Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9f20etbr5tbdb2pponp0qc2e5v, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
امداد تي ٿيندڙ سياست جا اصل راز - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar امداد تي ٿيندڙ سياست جا اصل راز - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

امداد تي ٿيندڙ سياست جا اصل راز

برسات سڄي سنڌ ۾ پئي پر امدادي سامان تان سياسي اڳواڻن ۾ جھڙي ڄنڊاپٽ سجاول ضلعي ۾ ٿي آھي اھڙي ڪٿي ڪونه ٿي آھي، ان ڏينھن جڏھن سجاول جي ڊي سي آفيس اندر صوبائي وزير ۽ مقامي سياسي اڳواڻ بند ڪمري ۾ برسات متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان جي ورڇ بابت گڏجاڻي ڪري رھيا ھئا تڏھن آفيس ٻاھران ڪيترائي ماڻھو بيٺل ھئا، جن مان ڪي ملڪاڻي جا حامي ته ڪي وري ريحانا لغاري جا حمايتي ۽ ٻيا وري شيرازين جا ويجھا ساٿي ھئا ۽ ڪجھه وري اھڙا ماڻھو به ھئا جيڪي راشن بيگ ۽ مڇردانيون ملڻ جي آسري تي اچي اس ۾ بيھي انتظار ڪري رھيا ھئا ته اجھو ٿو وزير ٻاھر نڪري ۽ اعلان ڪري ته ھنن مسڪينن کي ھاڻي ئي امدادي سامان جي ٿيلهي ڏيو، آفيس ٻاھران بيٺل سڀئي ماڻھو ٽولين جي صورت ۾ پاڻ ۾ سس پس ڪري رھيا ھئا، ھڪڙا چئي رھيا ھئا ته ادا شيرازين وڏي مڙسي ڪئي آھي پنھنجي غريب ووٽرن کي امدادي سامان ڏيارڻ لاءِ، ته وري ٻيا چئي رھيا ھئا ريحانا لغاري پنھنجي تر جي مسڪين ماڻھن لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري رھي آھي ۽ ٻين جو خيال ھو ته ملڪاڻي مسڪينن لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏي آھي، ٻن ڪلاڪن جي انتظار کانپوءِ نيٺ صوبائي وزير آفيس کان ٻاھر نڪتو ۽ صحافين جي ڪيميرائن آڏو ھن اھو انڪشاف ڪيو ته سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه کي شڪايت ڏني آھي ته امدادي سامان جي ورڇ شفاف نه پئي ٿئي اصل متاثر مسڪين رھجي ويا آھن ۽ ڪامورا اسانجي نه ٿا ٻڌن، سو اسان وڏي وزير جي ھدايت تي خصوصي طور معاملا حل ڪرڻ لاءِ سجاول پھتا آھيون.
منھنجي ڀر ۾ بيٺل ھڪ جھوني ڪامريڊ مونکي ٺونٺ ھڻي منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائيندي چيو: بابلا ڇا ٿو سمجھين ته ھنن سياسي اڳواڻن جي وٺ وٺان مسڪينن کي امداد ڏيارڻ لاءِ آھي؟ جو ڳالھه وڃي وڏي وزير تائين پھتي آھي؟ کيس چيم: ھا ڳالھيون ته اھي ئي پيون ٻڌجن. چيائين: بابلا ڇا برسات رڳو سجاول ۾ پئي ھئي، ڪنھن ٻئي ضلعي ۾ ڪا ڦڙي ڪانه وسي ھئي ڇا؟ ڪنھن به ضلعي ۾ سياسي اڳواڻن ھڪٻئي خلاف اھڙا سندرا ڪونه ٻڌا آھن جھڙا سجاول ۾ ٻڌا اٿن، ڪنھن کي به اھا لاچاري ڪانھي ته ڪنھن مسڪين جو گھر ڊھي پيو يا ڪنھن جي ٻچن وٽ ماني گرھه ڪونھي، اصل ڳالھه اھا آھي جو ھنن کي برسات جو بھانو ھٿ چڙھي ويو آھي جنھن جي آڙ ۾ ھو ڪامورن کي پنھنجي مرضي موجب ھلائڻ چاھين پيا، گذريل عام چونڊن کان پوءِ سجاول ضلعي ۾ سياسي اڳواڻن جي اھا رڙ ٻڌڻ ۾ پئي اچي ته ضلعي جا ڪامورا کين کنگھن به نه ٿا، سمورا ڪامورا رڳو شيرازين جي ڳالھه ٻڌن ٿا، ان ڪري ٻين اڳواڻن پنھنجي مرضي جا ڪامورا مقرر ڪرائڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪٽيا آھن، ڪڏھن وڏي وزير وٽ وڃي دانھين ٿا ته قبلا فلاڻو آفيسر بدلي ڪريو، ھو اسانجي نه ٿو ٻڌي رڳو شيرازين جا ڪم ڪري ٿو، ڪڏھن فريال ٽالپر کي وڃي منٿ ٿا ڪن، ڪڏھن بلاول ڀٽو وٽ نماڻو چھرو کڻي وڃن ٿا، ڪڏھن دڙي ۾ ايم پي اي علي حسن زرداري جي دعوت ڪري کيس دانھن ڏين ٿا ته اسان جا ڌڻي ٿيو اسين ننڌڻڪا ٿي ويا آھيون ته وري ڪڏھن سنڌ حڪومت جي ڪنھن ٻئي ھلندي پڄندي واري ھمراھه وٽ وڃي ٿا دانھن ڏين ته ٻيلي اسان جي ضلعي ۾ ڪانه ٿي ھلي، اسانجو ڪو بلو ڪريو، سو ھاڻي برسات پوڻ سان ھنن کي بھانو ملي ويو آھي، متاثر مسڪينن لاءِ تنبو ۽ مڇر دانيون آيون ته سياسي اڳواڻن مراد علي شاھ کان ويندي ڪمشنر حيدرآباد تائين ۽ فريال کان ويندي روينيو واري وزير محبوب الزمان تائين ڪو در ڪونه ڇڏيو آھي جتي وڃي دانھن نه ڏني آھي ته اسان سان ظلم ٿي ويو، اصل ويڙھه مسڪينن کي امداد ڏيارڻ لاءِ ناھي پر اصل ويڙھه اھا آھي ته شيرازي، ملڪاڻي، لغاري، سوھا ۽ ارباب ھڪٻئي سان نه ٿا ٺھن، ھر ڪو چاھي ٿو ته ضلعي ۾ ڪامورا سندن مرضي جا ھجن، ان ڪري برسات متاثرن جو بھانو ٺاھي ھو پنھنجا مقصد پورا ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رھيا آھن، باقي ڪنھن سم جي بند تي رليون ٽنگي ويٺل بي گھر ماڻھن جو ڪنھن کي اونو ناھي، انھن مسڪينن کي ٻڌايو وڃي پيو ته اسين اوھان جي حقن لاءِ وڙھي رھيا آھيون ۽ ھي ويچارا خوشفھمي ۾ ھنبوڇيون ھڻي رھيا آھن.
چيم: ڪامريڊ اوھان اھا ڳالھه پڪ سان ڪيئن ٿا چئو ته ھنن سياسي ماڻھن کي مسڪينن جو ڪو لاچار ناھي، ھو پنھنجي مفادن لاءِ برسات متاثرن کي امداد ڏيارڻ جو بھانو بنائي ھيڏو ممڻ مچائي رھيا آھن؟
مسڪرائيندي چيائين: بابلا اڇي ڏاڙھي اس ۾ ڪونه ڪئي اٿم، ڀلا مونکي ٻڌائي انھن سياسي ماڻھن مان ڪھڙو ماڻھو آھي جنھن وٽ ٻن ھزارن جو راشن، ھڪ تنبو ۽ ھڪ مڇرداني وٺڻ جي طاقت نه ھجي؟ جيڪڏھن کين واقعي به متاثر مسڪينن جي ڳڻتي سمھڻ نه ٿي ڏئي ته پوءِ اھي پنھنجي کيسي مان ڪنھن غريب کي تنبو ۽ اٽو وٺي ڇو نه ٿا ڏين؟ راشن جي قيمت کان وڌيڪ خرچ ڪري ھو ڪڏھن ميرپورخاص ۾ بلاول ڀٽو جي جلسي ۾ وڃي وڏي وزير کي دانھن ڏين ٿا ته ڪڏھن فريال وٽ وڃن ٿا ھنن سجاول کان ڪراچي تائين جيترا چڪر ھڻي گاڏين جو جيترو تيل ساڙيو آھي ان رقم مان ته الائي ڪيترن مسڪينن کي راشن وٺي ڏئي سگھيا ٿي، ڪامريڊ ٿڌو ساھه کڻندي چيو ته: بابلا شيرازين جي مقابلي ۾ ٻئي ڪنھنجي ڪونه ٿي ھلي، کين ڪامورا لفٽ نه ٿا ڪرائين سو مرضي جا ڪامورا رکرائڻ لاءِ ھي سڄو کٽراڳ ڪيو اٿن باقي مسڪينن جو ڪنھن کي ڪو لاچار ڪونھي.
ڪامريڊ ائين چئي ھليو ويو ۽ آئون سندس ڳالھين تي سوچيندو رھيس ۽ سامھون پراڻن ڪپڙن ۾ پٽ تي ويٺل مسڪين عورتون امداد جي آسري اس ۾ پلٿي ماري ويٺل ھيون ۽ پورھيت ھڪٻئي سان ڪچھريون ڪري رھيا ھئا ته: ڀائو فلاڻي خان پاڻ مسڪينن لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون آھن برابر کيس اسان غريبن جو وڏو فڪر آھي شاباس اٿس.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *