Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_op73ned0321p2pha353pc8vsqs, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
امرتا پريتم ۽ انسانيت جي ڪتاب جي پڪار - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar امرتا پريتم ۽ انسانيت جي ڪتاب جي پڪار - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *حيدرآباد: سول اسپتال ۾ڪورونا وگهي مريض فوت*80 سالن جي حڪيم الدين پٽ شرف الدين جو مڙهه ايڌي پاران غسل ڪفن بعد وارثن حوالي *فوتي مريض جو تعلق عثمان آباد واري علائقي سان آهي:ايڌي انچارج*

امرتا پريتم ۽ انسانيت جي ڪتاب جي پڪار

پنهنجي اخبار ۾ آئون پنهنجي ڪجهه گذريل آرٽيڪلز ۾ ترقي پسند ادب، آرٽ، جديديت ۽ صوفي تخليقي تنقيدي ثقافتي ورثي جي موضوع تي رايو پيش ڪندو رهيو آهيان جنهن ۾ آئون اهو نقطهءِ نظر متعارف ڪندو رهيو آهيان ته برصغير ۾ تصوف جي تخليقي تنقيدي، روايت هم عصر دور جي تمام وڏن جديد ترقي پسند روشن خيال اديبن، مفڪرن، شاعرن ۽ سياسي سڌارڪ پسندن کي تمام گهڻو اتساهيو آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ انهن مفڪرن ۽ دانشورن برصغير جي صوفي روايت (مسلم توڙي هندي ويدانتا، سک ۽ ڀڳتي) کي پنهنجي ادبي تخليقن، سياسي تحريرن ۽ عمل ۾ واضح طور پيش ڪندي مذهبي نفرتن، فرقيواريت ۽ انساني نفاق کي رد ڪري، انساني اتحاد ۽ پريم جي ڳالهه ڪئي آهي.هن وقت تازو گلوبلي جيڪو ڪجهه مذهبي نفرتن ۽ نفاق جي شڪل ۾ ٿي رهيو آهي ان هڪ دفعو وري جنونيت، نفرت ۽ تشدد پسندي جي سياست کي هٿي ڏني آهي. جهڙي طرح فرانس ۾ تازو مذهبي نفرت کي اڀاريو ويو آهي يا گذريل سالن کان وٺي انڊيا ۾ مودي سرڪار طرفان هندو فاشسٽ نيشنلزم اڀاريو ويو آهي يا ٻه ڏينهن اڳ جيڪي پشاور ۾ هڪ دفعو وري نفرت ۽ جنونيت هٿان معصوم ٻار شڪارٿيا آهن. اهو سڀ ظاهر پيو ڪري ته نفرت ۽ بديءَ جون سياسي قوتون دنيا ۾ سک ۽ شانتي قائم ڪرڻ نه ڏينديون. ان نفرت ۽ نفاق واري سياسي ماحول ۾ اسان کي روشن خيال، ترقي پسند تخليقي ثقافتي بيانيا ٻيهر پيش ۽ ٽرانسفارم ڪرڻ گهرجن، جيڪي نفرت ۽ جنونيت بجاءِ ايڪي جا پرچارڪ آهن.
ان حوالي سان برصغير ۾ صوفين جي تخليقي تنقيدي ورثي جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي جنهن هميشه انساني ايڪي جو پرچار ڪري مذهبي تفريق ۽ فرقيواريت کي رد ڪيو آهي. برصغير جي مها ادبي تخليقڪار، شاعر ۽ ڪاسموپوليٽن مفڪر رابندر ناٿ ٽيگور گڏيل هندستان ۾ بنگال جي اوڻهين صدي ۾ صوفي لالڻ شاهه فقير جي ٻولن ۽ شاعري کان متاثر ٿيندي ان کي پنهنجي ادبي تخليقن، شاعري ۽ ڊرامن ۾ اظهاريو آهي. لالڻ شاهه فقير (وفات 1890ع) جي ڄمڻ جي تاريخ ته رڪارڊ ناهي پر هن جي زندگي تي جيڪو ڪجهه پوءِ لکيو ويو آهي ان موجب چيو وڃي ٿو ته فقير لالڻ شاهه ان زماني جي بنگال ۾ هندو جات پات ، مسلم ۽ هندو مذهبي ڀيدڀاوَ جي ور چڙهيل سماجي ڍانچي خلاف بغاوت ڪئي. لالڻ فقير ذات پات ۽ مذهبي نفاق ۽ انساني اڻ برابري جي نظام خلاف آواز اٿاريندي عملي طور هڪ اهڙو طريقو ٺاهيو جنهن کي ٻائول چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ ڪا به ذات پات، سماجي اڻ برابري، مذهبي فرقيواريت ۽ ناانصافي نه هجي ان ڪري سندس طريقي کان متاثر ٿي هر طبقي ۽ ذات پات ۽ مذهب جا ماڻهو، خاص ڪري هيٺئين ذات جا ماڻهو لالڻ فقير جا شامل ٿيندا هئا ۽ اڄ سوڌو اها روايت قائم آهي. لالڻ فقير جي هندو مسلم شناخت جي حوالي سان به متضاد رايا آهن. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هو هندو هو ۽ بعد ۾ برهمڻ ذات پات خلاف بغاوت ڪندي مسلمان ٿيو. ٻيو رايو هي آهي ته هن جي مسلم شناخت بعد ۾ بنگلاديش ۾ اسلامي رخ ۾ پيش ڪئي وئي آهي: لالڻ فقير پنهنجي شاعري ۾ ٻئي هندي ويدانتا ۽ اسلامي تصور استعمال ڪيا آهن، ان ڪري سندس شناخت ڪنهن هڪ مذهب ۾ قيد نه ٿي ڪئي وڃي بلڪه لالڻ فقير جي ٻائول فقيري روايت کي گڏيل (Shared/Mixed) سنگمي (Composite)، ٻٽي،(Hybrid) يا مليل جليليا ڪثرتي (Pluralist)پريڪٽس طور سڃاتي وڃي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي جو رابندر ناٿ ٽيگور هڪ ڪاسموپوليٽن مفڪر طور جنهن فڪر ۾ مذهبي، قبائلي، قومي، صنفي، ذات پات جون حدون رد ڪيون وڃن ٿيون، لالڻ فقير جي ان گڏيل، سنگمي ۽ پاڻ سموئڻ ۽ تڪثريت پسند شاعراڻي پيغام کي پنهنجي ڪاسموپوليٽن فڪري تخليقن ۾ پيش ڪيو آهي. ٽيگور پنهنجي ناول گورا (Gora) ۾ لالڻ فقير جي مشهور ڪلام جا شروعاتي لفظ “پڃري ۾ قيد اڻڄاتل پکي” (The Unknown bird in the Cage) کي استعمال ۾ آندو آهي. ان کان علاوه ٽيگور لالڻ فقير جي شاعري کي ڪٺو ۽ هٿڪري ان کي محفوظ ڪيو جيڪو ٽيگور ميوزيم ۾ رکيل آهي.
رابندر ناٿ ٽيگور کان علاوه برصغير ۾ جديد ترقي پسند ادب جو ٻيو وڏو آواز ۽ نالو آهي امرتا پريتم جو، جنهن جي سماجي تنقيدي شعور ۾ برصغير جي روحاني صوفي روايت جون جڙون شامل هيون. امرتا پريتم پنجابي ٻولي جي بابا گرونانڪ ۽ وارث شاهه جي روحاني صوفي ثقافتي ورثي جي جڙن ۾ رکيل هڪ وڏي شاعره طور ان کي پنهنجي ترقي پسند سياسي تخليقن ۾ نهايت خوبصورتي ۽ سگهاري آواز سان اظهاريو آهي. هن پنهنجي تحريرن ۾ مذهبي، ذات پات جي شناختن جي جبر، تشدد، نفرتن کي ڊاهي انسانيت ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي. مثال طور امرتا پريتم هندستان جي ورهاڱي دوران انساني نفرت، خونريزي ۽ عورتن سان ٿيل ڏاڍ ۽ انياءَ خلاف اندرجو آواز اٿاريندي وارث شاهه جي نالي سان شاهڪارڪويتا تخليق ڪئي آهي، اها هر دور جي ظلم ۽ جبر خلاف آواز آهي .وارث شاهه کي دانهن ڏيندي امرتا لکي ٿي.
اج آکان وارث شاهه نون
ڪتهون قبران وچون بول
ڪه اج ڪتاب عشق دا
ڪوئي اگلا ورق ڦول.
امرتا پريتم هير داستان جي تخليقڪار وارث شاهه کي ياد ڪندي ورهاڱي جي انساني الميي ۽ درد کان کيس آگاهه ٿي ڪري. امرتا پريتم ورهاڱي جون خونريزيون ۽ نفرتون ڏسي وارث شاهه کي محبت جي ڪتاب جو نئون ورق کولڻ، انسانيت جي ڪتاب کي وري کولڻ لاءِ پڪاري ٿي. انسانيت جو ڪتاب جيڪو نفرت ۽ ماراماري جي بجاءِ ماڻهن جي ڏکن ڏوجهرن کي ختم ڪري.
امرتا پريتم پنهنجي شاهڪار تخليقي آواز ۾ وارث شاهه کي تاريخ جو انسان دوست ۽ انساني اتحاد جي علامت ۽ ياد (Memory) طور ڪري اظهاريو آهي. خاص ڪري عورتن جي درد ۽ پيڙا کي آواز ڏيندڙ علامت طور کيس پڪاري ٿي ته جيئن هن هير جي درد ۽ پيڙا کي سمجهيو هو ايئن اڄ جيڪو ورهاڱي جي دوران عورتن سان جبر ٿي رهيو آهي ان کي ڏِس ۽ آواز ڏي،ڪو نئون ڏکن ۽ پيڙائن جو داستان تخليق ڪر.موجوده دور جي مذهبي نفرت ۽ نفاق جي سياست ۾ اسان کي امرتا پريتم، لالڻ فقير، ٽيگور، شاهه لطيف، وارث شاهه، سچل، جانڻ فقير، شيخ اياز ۽ ٻين اهڙن سوين تخليقي تنقيدي انسان دوست شعور رکندڙ خيالن ۽ بيانيي جي ضرورت آهي جيڪو ان نفرت کي ڪائونٽر ڪري، اسان کي برصغير جي صوفي ورثي جي مٽي مان ڳوهيل امرتا پريتم جهڙا ڪردار گهرجن. امرتا پريتم جهڙا تخليقي تنقيدي آواز جنهن نفرت ۽ نفاق، جنگ ۽ تشدد پسندي کي ڌڪاريو ۽ انسانيت کي عظيم سمجهيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *