تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

امداد مسڪينن جي، وڙھن وڏيرا پيا!!

سم نالي جي ڪناري تي کٽن مٿان رليون ٽنگي ويٺل برسات ٻڏل ڳوٺاڻا سوچيندا ھوندا ته اسان به جمھوري ملڪ ۾ رھون ٿا ۽ اسان به ووٽ ڏنا آھن سو ڪو ته ايندو جيڪو اچي ماني ڳڀو ڏئي ويندو پر اس ۾ سندن اکيون واٽ تڪيندي ئي رھجي وڃن ٿيون ۽ شام لڙي پوي ٿي، ھو اڌ رات تائين پنھنجن معصوم ٻارڙن جون دانھون ٻڌندي جاڳن ٿا، جن ٻارڙن کي ڳڀو پيٽ ۾ نه پيو ھوندو آھي، سجاول ضلعي جي اھڙن ھزارين مسڪينن لاءِ سرڪار نيٺ ڪجھه تنبو ۽ مڇرن کان بچڻ لاءِ ڄاريون موڪلي ڏنيون آھن ۽ ڪجھه راشن بيگس ڏيڻ جو پڻ رٿيو ويو آھي، تڏھن ھڪ طرف ضلعي جي اٺ لک آبادي جو ستر سيڪڙو، اميد ۾ اکيون اٽڪائي ويٺو آھي ته امداد اجھو ڄاڻ آئي، ته ٻئي طرف ھتان جا سياسي اڳواڻ ان کٽڪي ۾ ورتل آھن ته امداد وري اسانجي من پسند ماڻھن کانسواءِ ٻئي ڪنھن کي نه ملي وڃي، سو سياسي اڳواڻن جي انھي سرد جنگ نيٺ سجاول کان ميرپور خاص تائين سفر ڪيو ۽ پ پ ذريعن موجب ھڪ پ پ اڳواڻ بلاول ڀٽو جي ميرپور خاص واري دوري دوران اتي پھچي وڃي وڏي وزير مراد علي شاھه کي ڪن ۾ دانھن ڏني ته سائين سجاول ضلعي ۾ شيرازي جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ۾ شامل آھن پر ھو ٻين پ پ اڳواڻن کي ليکين ئي نه ٿا ۽ ضلعي جا ڪامورا به شيرازين جي چوڻ ۾ آھن سو اسان جي حامي ووٽرن کي ڪا امداد نه ملي سگھندي، وارو ڪريو ڪجھه ڪريو، اھڙي دانھن کي ورنائيندي وڏي وزير نيٺ ڪمشنر حيدرآباد کي ھدايت ڪئي ته سجاول وڃي ڊپٽي ڪمشنر ۽ پ پ اڳواڻن سان ملاقات ڪري معاملا نبيري اچو، ان رات بلاول ڀٽو بدين ۾ خطاب ڪري رھيو ھو سو بدين واري جلسي ۾ ڪمشنر حيدرآباد پڻ ھو، جلسو ختم ڪري ڪمشنر صاحب رات جو ئي سجاول پھچي ويو ۽ ڊي سي آفيس ۾ پ پ اڳواڻن سان ملاقات ڪري سندن ڳالھيون ٻڌيون، ان ملاقات دوران اڳواڻن ۽ سندن حامين اھڙي ته نظم ۽ ضبط جو مظاھرو ڪيو جو نيٺ ڪمشنر بيزار ٿي اٿي ھليو ويو ۽ ويندي ويندي ڊي سي سجاول کي ھدايت ڪري ويو ته گڏجاڻي ڪوٺائي اتفاق راءِ سان رليف آپريشن پلان جوڙيو وڃي، ڪمشنر جي گاڏي رواني ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه دير آفيس اندر ويھڻ بعد جڏھن اڳواڻ ٻاھر نڪتا ته ڪجهه ڪيميرائون ۽ مائيڪ کين گھيري ويا ۽ صحافين سان ڳالھائڻ وارو سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ريحانا لغاري جي اھا وڊيو ڪلپ اڄ به موجود آھي جنھن ۾ ھو چئي رھي آھي ته ڪمشنر کي ھتي ڪنھن آندو؟ پيپلز پارٽي آندو، وري ٿورو ساھي کڻي چوي ٿي: مون آندو….
سندس اھو جملو ته ڪمشنر کي ھتي ڪنھن آندو؟ مون آندو، مان سياسي مبصر اندازو ڪري رھيا آھن ته ميرپور خاص ۾ ڪنھن وڃي وڏي وزير کي شڪايت ڪئي ھئي؟ ٺيڪ ڪمشنر جي دوري جي ٻئي ڏينھن تي سجاول جي ڊي سي ھائوس ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنھن دوران تعلقن تي رليف ڪاميٽيون جوڙيون ويون جن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار، پ پ جو ايم اين اي، ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي جو تعلقي صدر شامل ڪيا ويا جيڪي گڏجي حقيقي برسات متاثرن جو تعين ڪندا ۽ امدادي ورڇ جي نگراني ڪندا ۽ ايئن اڳواڻ في الحال راضي ٿي ويا آھن.
بحرحال صورتحال جيئن به ھجي پر حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته برسات ختم ٿيندي به ڏينھن گذري ويا آھن ۽ سنڌ سرڪار پاران مسڪينن لاءِ موڪليل تنبو، مڇر دانيون ۽ ٻيو سامان گودامن جي زينت بنجي چڪو آھي ۽ ھوڏانھن برسات ٻڏل ماڻھو امداد جي آسري تي روز صبح کان شام تائين ڪچن رستن تي پري کان ڌوڙ اڏامندي ڏسي سمجھن ٿا ته ڪا سرڪاري گاڏي امدادي سامان کڻي اچي رھي آھي پر سندن اميدون اڃان تائين اميدون ئي رھجي ويون آھن، ته ھيڏانھن وري پ پ جا مک مقامي اڳواڻ ملڪاڻي، شيرازي ۽ لغاري ھڪٻئي تي ڇوھه ڇنڊڻ ۾ مصروف آھن ته امداد فلاڻي جي حوالي ڪئي وڃي ۽ فلاڻي جي حوالي نه ڪئي وڃي، انھن سياسي اڳواڻن کان اڄ تائين ڪنھن اھو سوال نه پڇيو ھوندو ته ٻيلي اوھان پاڻ مڇي ماني وارا آھيو، اوھان پنھنجي ذاتي پيسن مان ڪيتري امداد پنھنجي ووٽرن ۾ ورھائي آھي؟ باقي سرڪار ڪو قارون جو خزانو ته برسات متاثرن لاءِ ڪونه موڪليو آھي، اھي ڪجھه تنبو ۽ مڇردانيون آھن، تن تي به اوھان ھڪٻئي سان تيستائين وڙھندا رھندا جيستائين مسڪينن جي گھرن ۾ بيٺل برسات جو پاڻي پاڻمرادو سڪي ويندو ۽ ھو سم ۽ واھن جي بندن تان لڏو کڻي واپس پنھنجي گھرن ڏانھن ھليا ويندا ۽ پوءِ کين تنبوئن جي به ضرورت نه ھوندي.
سياست ڪندڙ ضلعي جا اھم گھراڻا الائي ڇو مسڪينن جو ايترو درد به سمجھڻ کان قاصر آھن ته کين تنبوئن ۽ مڇردانين جي فوري طور ان وقت ضرورت ھوندي آھي جڏھن ھو ٻڏل گھرن مان نڪري ڪنھن مٿاھين بند تي کٽن ۾ رليون ٽنگي ويٺل ھوندا آھن، سو ھي وقت ڪو ھڪٻئي سان وڙھڻ ۽ سياست ڪرڻ جو نه آھي پر ڪنھن بکايل ٻارڙي کي پيٽ لاءِ گرھه ڏيڻ جو آھي، پر الائي ڇو ھر سال برسات ۾ سجاول جا ھزارين ماڻھو بي گھر ۽ دربدر ٿيندا آھن ۽ ھر سال مسڪينن جي امداد تي سياسي وڏيرا وڙھندا رھندا آھن، تان جو مسڪين پنھنجي حال کي قسمت جو لکيو سمجھي وري به ساڳين ئي اڳواڻن کي ووٽ ڏئي ڇڏيندا آھن، ڇا سرڪار ايترو به نه ٿي ڪري سگھي ته گھٽ ۾ گھٽ ڪنھن قدرتي آفت جي وقت سياسي ماڻھن کي پاسيرو ڪري ڇڏي ۽ نج سرڪاري مشينري استعمال ڪري متاثرن جي ترت واھر ڪري؟ ڪاش ايئن ٿئي ھا تڏھن به شايد ڪجھه مسڪينن کي وقت سر ڪو ڀرجھلو ملي سگھي ھا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *