهر بيٺا آهن. سنڌين جو ملڪ جي جمهوري جدوجهد ۾ دڪو ئي داخل نه پيو ٿئي.
ماضيءَ جي ڪيل سياسي غلطين جا نقصان سنڌ خبر ناهي ڪيتري وقت تائين ڀوڳيندي رهندي جن سنڌي قومپرست اڳواڻن ماضيءَ ۾ ملڪي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کي گناهه ڪبيرا ڪري پيش ڪيو ۽ پارلياماني پاور کي غير اهم سمجهيو انهن کان هاڻي ڪيرپڇاڻو ڪندو ته سنڌ پاڪستان جي نئين تبديل ٿيندڙ سياسي حالتن ۾ ڪٿي بيٺل هوندي. سنڌ جو عوام آزاديءَ سان ساهه به کڻي سگهندو يا سدائين سنڌ جي عوام جي نڙي سياسي ڀوتارن جي بوٽ هيٺ هوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *